سنڌ جو عوام ۽ تبديليءَ جا خواب

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2011۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    سنڌ جو عوام ۽ تبديليءَ جا خواب
    سنڌ جو عوام تيار ٿي وڃي سنڌ جي عوام جي تقدير بدلجڻ واري آهي!!! اهڙي قسم جا بيان ٻڌي اهي اٻوجهه ماڻهون جيڪي ملڪ جي خبرن مان واقف نه آهن. سندن دلين ۾ هڪ نئين اميد جاڳائي ويهن ٿا ته شايد ڪو مسيحو آيو آهي. مرحوم شاعر احمد فراز جو هڪ اردو شعر ياد اچي پيو ته: ڪِس قدر قَطحِ وفا هي ميري دنيا ۾ فراز. جو زرا هَنس ڪي بولي اُس ڪو مسيحا سمجهون. شايد سنڌ جو غريب ۽ محرومين جو شڪار ٿيل عوام لائوڊ اسپيڪر تي سندن تقدير بدلائيندڙن جا سياسي (وقتي) نعرا ٻڌي ٿو ته اپيڪر مان ايندڙ ان آواز کي اميد سمجهي ٿو ۽ ان تي يقين ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي. سنڌ جي عوام جي محرومين ۾ اهو نه وساري ته ڪجهه اهڙا سياسي ليڊر سندن تقدير بدلائڻ جا نعرا اڳي به هڻي چڪا هيا. پر جڏهن اقتدار جي ڪرسي سندن هٿ ۾ اچي ويئي ان کانپوءِ انهن ليڊرن سنڌ جي انهيءَ عوام جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ شروع ڪيا جنهن جي تقدير بدلائڻ جا وڏي واڪي بيان ڏئي چڪا هيا. هڪ طرح سان هو پنهنجي بيانن تي پورولهندي نظر اچي رهيا هئا ته هو سنڌي جي عوام جي تقدير بدلائيندا... تقدير ته بدلجي رهي هئي پر بهتريءَ کان ابتريءَ ڏانهن. اهي ليڊر سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻڻ جي لاءِ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جو اعلان ڪرن ٿا ۽ شديد عوامي رد عمل کان پوءِ اهڙن منصوبن کي في الحال منظر عام تان هٽايو وڃي ٿو. هلندڙ ڏينهن ۾ پنجاب جي حاڪم جو وڏو ڀاءُ سنڌ ۾ اچي همدرديءَ جي نانءَ تي سياسي تقريرون ڪرڻ جو سلسلو جاري رکي ويٺو آهي. سندس همدردي ميڊيا ۾ ڀلي قابل تعريف هجي پر بنيادي سطح تي اهو ڏسجي ته ڇا سياسي تقريرن مان عوام جو پيٽ ڀربو؟ ان ڳالهه کي سوچڻ جو وقت اسان جي سياستدانن هجي ها ته اڄ سياسي جلسن جلوسن جي جاءِ تي امدادي ڪئمپون قائم ٿيل هجن ها. سنڌ جي موجوده حڪومت به متاثرين جي ڏيک ويک ۾ ڪوتاهين جي ذميواريءَ کان آجي نه آهي. پر اتي ڪو سياسي جلسو به نه ڪري رهي آهي ان لاءِ پنجاب جي حاڪم جي وڏو ڀاءَ جي چونڊ مهم يعني (Election Camping) جو ڏيک ڏيندڙ سياسي جلسه ان ڳالهه کي وائکو ڪن ٿا ته هو سنڌ ۾ فقط همدرديءَ جي جذبي سان نه پر عوام کي اليڪشن لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ آيو آهي. خبرن ۽ حالات تي نظر رکندڙ هر ماڻهون ان ڳالهه کان شايد واقف هوندو ته هن وقت جي سياسي ميدان جي مچڻ جو اصل مقصد سينيٽ جي الڪيشن ۾ نمبر گيم آهي. جيڪا پنجاب جي حڪمرانن جي لاءِ پريشانيءَ جو سبب آهي. جيڪڏهن سينيٽ اليڪشن سندس مقرر وقت تي ٿي ته اڳئين حڪومت ۾ جيڪڏهن پنجاب جا حڪمران مرڪزي ۾ پهتا ته سينيٽ ۾ اڪثريت نه هئڻ سبب انهن کي ان شخص کي ئي صدر تسليم ڪرڻو پوندو جنهن کي هو جمهوريت لاءِ نقصان سمجهن ٿا. شايد اها ئي ڳڻتي کين بي چين ڪري رهي آهي ان لاءِ هو حڪومت کي ڪيرائڻ جي ڀرپور تيارين ۾ نظر اچي رهيا آهن. هڪ تجزيي موجب اهي امڪان هاڻي يقيني شڪل اختيار ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن مڪمل دٻاءَ ۽ ڀرپور احتجاجن جي باوجود مرڪزي حڪومت تي ڪو اثر نه پيو ته پنجاب جا حڪمران سندن مرڪزي ۽ صوبائي اسيمبلين مان استعفي ڏيندا. جنهن جي اشارو ڪجهه ڏينهن لوٽا گروپ (Unification Block) جي اڳواڻ ڊاڪٽر طاهر جاويد جي هٿا ڏياريل بيان ۾ ڏنو ويو هيو. پنجاب جي حڪمرانن جي سياسي بيانن جي وجهه سان مرڪزي حڪمرانن کي به جواب ڏيڻ لازمي ٿي پوي ٿو جنهن سبب سياسي ماحول ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيو وڃي. جنهن سبب ملڪ جا مسئلا، ٻوڏ متاثر عوام ۽ عوام سان ڪيل واعده اتي ئي اتي رهجي وڃن ٿا. پنجاب جي حڪمران جو وڏو ڀاءُ هن ڀيري ڪجهه وڌيڪ پر اميد نظر اچي رهيو آهي ۽ هر هر هو سنڌي جي عوام جي حقن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. پر کانئس ڪوئي سوال ڪرڻ وارو ڪونه آهي ته نوابشاهه ۾ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ کانپوءِ جڏهن هو لاهور پهچي ٿو ته اتي هو نون صوبن جي ڳالهه ڇو ڪري ٿو؟ سندس ٻِٽي سوچ عام ماڻهونءَ کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي ته ميان وڏي جو بيان شهر تبديل ٿيڻ ساڻ ئي تبديل ٿي وڃي ٿو جيڪڏهن هو حڪومت تبديل ٿي ته سندس همدريءَ جا دعوه ڪٿي هوندا!! سنڌ ۾ عام ماڻهون کي سندس پيٽ پالڻ جي لاءِ روزگار جي ڳولا کان بيزاري سياسي ليڊرن جي وقتي بيانن تي يقين ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿي ۽ اميدن جي آڌار تي جيئي الف ۽ جيئي ب جا نعرا لڳائن ٿا. جن کي هو ووٽ ڏئي سنهري ڪرسين تي اماڻن ٿا اهي سياسي جهيڙ جي اهم ميٽنگ ۾ ايترو ته مصروف ٿي وڃن ٿا ته جيئي جيئي جا نعرا هڻدڙ عام ماڻهونءَ کي سڃاڻڻ کان به انڪار ڪري ڇڏين ٿا. سياستدانن جي اهڙي رويي سبب عام ماڻهون مايوس ٿي سندس هر خواهش کي دفن ڪندي پنهنجي پيٽ گذر جي لاءِ جاکوڙ ۾ لڳي وڃي ٿو، ۽ ٻئي پاسي سياستدان سندن روايتي نورا ڪشتيءَ ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا. انهن ايئرڪنڊيشن روم ۾ ويٺل سياسي ليڊرن ڏانهن جڏهن ڪو غريب لاچار ٿي سندس گذارش جي لاءِ وڃي ٿو ته کيس صاحب ضروري ميٽنگ ۾ مصروف آهي جو روايتي جملو ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو ۽ 2 يا 3 ڪلاڪ انتظار ڪرڻ کانپوءِ هو پاڻ واپس ورڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. ميان وڏي جي سنڌ ۾ دورن جو سلسلو اڃان به جاري رهندو. جنهن جي ذريعي هو حڪومت مخالف سوچ کي هر هر هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ۾ سنڌ جي عوام کي خواب ڏيکاريندو. پر سوال ۽ گذارش اها آهي ته ڪو صحافي کائنس اهو سوال ضرور ڪري ته سنڌي جي عوام جي هزار مخالفت باوجود سندس ننڍ ڀاءَ يعني حاڪم اعلي پنجاب سندس موجوده پنجاب حڪومت ۾ ڪالاباغ ڊيم جي لاءِ بجٽ ڇو رکي؟؟ ۽ وڏي ڀاءَ سنڌ کي تقسيم ڪرڻ جي خلاف سنڌ جي عوام جي ڀرپور ردعمل کي نظر انداز ڪندي ٻين صوبن سميت سنڌ کي ڪنهن به طرح سان تقسيم ڪرڻ جو بيان هو بار بار ڇو ڏيئي رهيو آهي؟ ڇا ميان وڏو سنڌ جي عوام جي اها تقدير بدلائيندو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهي سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هنيو ويندو ۽ سنڌ جي عوام جي حقن جي لتاڙ ڪندي ڪنهن به طريقي سان سنڌ کي تقسيم ڪرڻ جو رستو هموار ڪيو ويندو.

    عمران درويش سومرو


    I_darvesh@yahoo.com

    [​IMG]



    دعا ۾ ياد.




    .
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ جو عوام ۽ تبديليءَ جا خواب

    تمام بهترين ادا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جو عوام ۽ تبديليءَ جا خواب

    درويش سائين ۔۔۔۔ ڪهڙن چڪرن ۾ پيو آهين

    شريف ڀائرن مان سنڌ لاء اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي۔ شريف ڀائر سياستدان نه پر بزنسمين آهن۔ سڀني کي خبر آهي ۽ ماڻهو اهو سوچين پيا ته سوچ ۾ تبديلي ڪانه ايندي۔ ممتاز ڀٽو جڏهن قومپرستن سان هر گڏجاڻي ۾ گڏ هجي ۽ وري نواز شريف جي پويان ڀڄندو رهي ۽ ان سان ملاقاتون ڪري ته تبديلي مشڪل آهي۔

    ٽي وي مذاڪرن ۾ ويهي ڳالهيون ڪرڻ سان به تبديلي ممڪن ناهي۔ فيسبوڪ ۽ سوشل نيٽورڪ به تبديلي نه ٿا آڻي سگهن، ڇو ته اسان جو هڪ وڏو طبقو صرف ڳالهيون ڪندو آهي ۽ عمل ڪونه ڪندو آهي۔ تبديلي تڏهن ايندي جڏهن اوهان عوام سان هر محاذ تي گڏ هوندا۔ تعليمي محاذ هجن، صحت هجي، پاڻي جو مسئلو هجي، توانائي جو مسئلو هجي اوهان عوام سان گڏ هجو ۽ هنن کي يقين ڏياريو ته ماڻهو اوهان سان گڏ هوندا۔

    مان پ پ پ جي موجوده قيادت ۽ حڪومت وقت جي ڪارڪردگي مان مطمعن ناهيان پر ساڳي وقت مونکي ٻين سياسي قيادت جي ماڻهن گهڻو مايوس ڪيو آهي، جن جي سياست عوام لاء نه پر حڪومت جي مخالفت لاء هلي رهي آهي۔ هنن وٽ نه ته ڪا سياسي ميچئرٽي پئي نظر اچي نه وري ڪا ايجنڊا۔

    سنڌي ۾ چوندا آهن ته سکڻي ڪُني گهڻو اڀامي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان وٽ سياست اهائي آهي۔ تنهنڪري گراس روٽ ليول تي عوام سان گڏ هنن جي ڏکن ۽ سکن ۾ گڏ هجڻ سان ئي اسان ڪنهن تبديلي ۽ انقلاب ڏانهن وڌي سگهنداسين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو