توهان ۽ زندگي ۔۔۔۔۔۔۔۔!

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏19 آڪٽوبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ بادشاهه اعلان ڪيو ته ”ڪو اهڙو ماڻهون آهي جيڪو مون کي اهڙي هدايت ڪري جيڪا مون کي خوشي يا غم ٻنهي وقت ڪم اچي۔۔۔“
    ملڪ جا سمورا عقلمند سوچ ۾ گم ٿي ويا پر کين ڪا به اهڙي ڪهاوت يا نصيحت نه ملي جيڪا هڪ ئي وقت خوشي ۽ غم ۾ ٻڌائي سگهجي۔۔۔ آخرڪار انهن عقلمندن کي هڪ بزرگ جي خبر پئي ته ان وٽ ڪهي آيا۔۔۔
    پوري وارتا ٻڌڻ کانپوءِ بزرگ کين هڪ پرچي ڏني ۽ هدايت ڪئي ته بادشاهه کي چئجو ته اهڙي پريشاني ۾ جڏهن ڪو به حل نظر نه اچي ته هن پرچي کي کولي۔۔۔
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بادشاهه جي ملڪ تي پاڙيسري ملڪ ڪاه ڪري ڏني ۔۔۔ بادشاهه پنهنجي لشڪر کي گڏ ڪيو ۽ مقابلي جي لاءِ نڪتو۔۔۔ بادشاهه جو لشڪر بهادري سان وڙهيو۔۔ پر حملو ڪندڙ مڪمل تياري ڪري آيا هئا۔۔۔ ان ڪري بادشاهه کي ڪافي نقصان ٿي رهيو هيو۔۔ آخر بادشاهه سان موجود عقلمند ماڻهن کيس صلاح ڏني ته اسان جا ڪافي ماڻهون مارجي چڪا آهن۔۔ وڌيڪ لشڪر گهرائڻو پوندو۔۔۔
    بادشاهه صلاح تي عمل ڪيو پر پوءِ به دشمن جنگ تي حاوي رهندي پنهنجي لشڪر جو ڪجهه حصو گادي جي هنڌ تي حملي لاءِ موڪلي ڏنو۔۔۔ آخر بادشاهه جي رهيل سپاهه به مرڻ لڳي۔۔ ته بادشاهه کي پوئتي هٽڻو پيو ۔۔۔ هن لشڪر کي ٻن حصن ۾ ڪيو ۽ پاڻ سان گڏ ڪجهه فوجي کڻي واپس گادي جي هنڌ جي حفاظت لاءِ نڪتو۔۔۔
    اها خبر دشمن سپاهه کي پڻ پئجي وئي جن بادشاهه جي لشڪر جو پيڇو ڪيو۔۔ بادشاهه رستو تبديل ڪيو پر دشمن واپس نه هٽيو۔۔۔ آخر پهاڙن کي ڪراس ڪندي بادشاهه هڪ اهڙي هنڌ پهتو جتي رستو ختم ٿي چڪو هيو ۽ اڳتي وڏي هيٺاهين هئي ۔۔ مجبورن بادشاهه پاڻ سان گڏ ايندڙ سپاهه کي پهاڙن ۾ لڪڻ لاءِ چيو ۔۔
    بادشاهه جڏهن اڪيلو ٿيو ته کيس ان پرچي جو خيال ٿيو ۔۔۔ هن پرچي کولي ۽ ان کي پڙهيو جنهن ۾ لکيل هيو ته ۔۔۔ ”هي وقت به وگذري ويندو“
    بادشاهه انهن لفظن کي وري وري پڙهيو... اچانڪ جهڙوڪ کيس ڌڪ لڳو هجي.. ۽ هن جي وات مان نڪري آيو ته ..“يقينن هي وقت به گذري ويندو..” هو سوچڻ لڳو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي هو پنهنجي ديس ۾ خوشي خوشي حڪومت ڪري رهيو هو.. کيس ڪو به غم يا پريشاني نه هئي ۽ اڄ ساڻس وٽ ڪا به خوشي نه هئي... هو دشمنن کان لڪي ڀڄي رهيو هو.. جيڪڏهن خوشي جا اهي خوبصورت لمحا گذري چڪا هئا ته زندگي کي لاحق هي وقت به گذري ويندو..
    هن پس منظر ۾ دشمن جي گهوڙن جو آواز پاڻ ڏانهن وڌندي ٻڌو .. هن جبل تي مٿي چڙهڻ شروع ڪيو.. ڪافي مٿي اچي هن کي دشمن جو ننڍوڪجهه درجنن تي مشتمل هڪ جٿو پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو ... هن پنهنجي آسي پاسي ڏٺو ته کيس هڪ جاءِ ته رستو اهڙي طرح نظر جو اهو ٻن جبلن جي وچ مان ٿي گذريو...
    بادشاهه اشارن اشارن سان پنهنجي ساٿين کي مٿي جبل تي گڏ ڪيو ۽ انهن کي پنهنجي حڪمت عملي سمجهائي .. جنهن کان پوءِ پاڻ سميت ٻه درجن کن سپاهي ساڻ ڪري هيٺ لهي آيو..
    حڪمتِ عملي ڪم ڪيو ۽ دشمن جو ايندڙ لشڪر مٿين سپاهين طرفان اڇايل پٿرن جي هيٺان اهڙو ته نقصان کاڌو جو پوئتي موٽ کائڻ مناسب سمجهيو جتي بادشاهه پنهنجي مختصر سپاهه سان اڳ ئي تيار هو ۽ مٿن ڪڙڪي پيو..
    دشمن کي زير ڪرڻ کان پوءِ بادشاهه جو حوصلو وڌي چڪو هو ... هن پنهنجي ملڪ جي گادي واري هنڌ وڃڻ بجاءِ هڪ مختلف رستو اختيار ڪري جنگ جي ميدان ڏانهن رخ ڪيو..
    دشمن پنهنجي پٺيان حملي کان بي خبر هئا جڏهن بادشاهه پنهنجي طرفان ڀرپور حملو ڪري ڏنو... بادشاهه کي واپس ورندو ڏسي سندس سڀاهه ۾ جوش کاڌو ۽ جنگ ۾ تيزي ڏيکاري دشمنن کي شڪست ڏني...
    هڪ فاتح جي حيثيت سان جڏهن هو واپس پنهنجي تخت ڏانهن آيو ته سمورو لوڪ کين ڀليڪار ڪرڻ لاءِ رستن تي هو ... بادشاهه جي حق ۾ بلند بلند نعرا هيا.. هڪ وقت بادشاهه کي پنهنجي فتح تي غرور جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ هو سمجهڻ لڳو ته مان انتهائي بهادر ۽ عقلمند بادشاهه آهيان مون کي ڪوبه شڪست نه ٿو ڏئي سگهي.. پر اچانڪ کيس ان پرچي جو خيال ٿيو جنهن کي هن ٻيهر کولي پڙهيو جنهن تي لکيل هو ته “هي وقت به گذري ويندو”
    سندس منهن لهي ويو... ۽ هو سوچڻ لڳو جيڪڏهن هي وقت به گذري ويندو ته ان جو مقصد توهان وٽ ڪجهه نه رهندو.. نه شڪست توهان جي آهي نه فتح توهان جي آهي.. توهان ته فقط ڏسندڙ آهي .. هر شي گذري ويندي... هر شي فنا ٿي ويندي .. اسان ته فقط گواهه هونداسين... خوشيون اينديون ۽ گذري وينديون ... غم ايندا ۽ گذري ويندا..

    سو دوستو هن وقت جڏهن هي واقعو پڙهي رهيا آهيو .. اهو وقت به گذري ويندو... پنهنجي خوشي جي لمحن کي کٽي وٺو ۽ پنهنجي ڏکن ۽ پريشانين کي شڪست ڏئي وٺو .. جو اهو سڀ مستقل نه آهن... اهي سڀ وقت گذري ويندا..
    هي زندگي عارضي آهي ... سموريون خوشيون ۽ سمورا غم آخر هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندا.. جيڪڏهن ڪجهه رهجي ويندو ته اهي هونديون اسان جون نيڪيون ۽ ثواب جيڪي اسان پنهنجي خوشين جي ڏينهن ۽ غمن جي وقتن ۾ گڏ ڪيا هوندا.. جيڪي اسان کي دائمي زندگي جون هميشه جي لاءِ رهڻ واريون خوشيون ڏيندا.. انهن کي حاصل ڪيو ۽ حاصل ڪيو جو متان “هي وقت به گذري وڃي..”
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: توهان ۽ زندگي ۔۔۔۔۔۔۔۔!

    ادا رشيد سمون صاحب اسلام عليڪم۔بيشڪ هميشه وقت ساڳيو نه رهندو۔نه خوشيون دائمي رهنديون نه ئي وري ڏک۔ هر عروج کي زوال آهي۔ڏاهن جو چوڻ آهي ته خوشين تي تمام گهڻو خوش نه ٿيڻ گهرجي ۽ غم تي گهڻو رنج نه ڪرڻ گهرجي۔هر وقت گذري ويندو۔هر شئء فنا ٿيڻي آهي صرف الله پاڪ جي ذات کانسواء۔توهان جي ڪهاڻي پنهنجي اندر هڪ اصلاح جو پيغام رکي ٿي شل اسان ان پيغام کي صحيحي نموني سمجهي پنهنجي اصلاح ڪيون۔۽ هر شي کي دائمي نه سمجهون۔توهان جي مهرباني جو اڄ ڪالهه هيء اصلاح جو ڪم پنهنجي ذمي کئيون اٿو۔الله پاڪ توهان کي ان جو اجر ڏيندو آمين۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: توهان ۽ زندگي ۔۔۔۔۔۔۔۔!

    سائين مصطفى صاحب پسند ڪرڻ جا لک لائق۔۔۔ باقي جي منهنجي ٻن لفظن لکڻ کي ڪنهن سمجهي ورتو ته مان پاڻ کي ڀاڳ وارو ئي سمجهندس
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: توهان ۽ زندگي ۔۔۔۔۔۔۔۔!

    ڀاءُ عبدالرشيد، اوهانجي هيءَ ڪهاڻي نصيحت سان ٽمٽار ۽ اها ڳالهه مڃائڻ لئه ڪافي آهي ته هر شئي ۾ فنا آهي، خوشي هجي يا غم، وقت هميشه هڪجهڙو ناهي رهندو، انڪري اسانکي نه ته خوشين تي غرور ڪرڻ گهرجي نه غمن تي دل هارڻ گهرجي ۔۔۔

    مونکي ياد اچي ٿو ته اها ساڳي آکاڻي مون به ڪجهه وقت اڳ ونڊ ڪئي هئي ۽ اوهان ان تي پنهنجا خيال به ونڊ ڪيا هئا ۔۔۔ پر پوءِ به سٺيون آکاڻيون جيترا ڀيرا به پڙهجن اوترو ڀلو ۔۔۔

    مون واري موڪليل ساڳي آکاڻي

    لک ٿورا ۔۔۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: توهان ۽ زندگي ۔۔۔۔۔۔۔۔!

    الله عمل جي توفيق ڏي، آمين۔۔۔ بهترين سمجهاڻي
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: توهان ۽ زندگي ۔۔۔۔۔۔۔۔!

    بهترين شيئرنگ آهي

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو