ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
السلام عليڪم
دوستو ڪجهه ٽائيم اڳ ۾ سنڌ سلامت فورم تي اسڪرائيبڊ ڪوڊ جو اضافو ڪيو ويو ان ڪوڊ جو فائدو اهو آهي ته اسان سڌو سنئون ڪو به ڪتاب اسڪرائيبڊ جي سائيٽ تان سنڌ سلامت تي پڙهي سگهو ٿا ان ڪوڊ لڳائڻ تي ادي رشيد کي سنڌ سلامت فورم جي دوستن طرفان مبارڪ باد به ملي هئي پر مسئلو اهو هو ته اهو ڪوڊ لڳائجي ڪيئن سو انهي لا۽ ڪوڊ کي لڳائڻ لا۽ مون جي هي ننڍڙي ڪوشش اميد آهي ته توهان دوستن کي پسند ايندي .
سڀ کان پهريائين ته اسان اسڪرائيبڊ جي سائيٽ تي وينداسين
http://www.scribd.com تي وڃي ڪري اتي ڪا به شيء سرچ ڪنداسين (ڏسو هي تصوير )

هاڻي مان سنڌي ۾ سرچ پيو ڪريان ان سرچ جو رزلٽ ڏسو

ان فائيل کي سيليڪٽ ڪرڻ سان وري هي اسڪرين توهان جي اڳيان موجود هوندو ان ۾ توهان کي شيئر ۽ ايمبڊ تي ڪلڪ ڪرڻو آهي

اسان جيئن ئي شيئر ۽ ايمبڊ تي ڪلڪ ڪنداسين ته هڪ ڪاپي جو آپشن ايندو توهان ان تي ڪلڪ ڪري ان کي ڪاپي ڪريو
ڏسو هي اسڪرين شاٽ
هاڻي ان کي ڪاپي ڪري اسڪرائيبڊ جي سائيٽ کي هڪ طرف رکو ۽ پو۽ سنڌ سلامت فورم کوليو

پو۽ توهان موضوع جي حساب سان ڪو به سيڪشن کوليو ان ۾ نئون ٿريڊ جو عنوان ڏيو ۽ ان ٿريڊ ۾ ڪاپي ٿيل ڪوڊ پيسٽ ڪريو
ڏسو هي تصوير

هاڻي ان لفظن ۾ ڊاڪومينٽ آ۽، ڊي کي ڳوليو ان کي ڳولي ڪري سيليڪٽ ڪريو پو۽ ان کي ڪاپي ڪريو جهڙي نموني مون اسڪرين شاٽ ۾ سمجهايو آهي
