چرين جي اسپتال جي ڀرسان هڪ ڍنڍ هئي، جتي هڪ ماڻهو صبح جو سوير ڪُنڍي پاڻيءَ ۾ وجهي، ڏور هٿ ۾ جهليو، ڪناري تي ويٺو هو. اسپتال جو هڪ چريو پنهنجي ڪوٺيءَ جي دريءَ مان ان ماڻهو کي ڏسي رهيو هو. جڏهن سانجهي ٿي ته اهو ماڻهو پنهنجا ٽپڙ ويڙهي پٺتي موٽيو. جڏهن اسپتال جي ڀرسان لنگهيو، ته چريي سڏ ڪري پڇيس:
"تو اڄ سڄو ڏينهن اتي ڇا پئي ڪيو؟"
"مڇيون ٿي ڦاسايم" شڪاريءَ جواب ڏنو
"گهڻيون ڦاسايئه؟" چريي وري پڇيس
"هڪ به نه." شڪاريءَ جواب ڏنو
چريي چيس، "ته پوءِ تون به هن اسپتال ۾ ڇو نٿو اچين."