سنڌ سلامت ۽ 2000 ميمبرس جو ساٿ

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 آڪٽوبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جي سموري انتظاميه ۽ سنڌ سلامت جي سموري ساٿ کي فورم جي 2000 ميمبرن جي تڪميل تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ مان فورم جي هڪ سال کانپوء شامل ٿيس ۽ ڏسيندي ئي ڏسندي سنڌ سلامت انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ماڻهن جي محبوب ويب سائيٽ بڻجي وئي۔ فورم کي ڪامياب بنائڻ ۾ انتظاميه ۽ ميمبر دوستن بي لوث خدمتون انجام ڏيندي سنڌي ماڻهن جي هن اوطاق کي اهڙو سهڻو بڻايو آهي جو سنڌ سلامت ڄڻ ته اسان لاء لازم بڻجي وئي آهي۔

    سنڌ سلامت جا پراجيڪٽ هجن يا سنڌ سلامت ٽيوب، سنڌ سلامت جي ڊزائن شاعري هجي يا سنڌ سلامت ڪيلينڊر، سنڌ سلامت ڪتاب گهر هجي يا سنڌ سلامت جون سنڌي شخصيتون سڀ ڪم گهڻو ساراهيا ويا آهن۔

    هن سفر ۾ ڪي لاها ۽ چاڙها به ايندا رهيا، ڏکيائون ۽ چيلينجز به آيا پر اسان جي دوستن خوب نڀايو۔ مان خاص طور تي فورم جي منتظم اعلى ادا رشيد سمون، سرپست اعلى سائين نثار ناز، نائب منتظمين اسان جي هر دل عزيز علي ظفر ۽ سائين نثار ابڙو، ٽيڪنيڪل ٻانهن ٻيلي ادا عامر ضياء چارڻ سان گڏ ايڊيٽر دوستن، مولوي رحيم بخش، فقير وحيد ڦلپوٽو ، اسد مست ۽ سڀني مانورن ميمبرس کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو۔ هن موقعي تي اسان جي تمام سٺي ميمبر جنهن تمام سٺا ليک شيئر ڪيا ممتاز علي وگهيو کي پڻ سلام پيش ڪندس جيڪو هاڻي خبر ناهي ڇو اسان جي ساٿ ۾ شامل ناهي۔

    سنڌ سلامت جي هن محبتي ميڙ ۾ ساٿ ڏيندڙ ، ڏک سک ۾ شريڪ رهندڙ، سڏ ۾ سڏ ڏيندڙ سڀني دوستن جون مهربانيون جن هن فورم کي پنهنجو ۽ سنڌي قوم جو ترجمان سمجهي پنهنجو وقت ارپيو آهي۔ سنڌ سلامت هاڻي هڪ انٽرنيٽ جو فورم ئي نه پر دوستن جي مالها بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ دوست هڪ ٻئي سان نه صرف ملن ٿا ۽ سور سلن ٿا پر ڏک سک ۾ هڪٻئي جا ساٿي بڻجن ٿا۔ [/JUSTIFY]

    محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو
    انهيء جي ويڙهي پاڻهي ايندو بادشاهه
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت ۽ 2000 ميمبرس جو ساٿ

    ادا سليمان! لک لک واڌايون اوهان سميت سموري سٿ کي ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جا 2000 رڪن سنڌ سلامت جي سونهن آهن جن پنهنجين لکڻين ۽ ڪاوشن سان سنڌ سلامت کي ان قابل ٺاهيو آهي جو اڄ اسين سنڌ سلامت جي لائبريري ۾ موجود سنڌي ادب، موسيقي، شاعري ۽ سائنسي مواد تي فخر ڪري سگهونٿا ۔۔۔

    جيتوڻيڪ سهڻي سليمان سڀني اهم دوستن جا نالا کنيا آهن پر پنهنجو نالو نه ورتو آهي، آ موقعي جي مناسبت سان کيس سلام ڪندس ته هو سنڌ سلامت جي جان آهي ۔۔۔۔ هون ته سنڌ سلامت جا سڀ دوست تمام قربائتا، ڪارائتا، همدرد، قابل ۽ سچا سهنا ساٿي آهن جن جي ڪا ڳالهه ڪرڻ جهڙي ناهي ۔۔۔

    اميد ٿا ڪريون ته سنڌ سلامت تي ايندڙ هر رڪن پنهنجي اهميت ۽ حيثيت مطابق سنڌ ۽ سنڌيت جي خدمت ۾ پاڻ مڃائيندو ۽ سنڌ سلامت جي هن اوطاق کي پنهنجن خيالن، ويچارن ۽ لکڻين سان سيگاريندو رهندو ۔۔۔

    کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچيان،
    تن ۾ تونس پرين جي، پيان نه ڍاپان،
    جي سمنڊ منهن ڪريان، ته سرڪيائي نه ٿئي۔

    اچو ته سنڌ جي خدمت کي پنهنجو ايمان سمجهي ڪريون ۽ سنڌ سنڌيت جو مان مٿاهون ڪريون،

    هلندي هوت پنهل ڏي کهجن کي کوٽيون۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ۽ 2000 ميمبرس جو ساٿ

    ادا سليمان بلڪل سنڌ سلامت اسان جي محبوبه ويب سائيٽ آھي، هون ته انٽرنيٽ جي دنيا ۾ الاھي سارا سوشل نيٽورڪ آھن، پر هن سهڻي اڱڻ سنڌ سلامت جي ڳالھ ئي نرالي اھي، هت هر دوست جو مسعلو منٽن ۾ حل ٿي وڃي ٿو ۽ جيتري ڄاڻ دوستن وٽ آھي اُھي اسان سان شيئر ڪن ٿا، ، ڪجھ ٽيڪنيڪل مسعلن جي وجھ سان سنڌ سلامت ڪجھ عرصو بند رهيو ته ڪجھ دوست ناراض پڻ ٿيا، پر اسان جي انهن دوستن کي مولا سائين وڏي زندگي عطا فرمائي جيڪي هن سهڻي فورم کي هلائڻ ۾ ڪم ڪن ٿا، مان نالا وٺڻ پسند ڪندس جن ۾
    سائين رشيد سمو، ادا علي ظفر، سائين نثار ابڙو، سائين سليمان وساڻ سائين نثار ناز، انهن جو هن سروس کي هلائڻ ۾ بهترين هٿ، اھي،،، اڄ تمام گھڻي خوشي محسوس پئي ٿئي جو پنهنجي سنڌڙي جا 2000 سنڌي هن سھڻي اڱڻ تي گڏ ٿيا آهن، مان سنڌ سلامت جي سڄي سنگت کي مبارڪباس پيش ڪيان ٿو، مهربانيون
    پيار منجھان“ عرفان ديشي۔
     
  4. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: سنڌ سلامت ۽ 2000 ميمبرس جو ساٿ

    ها ادا سليمان توهان سچ ٿا چئو ته سنڌ سلامت سنڌي ٻولي جو هي هڪ سٺو پليٽ فارم آهي جنهن جي ڪري تمام سٺا موضوع پڙهڻ لا ملن ٿا جنهن ۾ معلومات گهڻي هوندي آهي اهو سچ آهي ڇو جو برساتن کانپو سنڌ سلامت فورم جي سرور ۾ ڪم هلي رهيو هو ته ڏاڍي بيچين دل هئي سنڌ سلامت لا جيئي سنڌ سلامٽ۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت ۽ 2000 ميمبرس جو ساٿ

    هڪ دفعي پنهنجي سنگت سان ڳوٺ ۾ ويٺو هيم۔۔ سنگت ۾ هڪ نئين ماڻهون جو تعارف ڪرائيندي ادا امتيار چنا چيو ته ادا کي توهان سان ملڻ جو ڏاڍو اشتياق هيو۔۔ نئين دوست جي چهري تي ڳاڙهاڻ هئي ۽ کيس مون سان ملندي جهڙوڪ فخر ٿيندو هجي۔۔۔ مون ذهن تي زور ڏنو ته به ياد نه آيو ته ڪو اڳ ساڻس مليو هجان۔۔۔ مون کي الجهن ۾ ڏسندي نئين دوست چيو ته ۔۔”ادا مان ممتاز چنا آهيان پاڻ پهريان نه مليا آهيون۔۔ پر توهان کي مان ان ڪري سڃاڻان جو مون کي امتياز چنا سنڌ سلامت بابت ٻڌايو هيو ۔۔ سنڌ سلامت جو باقائده ۽ روزانو ڏسڻ لاءِ مون پنهنجي گهر ۾ به نيٽ جو ڪنيڪشن ورتو آهي ۔۔۔ ۽ سچي به مون کي سنڌ سلامت جي سائيٽ ئي نيٽ تي ويهڻ تي مجبور ڪيو آهي۔۔ هيتري بهترين سائيٽ جي خالق بابت خبر پئي ته هتان سيتاروڊ جو آهي ته تمام گهڻي حيرت ٿي ۔۔ ان لاءِ هر وقت امتياز صاحب کي چوندو آهيان ته ادا رشيد سان ملائجان ضرور۔۔ اڄ توهان سان ملي خواهش پوري ٿي۔۔۔“
    مون کيس چيو ته ”پر توهان ته سنڌ سلامت تي اڃان ميمبر ئي نه ٿيا آهيو۔۔۔ “
    چيائين ۔۔”ان لاءِ ته امتياز کي به ڪئي دفعا چيو اٿم پر کيس به ايتري ڄاڻ نه آهي۔۔ ٻيو ته پاڻ کي سنڌي لکڻ ڪاٿي ٿي اچي۔۔ بس اسان ته دوستن جي ڪچهرين ۽ محبت ڀريل ليکن ۽ معلومات حاصل ڪرڻ ۾ ئي خوش آهيون۔۔۔“
    مون کيس چيو ته۔۔۔”ادا سنڌ سلامت تي ايندڙ هرڪو رڪن اڳ ۾ سنڌي لکڻ جو ايترو عادي نه هيو ۔۔۔ پر آهستي آهستي لکڻ کان پوءِ ئي سنڌي لکڻ سکيو آهي۔۔۔ توهان پهريان ٿورو لکو ته سهي۔۔۔ ان کان پوءِ توهان پاڻ ئي لکڻ سکي ويندو۔۔۔“
    اڄ ادا سليمان جي هن موضوع تي نظر پئي ته ان ڳالهه جي خوشي ضرور ٿي ته اسان 2000 جو انگ به عبور ڪيو آهي پر افسوس پڻ ٿيو ته انهن انگن جو گهڻو حصو بس رڪنيت تائين ئي محدود آهي۔۔۔ ڪافي ته منهنجي دوست ممتاز چنا وانگر بس مهمان طور ئي محدود آهن۔۔۔ پنهنجي طرفان پوري پوري ڪوشش آهي ته سنڌ سلامت کي کليل رکجي ۽ آسان بڻائجي۔۔۔ ان کانسواءِ فورم تي سنڌي لکڻ ۽ سکڻ جو ڪم آسان تر هجي ان باوجود به اسان ان ۾ ناڪام ويا آهيون۔۔۔ ايترن رڪنن مان صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا رڪن ئي آهن جيڪي لکن ٿا ۽ تحريرن تي پنهنجي راءِ موڪلين ٿا۔۔۔
    سنگت سان تفصيلي ڪچهري کان پوءِ جڏهن موڪلايوسين ته ادا ممتاز چنا منهنجو هٿ پڪڙي ٿورو پاسي تي ٿيندي چيو۔۔ ”سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جي پرچارڪ لاءِ توهان جي ڪيل ڪم جي جيتري تعريف ڪريان اوتري گهٽ آهي۔۔۔ افسوس جو مان ايترو قابل نه آهيان جو توهان جي ان ساٿ ۾ شامل ٿي پاڻ تي رکيل سنڌ امڙ جو قرض لاهيان پر توهان دوستن جي هڪ طرح سان مدد ڪري سگهان ٿو۔۔۔“ پاڻ کيسي مان هٿ ڪڍي منهنجي هٿ تي 5 هزار روپين جو نوٽ رکندي چيو ۔۔ ”مون کي پڪ آهي ته سنڌ سلامت تي ايندڙ ڪافي سارو خرچ توهان کي ڀرڻو پوندو هوندو۔۔ ته مان هن طرح توهان سان ساٿ ڏئي سگهان ٿو۔۔۔“
    مون دوست جي جذبي کي قدر جي نگاه سان ڏٺو ۽ معزرت وٺندي کيس رقم واپس ڪئي ۽ چيم۔۔۔”منهنجا دوست اسان کي رقم جي نه پر اهڙن دوستن جي تمام گهڻي ضرورت آهي جيڪي اسان سان گڏ هلن۔۔ پنهنجا خيال ونڊن ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌيات جي پرچارڪ ۾ حصو وٺندي پنهنجو ڪردار نڀائين۔۔۔ “
    دوستو اسان جي دوست ممتاز چنا سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي لاءِ 500ڪاپيون خريد ڪرڻ جي پڻ آڇ ڪئي آهي۔۔۔
    سڀ ڳالهيون سون پر اسان کي هن وقت انگن جي نه پر درجن کن ئي صحيح انهن دوستن جي ضرورت آهي جيڪي سنڌ سلامت تي لاگ ان ٿي پنهنجا خيالن جو اظهار ڪندي فعال رڪن ثابت ٿين۔۔۔
     
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سنڌ سلامت ۽ 2000 ميمبرس جو ساٿ

    [JUSTIFY][JUSTIFY][JUSTIFY]سنڌ سلامت جي سڄي انتظاميه جي جيتري به تعريف ڪجئي گهٽ آهي،انهن پنهنجي محنتن سان هن فورم کي ايڏو ته ڪامياب بنايو آهي جو اسان جي سنڌ جا نواجون چاهي ميمبر آهن يا نه پر جڏهن به ڪمپيوٽر کولين ٿا ته هن فورم جو ڀيرو ضرور ڀرين ٿا۔قليل وقت جي اندر ميمبرشپ 2000 کان مٿي ٿئي وڃڻ ڪا معمولي ڳاله نه آهي جڏهن ته فيس بوڪ ۽ ٻيا ڪيترائي ان قسم جا فورم ميدان ۾ موجود آهن۔شابس آهي ايڍمين ۽ ٻين انتظاميه کي جن بغير ڪنهن مالي امداد جي پنهنجي کيسن مان خرچ ڪري هن فورم کي تمام گهڻي اوچائي ته پهچايو آهي۔وقت به وقت اسان ادا رشيد کي عرض ڪيوسين ته فورم جا معملات هلڻ لاء اسان کان ۽ ٻين ميمبرن کان ڪا مدد وٺي۔هنن جو هميشه اهو جواب هوندو هو ته توهان جي مهرباني،انشاالله هئي فورم بغير ڪنهن ٻئي جي مالي امداد جي هلندو رهندو،بس توهان اسان جو ساٿ ڏيو ۽ سٺي ۽ بامعني معلومات هن فورم تي ونڍ ڪيو ته ڄڻ توهان هن محبتي اڳڻ جي خدمت جو حق ادا ڪيو۔

    اسان کي هن فورم جي باري ۾ ڪا به خبر نه هئي ۽ نه ڪٿان هن جي باري ۾ ٻڌو هئوسين۔هڪ ڏينهن سنڌ لائبريري جي سائيٽ کي کوليوسين تڏهن پهريون ڀيرو هن فورم جي باري ۾ اسان کي خبر پئي۔ٍجڏهن هن سائيٽ کي کوليوسين ته دوستن جون محنتون ڏسي دنگ رهجئي وياسين ۽ اسان اهو محسوس ڪيو ته اسان جا سنڌي به هاڻي ڪمپيوٽر جي فليڊ ۾ تمام گهڻو وڌي ويا آهن۔سچ پڇو ڏاڍي خوشي ٿئ۔مين پيج تي لکيل هو ته اوهان ميمبرن کي اسلام عليڪم چئي پهنجو تعارف ڪرايو۔اسان کي خبر ئي نه هئي ته اسلام عليڪم ڪهڙي انداز ۽ ڪٿي لکيو وڃي۔ڪمپيوٽر جي به ايڏي گهڻي ڄاڻ ۽ خاص طور سنڌي ۾ ڪيئن لکيو وڃي نه هئي۔ڪجه ڏينهن ته خاموش تماشين وانگر هن فورم جي ليکين مان لطف انداز ٿيندا رهياسين بغير ميمبر ٿئي ۽ تعارف ڪرائي۔هڪ ڏينهن ادا ڦلپوٽو فقير سان انهنجو تيلفون نمبر جيڪو هميشه انهن جي ڪمينٽس جي هيٺان لکيل هوندو اهي۔اسان انهن سان رابطو ڪيو ۽ پنهنجي مٿين پرابلم ٻڌائي،سائين اهڙي ته سٺي نموني رهنمائي ڪئي جو نه رڳو اسان هن فورم جا ميمبر ٿئي ويا سين پر سنڌي فونٽس ۾ لکڻ به سکي وياسين۔سائين ڦلپُوٽو صاحب توهان جا لک لائق ،پويان الفاظ اسان ادا عرس پريو جي ڪمينٽس مان کنيا۔شروع شروع ۾ جڏهن اسان جڏهن ڪو ليک لکندا هئاسين ۽ پيسٽ ڪندا هئاسين ته اهو نه ٿيندو هئو ۽ لکي جي ايندو هو ته اوهان وري لاگ ان ٿيو يا پيج کي ريفريش ڪيو ۔جڏهن اسان ايئن ڪندا هئاسين ته سڄو لکيل مضمون مٽجي ويندي هئو ۽ اسان جي محنت ذايعا ٿئي ويندي هئي۔ڏاڍو ڏک ٿيندو هئو۔اسان پهنجو اهو مسئلو هن فورم تي پيش ڪيو دوستن ڪافي ساري معلومات ان بابت ڏني۔ادا رشيد سمون صاحب باقائدا پريٽڪل انداز م آسان کي اسان جي مسئلي جو حل ٻڌايو ۔ان تي عمل ڪرڻ سان الحمدالله وري ان قسم جو مسئلو پيدا نه ٿيو۔سائين رشيد سمون صاحب توهان جي مهرباني۔ان طرح ادا سليمان وساڻ ۽ ادا نثار ابڙو صاحب به وقتن به وقتن اسان جي رهنمائي ڪندا رهيا۔ادا رشيد جو اهو چوڻ سچ اهي ته 2000 ميمبرن مان چند ميمبرئي پنهنجون تحريرون هن فورم جي نظر ڪن ٿا يا ڪمينٽس لکن ٿا۔جيئن ته هي فورم اسان سڀني جو آهي انڪري اسان سڀني کي هن فورم کي ٽائيم ڏيڻ گهرجي ۽ ليک لکي هن جي سونهن ۾ اضعافو ڪرڻ گهرجي۔ضروري ته نه آهي توهان ڪهاڻيون ۽ شاعري لکو۔توهان پنهنجي زندگي جا خوبصورت ۽ دلچسپ واقعا ۽ مشاهد ونڍ ڪيو،توهان پنهنجي اردگرد رهڻ وارن جو مشاهدو ڪر ي ان جي باري ۾ لکو۔جيڪڏهن توهان ڪي ملڪ،شهر ۽ ڳوٺ گهميا آهن ته ان جي باري ۾ لکو۔مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ يا ٻه ليک يا ڪمينٽس هر ميمبر کي لکڻ گهرجن انطرح اسان هن محبتي اوطاق جو حق ادا ڪري سگهنداسين۔اميد ته اسان جي گذارش توهان جي دل ۾ جڳه وٺندي ۽ توهان پنهنجا ليک هن فورم جي زينت بنائيندا۔توهان سڀني جون مهربانيون۔هميشه خوش رهو۔
    [/JUSTIFY][/JUSTIFY][/JUSTIFY]
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت ۽ 2000 ميمبرس جو ساٿ

    بيحد خوشيء جي ڳالهه آهي جو اسان جي فورم تي ايترا سارا سنڌي پيار ۽ محبت جي پيچ ۾ سمائجي اسان جي هن اوطاق جي سونهن بڻيا سائين محمد سليمان جن جي مهرباني جو پاڻ فورم جي هر پهلو تي نظر رکن ٿا ڪجهه چند ساٿي آهن جيڪي فورم تي وڌيڪ متحرڪ رهن ٿا ڪجهه دوست واقعي فقط ميمبر ٿيڻ تائين محدود ٿي ويا آهن ليڪن پوء به اها خوشي آهي ته هر روز ڪجهه مستقل دوست ساٿ نڀائي رهيا آهن ڪافي دوست جن جون بهترين تحريرون آهن جن ۾ محترم سائين نثار ابڙو ، سائين عبدالرشيد ، سائين نثار ناز ، سائين محمد سليمان ، سائين عبدالوحيد ڦلپوٽو ، سائين ممتاز وگهيو ، سائين ڏاڏل ، سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب، سائين علي علي صاحب ۽ ٻيا به ڪيترائين دوست آهن جن جون تحريون معلومات سان ڀرپور آهن سائين عبدالرشيد جن جي شڪايت درست آهي ته مستقل دوست گهٽ آهن ليڪن انجا ڪجهه سبب هي به ٿي سگهن ٿا ته لوڊ شيڊنگ جو مسئلو ، سنڌي سست هئڻ جو مسئلو، نو جوانن جي لاپرواهي جو مسئلو وغيره سو انشآء الله وقت گذرڻ سان بهتر ٿيندو رهندو جيئن نون ساٿين ۾ ڪافي بهترين دوست مليا آهن ائين اميد ڪجي ٿي مستقبل ۾ اڃا وڌيڪ محنتي ۽ جوڌا جوان هن محفل جي زينت ٿيندا جيڪي ٻين کي به چست بنائڻ جو سبب ٿيندا۔
     
  8. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت ۽ 2000 ميمبرس جو ساٿ

    لک لک مبارڪون سنڌ سلامت جا 2000 ميمبرن جنهن سنڌ سلامت جو سٿ ڏنو
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  9. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ سلامت ۽ 2000 ميمبرس جو ساٿ

    سنڌ سلامت جي سموري انتظاميه ۽ سنڌ سلامت جي سموري ساٿ کي فورم جي 2000 ميمبرن جي تڪميل تي کوڙ ساريون واڌايون۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان ڏينهن جڏهن سچل ڳوٺ ۾ الطاف شيخ سان شام ملهائي وئي ته ان ۾ سليمان وساڻ سنڌ سلامت جي پوري بايو گرافي پيش ڪئي ته مون سان گڏ عبدالرشيد به حيرت ۾ پئجي ويو ته شاباس هجي سليمان وساڻ کي جو سڄي بايو گرافي پيش ڪئي جيڪا اسان کي ياد به نه آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سليمان وساڻ پنهنجي ذميواري پوري ايمانداريء سان نڀائي رهيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حقيقت به اها آهي ته سنڌ سلامت ۾ جيڪا تيزي آئي اها سليمان وساڻ جي ڪري آئي، هر پروجيڪٽ ۾ ذاتي دلچسپي وٺي ڪم ڪندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دوستن کي همٿائڻ هجي يا ڪنهن سان سنڌ سلامت بابت ڊسڪس ڪرڻو پاڻ هلي وڃي يا ٽيليفون تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهه ٻولهه ڪندو آهي۔۔۔۔۔۔۔

    اانتظاميه جي ٻي ٽيم به پنهنجو ڪم دل وجان سان ڪري رهي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين غلام مصطفي ميمڻ جو اهو هڪ بهترين مشورو آهي ته ٿورو ئي سهي پر پنهنجو ليک لکيو وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته صرف وزٽ ڪندڙ دوست هاڻ ڪجهه نه ڪجهه لکڻ شروع ڪندا۔۔۔۔

    آخر ۾ سليمان وساڻ جو هي شعر ئي عرض ڪندس

    محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو
    انهيء جي ويڙهي پاڻهي ايندو بادشاهه


    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو