• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خوبصورت شاعر ۽ ٽي وي پروڊيوسر محترم سميع بلوچ کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران مشهور گيت تنهنجي ياد جي وري آ وير جي تخليقڪار، خوبصورت شاعر، ٽي وي پروڊيوسر ۽ هدايتڪار محترم سميع بلوچ صاحب کي سندس جنم ڏينهن تي کوڙ ساريون واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ دعا آهي ته پاڻ زندگيء جون انيڪ بهارون مسڪرائيندي ۽ پنهنجي پيارن سان خوش رهندي گذارن۔

16722b.jpg

سميع بلوچ جو پورو نالو سميع الله بلوچ آهي، سندس پيدائش 19 آڪٽوبر 1955 ۾ ڳوٺ حاجي عطا محمد لنڊ ضلع خيرپور ۾ ٿي. مئٽرڪ سيٺارجا هاءِ اسڪول ۽ انٽرميڊيئيٽ : فيڊرل گورنميٽ ڪاليج اسلام آباد مان، بي اي آنرس ، ايم اي انٽرنيشنل رليشنز شاهہ لطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ڪيائون.

هن وقت پاڻ پروڊيوسر/ڊائريڪٽر ڊراما ۽ موسيقي؛ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي رهيا آهن. سميع بلوچ پاڪستان ٽيليويزن جي اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا سينٽرن تان بہ ڪافي اردو بلوچي براهوي پنجابي ڊراما ۽ مختلف پروگرام موسيقي جا بہ پيش ڪري چڪو آهي،سميع بلوچ 1990 ۾ جپان ٽيليويزن تي پروڊڪشن جي ٽريننگ بہ حاصل ڪئي.

سميع بلوچ 1977 کان شاعري جي حوالي سان سڃاڻپ پئدا ڪئي،سندس ڪيترائي ڪلام سنڌجي مقبول فنڪارن ڳايا آهن جن مان سندس ڪجهہ ڪلامن بيحد مقبوليت ماڻي جن ۾

(1) تنهنجي ياد جي وري آوير جنهن ڪلام سان سرمد سنڌي مقبوليت ماڻي ۽

(2)هوءَ ڪيڏي نہ بي چئي آ گهڻو مشهور آهن.

سميع بلوچ فوٽوگرافيءَ سان بہ دلچسپي رکندو آهي خاص طور تي پاڻ قدرتي منظرن جي فوٽوگرافي ڪرڻ پسند ڪندو آهي سندس فوٽوگرافيءَ جي تعريف جپان ٽيليويزن جي ڊائريڪٽرن بہ ڪئي.

سميع بلوچ پي ٽي وي تي نون فنڪارن کي متعارف ڪرائڻ کي پسند ڪندو آهي، سندس متعارف ڪرايل فنڪارن ۾ سرمد سنڌي، احمد مغل، راجہ مدثر هاليپوٽو تمام گهڻي شهرت ماڻي چڪا آهن

سميع بلوچ جي شاعريءَ جي مجموعو "خوابن جا خواب" جي نالي سان جلد منظر عام تي اچڻ وارو آهي. سندس شاعريء مان چونڊ غزل پيش آهي:

هوءَ ڪيڏي نه بي چئي آ
مونکي هيکل ڇڏي وئي آ
رات به مون سان رات رني آ
لوڪ چوي ٿو ماڪ پئي آ
هٿ ڪنگڻ چوڙيون ۽ خط
وئي مونکي نشانيون ڏئي آ
جڳ ۾ تنها مونکي ڇڏي هن
همدرديءَ جي هام هنئي آ
سميع تنهجي ساڀيان ڳولن
سپنن مون سان ڳالهه ڪئي آ
44382_1585029503864_5841629_n.jpg
 
جواب: خوبصورت شاعر ۽ ٽي وي پروڊيوسر محترم سميع بلوچ کي جنم ڏينهن جون واڌايون

محترم سميع بلوچ جن کي هن عاجز طرفان به سندن جنم ڏينهن جي نسبت سان دعائون آهن ته شال رب ڪريم کين پوري زندگي خوشيون نصيب فرمائي هميشه مسڪرائيندا رهن۔​
 
خوبصورت تخليقڪار ۽ پي ٽي وي جي پروگرام مينيجر سميع بلوچ کي سندس جنم ڏينهن تي سنڌ سلامت سٿ پاران واڌايون پيش ڪيون ٿا۔
 
Back
Top