• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٻوليء جي ناليواري شاعره روبينه ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
2lmkyte.jpg

سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌي ٻوليء جي ناليواري شاعره روبينه ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔

روبينه ابڙو سنڌي ٻوليء جي موجوده در جي عورت شاعرائن مان تمام پختي شاعره آهي. سندس جنم لاڙڪاڻي ضلع جي ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ ڳيريلي ۾ 24 آڪٽوبر 1971ع ۾ ٿيو. روبينه ابڙو غزل جي صنف جي بهترين شاعرائن مان هڪ آهي. سندس غزل فني ، فڪري ۽ حوالي کان منفرد حيثيت رکن ٿا. ادبي دنيا ۾ 1991ع کان پير پائيندڙ روبينه ابڙو شاعريء سان گڏ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن پر پوء اڳتي هلي هن صرف شاعريء کي ئي اهميت ڏني.

روبينه ابڙو ايم اي (سنڌي) ۽ ايم اي (اڪنامڪس) ۾ ڪئي آهي ۽ هوء لاڙڪاڻي ۾ استاد طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي رهي آهي. سندس غزل ۽ شاعري اخبارن ۽ رسالن سان گڏ فيسبوڪ تي ڇپبا رهيا آهن. سندس هڪ غزل پيش آهي :

مِلڻ جي مُند ۾ وِڇڙي وَيا هُون،
بَهارن ۾ پِرين! اُجڙي وَيا هُون.
خوشيءَ جي قافلي سان هلندي هلندي
غمن جي موڙَ تي رُڪجي وَيا هُون.
رکيو جنهن سوچ ۾ صديون اسان کي،
اُنهيءَ کان اوچتو وسري وَيا هُون.
پُڪاريو هو وٺي تو نانءُ دِل ۾،
آهين حيران ڪِئن پهچي وَيا هُون.
هُئين سوچن کي ميڙيندو سدائين،
هَلي آ، ڏِس وري وِکري وَيا هُون.
ٻنهي کي وقت ڪاٿي آ پُڄايو،
نقش ڇا، نانوَ ڀي ڀُلجي وَيا هُون.
sindhipoetrylandscape.jpg


 
جواب: سنڌي ٻوليء جي ناليواري شاعره روبينه ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

ناليواري شاعره روبينه ابڙو کي اسانجي طرفان به جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سنڌي ٻوليء جي ناليواري شاعره روبينه ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

خوشيءَ جي قافلي سان هلندي هلندي
غمن جي موڙَ تي رُڪجي وَيا هُون.

خوبصورت شاعري ڪرڻ واري محترمه روبينه ابڙو جن کي هنن جي ڄمڻ جي ڏينهن تي لک لک وڌايون اسان جي پاران به هجن۔الله پاڪ شل هنن جي قلم کي زنگ نه لڳائي ۽ هو پنهنجا خوبصورت ويچار هن دنيا جي ڪينئوس تي شاعري جي صورت ۾ چٽينديون رهن آمين۔
 
سنڌي ٻولي جي پختي شاعره ادي روبينه ابڙو کي سندس جنم ڏينهن تي سنڌ سلامت پاران واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔
وري مقتلن مان اُٿيو هُل آ
روبينه ابڙو
وري مقتلن مان اُٿيو هُل آ
نئون سنڌ ۾ ڪو ٽڙيو گُل آ۔
کڻي نيڻَ ڏسُ ڪيڏي ڦلواري آ
وڻيو توکي هڪڙو ئي ڇو ڦُل آ؟
اُهو جُزِ جي آهي اندر آُلجهيو
رهيو ذات پنهنجيءَ ۾ جو ڪُل آ۔
خُدا ڀي هُيو حيرتن ۾ ٻُڏل
هي ڪهڙي بَه شَر جي نئين ڀُل آ۔
ڪٿي ڪوئي ڪافر پيو واڪَ ڏي
ته ايمان ڪنهنجي جو ڇا مُله آ؟
سڄي سرشٽي پئي ڇاڇولجي
اچي پاڻ ڇاڇول ۽ ڇُل آ
رهيو مدتن کان اندر منتظر
اچي جيءُ جهوليءَ اندر جُهل آ
جيئن واءُ گُهلجي ٿي ساگر مٿان
اسان جي مٿان ڀي ايئن گُهل آ
آءَ اورارَ تي ، هو پرئين پارَ تي
ٻڌي درميان پيارَ جي پُل آ۔
وري ڪُفرَ جو ڪوئي ڪلمو پڙهي
اچي عشقَ راهن مٿي رُل آ۔۔
___________________
 
اسان جي طرفان به محترمه روبينه ابڙوصاحبه کي جنم ڏينهن تي لک واڌايون هجن.

شل ائين ئي گل ٽڙندا رهن مهراڻ جي وادين ۾. آمين.
 
اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تون ۾ نيڻ کُپايا هن ؟
تو پنهنجي پويان آگم آگم ڪيڏا نيڻ رُلايا هن !

ڪجهه خواب اکين جي کڙڪين مان ڏئي ڀڙڪو ڪالهه اڏامي ويا
مون تو لئه پوء ڀي ڪومل ڪومل سڀنا چار بچايا هن !

تون خالق هئين تخليق بڻين، ڄڻ مورت مان تصوير بڻين
تون منهنجو ئي رهندو آهين توڙي سَوَ روپ مٽايا هن !

مان چُپ هان ڪائي ڳالهه ته آ، پوء هيڏا سڏ پڪارون ڇو ؟
تون ڄاڻين ٿو مون ڇا جي لئه هي هيڏا سڏ لنوايا هن !

مان اچڻي ناهيان ڄاڻين ٿو پوء ڀي تون راهه نهارين ٿو
مان وِير جيان واپس ورندس، تنهنجا سڀ خيال اجايا هن !

ڇا سوچين پيو، ٿو ڪير ڦري هن ڌرتيء کان امبر تائين
ڇو بي ترتيب ستارن ۾، تو پنهنجا نيڻ وڃايا هن !

تون هر هر ياد نه ڪر مونکي، ڏس هيئن برباد نه ڪر مونکي
مون ڏاڍي مشڪل سان ساٿي، ڪجهه تنهنجا خيال ڀُلايا هن !
163817_1827502405535_1971307_n.jpg
 
Back
Top