• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مشتاق ڦُل مشتاق جي پارت ٿئي، مشتاق سان ڪو ته پرين اقرار ڪيو هوندئي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ پياري شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي شاعريء جي ڪتاب ”دل ته چوي ٿي” مان هڪ چونڊ غزل پيش آهي۔​

پنهنجي الهڙ جوانيءَ ۾ ڪو يار ڪــــيو هــــوندئي
سو ڀاڳ ڀريو هوندو جنهن سـان پيار ڪيو هوندئي

ڪـــــاوڙ ۽ وڏا دڙڪــــا، روئــڻ ۽ رُســــڻ، پرچــــڻ
ڪــنهن سـان ته ڪڏهن اهڙو تڪرار ڪيو هونـدئي

بارش ۾ ڀِڳــــو هوندين، راتين جــــو رُليو هـــونــدين
۽ پــــيار جـــــو ڪــــــو رستو اختيار ڪيو هوندئي

ڪـــــي کوڙ چـــــريا ماڻهو رستـي ۾ مليا هوندئي
ڪنهن سان ته محبت جو اظهار ڪيو هــوندئي

اکڙين جي اشارن سان لـــک قيد ڪـــــيا هونـدئي
ڪو چاڪ ته ڪو جاني بيمار ڪيو هونـدئي

مشــــتاق آهــــي تنهنـــجو مشتاق جي پارت ٿئي
مشتاق سان ڪو ته پرين اقرار ڪيو هونــــدئي

s4yixk.jpg
 
جواب: مشتاق آهي تنهنجو، مشتاق جي پارت ٿئي، مشتاق سان ڪو ته پرين اقرار ڪيو هوندئي

واه واه واه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اکڙين جي اشارن سان لک قيد ڪيا هوندئي ،ڪو چاڪ ته ڪو جاني بيمار ڪيو هونـدئي واه سڄي ڳالهه ته انهن اکِڙن جي آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لاجواب بهترين
 
جواب: مشتاق آهي تنهنجو، مشتاق جي پارت ٿئي، مشتاق سان ڪو ته پرين اقرار ڪيو هوندئي

مهرباني ادا عرس

قهر جي شاعري آهي ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي۔ اکيون ئي ته آهن جيڪي ڪيمرا جو ڪم ٿيون ڪن۔

اکين کي آهين عجب جهڙيون عادتون
 
جواب: مشتاق آهي تنهنجو، مشتاق جي پارت ٿئي، مشتاق سان ڪو ته پرين اقرار ڪيو هوندئي

تمام خوبصورت غزل ۽ خوبصورت ڊزائين
 
جواب: مشتاق آهي تنهنجو، مشتاق جي پارت ٿئي، مشتاق سان ڪو ته پرين اقرار ڪيو هوندئي

عاشقن جي اندر ۾ ٽانڊا ٻاريندڙ شاعري آهي۔ خصوصا انهن جي لا جيڪي انتظار ۽ بي وفائي جو شڪار ٿيا هجن ۽ حسرتون سندن تقدير بڻجي ويئي هجي۔
 
جواب: مشتاق آهي تنهنجو، مشتاق جي پارت ٿئي، مشتاق سان ڪو ته پرين اقرار ڪيو هوندئي

ادا رياض گلال، سائين صغير جتوئي ۽ عمران درويش سومرو جون مهربانيون جن حوصلا افزائي ڪئي۔
 
دوستو سلام

سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ پياري شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي شاعريء جي ڪتاب ”دل ته چوي ٿي” مان هڪ چونڊ غزل پيش آهي۔​

پنهنجي الهڙ جوانيءَ ۾ ڪو يار ڪــــيو هــــوندئي
سو ڀاڳ ڀريو هوندو جنهن سـان پيار ڪيو هوندئي

ڪـــــاوڙ ۽ وڏا دڙڪــــا، روئــڻ ۽ رُســــڻ، پرچــــڻ
ڪــنهن سـان ته ڪڏهن اهڙو تڪرار ڪيو هونـدئي

بارش ۾ ڀِڳــــو هوندين، راتين جــــو رُليو هـــونــدين
۽ پــــيار جـــــو ڪــــــو رستو اختيار ڪيو هوندئي

ڪـــــي کوڙ چـــــريا ماڻهو رستـي ۾ مليا هوندئي
ڪنهن سان ته محبت جو اظهار ڪيو هــوندئي

اکڙين جي اشارن سان لـــک قيد ڪـــــيا هونـدئي
ڪو چاڪ ته ڪو جاني بيمار ڪيو هونـدئي

مشــــتاق آهــــي تنهنـــجو مشتاق جي پارت ٿئي
مشتاق سان ڪو ته پرين اقرار ڪيو هونــــدئي

s4yixk.jpg
واه لاجواب
 
Back
Top