• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏکيا گذرن راتيون ڏينهن

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
جانب سان لڳو نيهن
ڏکيا گذرن راتيون ڏينهن

نيڻن ۾ ننڊ حرام آهي
ياد پون وساريان جيئن

ٻاهر ٻهڪي اندر آراڻو
چاهت ۾ چپ چوريان ڪيئن

سک ڏيڻ لڳا سور
ڪاڻ لڳو اهڙو منجھ هيئن

نيسارا ٿي نيڻ وهن ٿا
بن بادل ڪي مينهن

پراون پري پنهنجن ڇڏيو
ڏاڏل ڳالھ ڪري ڪيئن​
 
جواب: ڏکيا گذرن راتيون ڏينهن

سٺي شاعري شامل ڪئي آهي توهان تمام ربردست هيٺيون سٽون آهن جيڪي ياد ڏيارين ٿيون زندگي جا گذريل لمحا ۽ محبت وارن جون ۽ توهان سٺي ونڊ آهي۔

نيڻن ۾ ننڊ حرام آهي
ياد پون وساريان جيئن

ٻاهر ٻهڪي اندر آراڻو
چاهت ۾ چپ چوريان ڪيئن
 
جواب: ڏکيا گذرن راتيون ڏينهن

سٺي شاعري شامل ڪئي آهي توهان تمام ربردست هيٺيون سٽون آهن جيڪي ياد ڏيارين ٿيون زندگي جا گذريل لمحا ۽ محبت وارن جون ۽ توهان سٺي ونڊ آهي۔

نيڻن ۾ ننڊ حرام آهي
ياد پون وساريان جيئن

ٻاهر ٻهڪي اندر آراڻو
چاهت ۾ چپ چوريان ڪيئن

سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔ وسلام
 
جواب: ڏکيا گذرن راتيون ڏينهن

ادا ڪهڙي جانب ڏک ڏنا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جانبن جو ته ڪم ئي آهي ڏکائڻ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ڪافي ڏينهن کانپوء ڏاڏل جي خوبصورت شاعري

لاجواب
 
جواب: ڏکيا گذرن راتيون ڏينهن

شاعري خوبصورت هجي يا نه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر خيال ڀلا لڳا۔۔
 
جواب: ڏکيا گذرن راتيون ڏينهن

ادا ڪهڙي جانب ڏک ڏنا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جانبن جو ته ڪم ئي آهي ڏکائڻ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ڪافي ڏينهن کانپوء ڏاڏل جي خوبصورت شاعري

لاجواب

جي سائين سور ته آهن جنهن جنهن کي جاني بڻايو تنهن سور ئي ڏنا آهن پوءِ اها دنيا هجي يا آخرت بس فرق اهو آهي ته دنيا جا سور آخرت  آخرت جي بدلي دنيا سور آهي ۔
وسلام
 
Back
Top