ڪارو سج (ڪرشن چندر)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 آڪٽوبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪارو سج

    ميدانن کان اڳتي، ڳچ پنڌ پري، چوڌاري اُچن جبلن سان گهيريل هڪ ماٿري هئي، انهيءَ ماٿريءَ ۾ هڪڙي ننڍڙي ۽ وڻندڙ ڍنڍ هئي. هڪڙي سنهري ۽ ماٺي ندي، اُڀرندي پاسي وارن جبلن مان نڪري، اچي ٿي ان ڍنڍ ۾ پئي ۽ وري ان جي ٻئي ڪناري کان ڦٽي، جبلن جي الهنديءَ قطار ڏانهن هلي وئي.

    ٻاهر کان انهيءَ ماٿري تائين پهچڻ جو رستو ڏاڍو ڏکيو هو. چئني طرفن کان شاهي جبلن جون قطارون هئس، جن جون چوٽيون گرميءَ جي مند ۾ به برف سان پوشيل رهنديون هيون. اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ وارن ٽنهي پاسن کان ماٿريءَ ۾ داخل ٿيڻ جو ڪو گس ئي ڪونه هو، رڳو اولهه طرف وارن جبلن جي قطار ۾، جتان نديءَ جو لنگهه هو، هڪڙو سوڙهو لڪ هو، اهو به سال جي اٺن مهينن تائين بنديل رهندو هو، ڇو ته اهو سمورو وقت اتي تمام گهڻي برف پيئي ڪرندي هئي، باقي چئن مهينن ۾ به ايتريون ته کڏون ۽ کاهيون انهيءَ لَڪ ۾ هيون، جو ڪو شيردل مسافر ....... انهيءَ ماٿريءَ ۾ اچڻ يا ٻاهر وڃڻ جو مشڪل سان ست ساري سگهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پري کان، خچرن ۽ گهوڙن تي سامان لڏي، ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ قافلو ايندو هو ۽ تمام تڪليفن سان ماٿريءَ ۾ اهو سامان پهچائي، وري اتي جون پيدا ٿيندڙ شيون پاڻ سان کڻي ويندو هو، ايترو واپار به گرميءَ وارن ٻن ٽن مهينن اندر سو ممڪن هو، جڏهن لَڪ جي برف ڳري ويندي هئي ۽ موتمار برفيليون هوائون ڪي قدر ماٺيون ٿينديون هيون، نه ته سال جا اٺ، نو مهينا ته هن ماٿر جا ماڻهو ٻاهرينءَ دنيا کان اصل الڳ پيا پنهنجو وقت گذاريندا هئا.

    هن ماٿريء جي ماڻهن جيئن ته ٻاهرين دنيا تمام گهٽ ڏٺي هئي، تنهن ڪري هو پنهنجي انهيءَ ماٿري کي ئي دنيا جي سڀ کان سهڻي بستي ڪري ڀائيندا هئا ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سندن اها بستي هئي ڏاڍي سهڻي. برف سان پوشيل چوٽين کان هيٺ ڀرو، جبلن جي لاهن تي، چيل ۽ ديال جي وڻن جا ٻيلا هئا، وڻن تي جهنگلي انگورن جون وليون ڳاهٽ پئي ٿيون، اگر جي سڳنڌ ڀريل جهڳٽن سان سارو جهنگ واسيل هو. صاف سائي رنگ وارا طوطا، موج مزي ۾ چهڪندا، هڪڙيءَ لام کان ٻي لام تي ڦرندا وتندا هئا، خوبصورت بلبلون ‎ ۽ ٻيا ڀانت ڀانت جا پکيئڙا،، مٺڙيون لاتيون لوندا، بنفشي جي گلن تي ٻلهار پيا ٿيندا هئا. چمڪندڙ اکين وارا هرڻ، ..... پشم وارا رڇ ۽ شهزادين جهڙيءَ لوڏ سان هلندڙ لومڙيون انهن ٻيلن جي زينت هيا. ٻيلن کان هيٺ وري چوڌاري ڊگهي ۽ گهاٽي گاهه جون ڄڻ چادرون وڇايل هيون. جيڪي اونهاري ۾ اهڙو سونهري رنگ وڍي بيهنديون هيون، جو ائين پيو ڀائنبو هو، ڄڻ زمين مان سج جا ڪرڻا ڦٽي نڪتا آهن، انهيءَ ڳاهه تي اهي رڍون ۽ ٻڪريون پلبيون هيون، جن جي گهاٽي ۽ ملائم ان انگورا جي ان کي به جيڪر شهه ڏئي ڇڏي، ماٿريءَ جي هارين، ٽڪر ڪاٽي، صدين جي محنت سان، اناج اُپائڻ لاءِ ٻنيون تيار ڪيون هيون، جن ۾ مڪائيءَ جي پوک ٿيندي هئي، پنن مٿان سورج مکيءَ جا گل جهولندا ڏسبا هئا يا ته وري وڏن وڏن پنن واريون، غذا جي قيمتي خزانن سان ڀريل وليون هر هنڌ پکڙيل هيون.

    هيٺ، ماٿريءَ ۾، نديءَ جي ڪنارن تي ميويدار وڻن جا جهڳٽا هئا ۽ بيد جي وڻن جون گهاٽيون قطارون هيون، جن جون ڊگهيون ۽ مخروطي ٽاريون ڳچ تائين پاڻيءَ اندر جهڪيل هيون، پري کان ڏسڻ سان ائين ڀانيو هو، ڄڻ نديءَ جي ڪناري تي ڪئين ڳوٺاڻيون ڪنواريون نينگريون، مٿا نوائي، وار کولي، پنهنجين مينديءَ رتين آڱرين سان پاڻي سان راند رهي رهيون آهن.

    ڍنڍ جي چئني پاسن رنگارنگي گلن جون جهالرون هيون ۽ انهن جي وچان وري ٿڌي مٺي پاڻيءَ جون لارون پئي وهيون، پاڻيءَ جون اهي لارون، گلن ڦلن جي جهالرن وچا وهنديون، وڃي ٿي ٻنين ۾ پيون. جڏهن چانڊوڪي چمڪندي هئي، جڏهن ڌنار بنسريون وڄائيندا هئا ۽ جڏهن ٻنين مان پوک جي سرسراهٽ جا سُريلا ڀڻڪا پيا ٻڌبا هئا، تڏهن ائين لڳندو هو، ڄڻ ڌرتيءَ جي رونءَ، رونءَ ۾ محبت جي ڪا اڻڄاتي سُرهاڻ رچي وئي آهي، ڌرتي ڪر موڙي جاڳي رهي آهي ۽ پنهنجا اڌ، ٻوٽيل نيڻ کولي، هوريان هوريان، سڪ ۽ پيار جا مڍا مٺا، ٿڌا ٿڌا ساهه کڻي رهي آهي.

    ڍنڍ جي وچ ۾ هڪڙي ننڍڙي، خوبصورت ‎ٻيٽاري هئي، جنهن تي ڳوٺ جي سردار جي ٻه ماڙ جاءِ اڏيل هئي، ٻيٽاريءَ جي چوطرف ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون بيٺل رهنديون هيون. انهن ٻيڙين تي چڙهي، ڳوٺ جا مهاڻا مڇيون ماريندا هئا، ياقوتي اکين واريون مڇيون، رنگارنگي پُڇن واريون مڇيون، اهڙيون مڇيون، جن ۾ رڳو هڪڙو ڪنڊو هوندو هو، اهڙيون مڇيون، جن جا سونهري ڇلر کڙندڙ تاري جيان تجلا پيدا ڪندا هئا.

    انهيءَ ماٿريءَ جا ماڻهو مڪائي ۽ چانورن جي پوک ڪندا هئا. ٻيلن مان ماکي، بنفشو ۽ کٿوري گڏ ڪندا هئا، رڍن جي اُن ۽ لومڙين جون کلون وڪڻندا هئا، ڳائيندا هئا، نچند اهئا، شاديون مُراديون ڪندا هئا، ٻارن سان دل وندرائيندا هئا، سياري ۾ چيل جي ڪاٺين مان باهه ٻاري ۽ اونهاري جي وڻن جي ٿڌڪار هيٺ ويهي ڪچهريون ڪندا هئا ۽ ڏاڍا خوش گذاريند اهئا. ماٿريءَ جا سمورا ماڻهو ڪم ڪندا هئا ۽ تمام خوش هئا، ڳوٺ جي سردار وٽ سڀ ڪجهه هو، پر هو خوش ڪونه هو. هن وٽ سڀني کان گهڻي زمين هئي، سندس جاءِ سڀني کان مٿانهين هئي، سندس زال سڀني کان سهڻي هئي، سندس ٻارن وٽ بهترين ٽول هئا، وٽس سڀني کان گهڻي مايا هئي، پر پوءِ به هو خوش نه هو، هن ڪڏهن به ڪو پورهيو ڪونه ڪيو هو، سندس پيءُ به ڪڏهن پورهيو ڪونه ڪيو هو، پوءِ به هو خوش ڪونه هو، سڀ ڪجهه هوندي به، کيس معلوم نه هو ته پاڻ ڇو خوش نه هو.

    سردار کي پنهنجي ماٿريءَ سان ڏاڍي محبت هئي، هو انهيءَ ماٿريءَ کي اڃا وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ نوان نوان طريقا پيو سوچيندو هو، هڪڙي ڏينهن هن سوچيو ته هيءَ ماٿري ڏينهن جو ته ڏاڍي خوبصورت ٿي ڏسجي، پر رات جو جڏهن اوندهه ٿيو وڃي، تڏهن هي ٻنيون، هي باغيچا، هي سمورو چهچٽو ائين گم ٿيو وڇي، ڄڻ ته هتي اوندهه بنا ڪجهه هوئي ڪونه! رات جو هيءَ ماٿري ڪيڏي نه ڀوائتي ٿيو پوي! ٻيلن منجهان وحشي جانورن جا آواز ڊيڄاريو ڇڏين ۽ تيز برفيليون هوائون، راڪاسن جيان خوفناڪ رڙاٽ ڪنديون، ماٿريءَ جي هڪڙي سري کان ٻئي سري تائين ائين ڌوڪينديون وينديون آهن، ڄڻ ته هتي راڄ ئي سندس آهي، سردار جو راڄ آهي ئي ڪونه!

    سردار پڙهيل، لکيل ۽ عقلمند به هو ۽ ماٿريءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ امير به هو. سو، گهڻي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ، ماٿريءَ کان ٻاهر هڪڙي بجلي پيدا ڪرڻ جي مشين گهرايائين ۽گهڻي تڪليف سان اها پنهنجي ٻيٽاريءَ جي هڪڙي پاسي آڻي هڻايائين. ٿورن ئي ڏينهن اندر ماٿريءَ جي گهر گهر ۾ بجليءَ جي روشني پهچي وئي. ننڍن ننڍن پيچرن تي به بجلي جا بلب لڳي ويا. نديءَ جي ڪناري سان لڳو لڳ هڪڙي عمدي سڙڪ ٺاهي وئي ۽ ان کي به بجليءَ سان سينگاريو ويو. سردار جو پنهنجو گهر ته بجليءَ جي روشنيءَ سان بنهه چنڊ جيان چمڪڻ لڳو. گهر جي ٻاهران لڳل رنگا رنگي بلب، پري کان گلن جي ٽارين جيان چمڪندا ٿي ڏٺا ۽ ماٿريءَ جا ماڻهو خوشيءَ وچان هڪ ٻئي کي اوڏانهن اشارا ڪري چوڻ لڳا، ”هو ڏسو، هن ٻيٽ تي اسان جو سردار جو گهر آهي!“

    ماٿريءَ جا ماڻهو سردار جي عقلمنديءَ تي ڏاڍا خوش ٿيا. جڏهن سردار اها رٿا ڪئي ته هر ڪو شخص پنهنجي گهر ۾ بجلي هڻائڻ ۽ رستن ۽ گهٽين تي روشني ڪرائڻ لاءِ ٽئڪس ادا ڪري ته هر ڪنهن اها ڳالهه خوشيءَ سان قبول ڪئي،. انهيءَ ٽئڪس مان سردار کي ايتري اُپت ٿيڻ لڳي جو ڳوٺ وارن تي ٿيندڙ بجليءَ جو خرچ ڪڍي ۽ سندس ٻيٽ تي ٿيندڙ روشنائيءَ جو سمورو خرچ ڪاٽي، پوءِ به هر مهيني کيس چڱي خاصي رقم بچندي هئي، ايتري اُپت کيس گذريل ڏهن سالن ۾ به ڪانه ٿي هئي، جيتري هاڻي رڳو هڪڙي مهيني ۾ ٿيڻ لڳي هئس. ٽئڪس هن البته وڌيڪ لڳايو هو، پر ماٿريءَ جي ماڻهن ان جي پرواهه ڪانه ڪئي. سندن گهرن ۾ بجلي آئي هئي ۽ ان جي روشني ڪاٺين جي باهه کان ۽ تيل جي ڏيئن ۽ بتين کان هزار درجا بهتر هئي، سو هنن وڌيڪ ٽئڪس ڀريندي به ان کي بُرو نه سمجهيو.

    ان کان پوءِ سردار جي ذهن ۾ هڪڙي ترڪيب سُجهي آئي. هن سوچيو ته ماٿريءَ جا سادا سودا هاري، ڳوٺاڻا ۽ ڳنوار، ڏاڍن ڏاکڙن سان الهندي لَڪ کي پار ڪري سگهن ٿا. ڪڏهن ڌُنڌ آهي ته ڪڏهن تِرڪڻ، ڪڏهن هو ويچارا اونهين کاهين ۾ ڪريو مريو وڃن ته ڪڏهن نديءَ جي چاڙهه اندر لڙهيو وڃن، ڇو نه اتي هڪڙي پُل ٻڌائي ڇڏجي؟ هڪڙي مضبوط پڪي پل هوندي ته ٻارهن ئي مهينا آمدرفت ڪري سگهبي ۽ وري ماٿريءَ کان ٻاهر وارن سان سڄوئي سال ميل جول قائم رکي سگهبو.

    ماٿريءَ جي ماڻهن کي سردار جي اها رٿ به پسند آئي. سڀني انهيءَ جهاد ۾ جوش خروش سان حصو ورتو ۽ سڀني جي انهيءَ پُل تي چوڪيدار بيهاريا، جيڪي رات، ڏينهن ان جي حفاظت ڪندا هئا، پوءِ سردار پُل تي ٿيل خرچ ڪڍڻ لاءِ پُل جي حفاظت وغيره لاءِ هڪڙو ٽئڪس لڳايو، جيڪو هر ڪنهن پُل تان لنگهندڙ ۽ ماٿريءَ جي اندر ۽ ان کان ٻاهر ويندڙ هر هڪ ماڻهوءَ کي ڀرڻو پوندو هو.ٽئڪس البته زياده هو، پر ڪنهن به ان کي بُرو نه سمجهيو، ڇوته پُل ماٿريءَ جي رهاڪن جي هڪڙي وڏي ضرورت جي پورائي ڪري رهي هئي. هاڻي ٻارهوئي ٻاهرينءَ دنيا سان لاڳاپو رکي سگهيا ٿي ۽ پنهنجي ماٿريءَ ۾ پيدا ٿيندڙ اُن، کلون، پشم، ماکي، کٿوري ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قيمتي چيزون ماٿريءَ کان ٻاهر هنڌن تي وڃي وڪڻي سگهيا ٿي. مهانگيون يا سستيون، پر اهي جنسيون وڪجي ضرور سگهيون ٿي. انهيءَ ڪري ڪنهن به چون چرا ڪانه ڪئي ۽ بجليءَ جي ٽئڪس سان گڏ پُل جو ٽئڪس به ڏيڻ لڳا.

    هاڻي سردار کي بجليءَ جي ٽئڪس سان گڏ وري پُل جي ٽئڪس مان به آمدني ٿيڻ لڳي. هن پنهنجي ٻه ماڙ جاءِ مٿان هڪڙي ٽين به ماڙ اڏائي ۽ پنهنجي تهخاني ۾ سونن سڪن جا انبار گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين. اڳي هن وٽ ڪوبه ڪم ڪار ڪونه هوندو هو، پر هاڻي ڪيترو ئي ڪم نڪري پيو. هو ڏينهن جو ڳچ وقت پنهنجي تهخاني ۾ گذاريندو هو، ويٺو سونن سڪن کي ڳڻيندو هو ۽ انهن جا دل کي فرحت ڏيندڙ ڇڻڪاٽ ٻڌي پيوخوش ٿيندو هو.

    پوءِ عقلمند سردار وري هڪڙي ٻي ترڪيب سوچي، هن خيال ڪيو ته هي ويچارا جاهل ماڻهو هن ماٿريءَ اندر پيدا ٿيندڙ قيمتي جنسن کي جدا جدا کڻي ٿا وڃي وڪڻن، تنهن مان گهڻو ڪري ساڻن ٺڳي ٿئي ٿي، ڪڏهن لومڙيءَ جي هڪڙي کَل ويهين روپين وڪجي ٿي ته ڪڏهن اهائي کل ڏهين ۾ به ڏيو اچن. ان طرح، ماٿريءَ جي دولت تمام سستن اگهن ۾ لٽجيو وڃي. سردار سوچيو ته ڇو نه انهيءَ ڪم کي هڪڙي مرڪز تان هلائجي، ڌڻين کي مقرر ڪيل رقم به هر سال ملي ويندي ۽ هو قيمتن جي گهاٽا وااڌيءَ کان به ڇُٽي پوندا، خود کيس به انهيءَ ڪم عيوض مڙئي ڪجهه منافعو رهندو، بس ٿورڙو، معمولي منافعو.

    پر جڏهن پنهنجي اها تجويز ماٿريءَ جي ماڻهن اڳيان رکي ته گهڻن ئي ماڻهن اها نه مڃي، ڇو ته سردار هر هڪ شئي تي جيڪي اگهه ٻڌي رهيو هو، سي هڪجهڙا هئا، پر گهڻن کي ٻاهر وڃي ان کان وڌيڪ قيمتون ملي وينديولن هيون. ائين برابر هو ته ڪن ماڻهن کي گهٽ قيمت به ملندي هئي، پر هو پنهنجون شيون انهيءَ اميد تي ڏيئي ايندا هئا ته آئندي سال شايد وڌيڪ اگهه ملندا. اهي ڳالهيون ڳڻي، ماڻهن سردار جي نئين تجويز جي مخالفت ڪئي. ڪن ماڻهن هائوڪار ڪئي، پر گهڻا ماڻهو سردار جي سمجهائڻ کان پوءِ به مخالف رهيا. لاچار، سردار وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه رهيو ته هو الهندي لَڪ واريءَ پُل تي توبون رکرائي. ماٿريءَ جي ماڻهن جو ٻاهر اچڻ وڃڻ صفا بند ڪري ڇڏي. ماڻهن انهيءَ تجويز کي آخر تائين نه مڃيو، ڇو ته ان جي ڪري سڄيءَ ماٿريءَ جو واپار هڪڙي ئي مانهوءَ جي هٿ ۾ اچي ٿي ويو، پر جڏهن پُل تي توبون چڙهي ويون. وڌيڪ چوڪيدار مقرر ٿي ويا ۽ پهرو تمام سخت ٿي ويو ۽ ماڻهن ڏٺو ته هاڻي هو ڪنهن به طرح ٻاهرينءَ دنيا سان پنهنجي تجارت قائم رکي نه سگهندا، تڏهن سڀئي سردار وٽ مجبور ٿي آيا، کين سردار جي مقرر ڪيل قيمتن کي منظور ڪرڻو پيو ۽ هو پنهنجون سموريون جنسون، اَنُ، کَلون، ماکي، ميوا، اناج، کٿوري وٽس وڪڻي ويا.

    هاڻي جو سردارماٿريءَجي سموري گڏ ڪيل پيداوار ٿورڙو اگهه وڌائي ٻاهر نيڪال ڪئي، ته ان مان کيس ايتري ته زور آمدني ٿي جو هاڻي سندس تهخاني ۾ سونين اشرفين رکڻ جي ڪا جاءِ ڪانه رهي. هن هڪدم ٻيو تهخانو ٺهرايو ۽ حفاظت لاءِ پنهنجي ٻيٽاريءَ جي چوگرد فوج جو پهرو لڳائي ڇڏيائين، هاڻي هو ماڻهن سان تمام گهٽ ملندو هو. ٽئڪسن جي وصوليءَ جو ڪم سندس ڪارندا ڪندا هئا ۽ پاڻ گهڻو سارو وقت پنهنجن تهخانن ۾ سون جي اشرفين سان کيڏڻ ۾ گذاريندو هو.

    جيئن جيئن تهخانن ۾ سون جا انبار وڌندا ويا، تيئن تيئن سردار جي لالچ به ويئي، وڌندي، هاڻي هن چاهيو ٿي ته هو رڳو هن ماٿريءَ جو نه، بلڪه سڄي دنيا جو پهريون نمبر شاهوڪار ماڻهو ڪوٺجي. کيس ڏينهن رات اها ڳڻتي رهندي هئي ته ڪا اهڙي ترڪيب ڪڍجي، جنهن سان هاڻوڪي آمدني ٻيڻي ٿي پوي، هن حساب ڪري ڏٺو هو ته جيڪڏهن سندس آمدني هينئر کان ٻيڻي ٿي ويندي ته هو دنيا جو سڀ کان امير ماڻهو بنجي ويندو.

    پر اهڙي ترڪيب ڀلا ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ماٿريءَ جي سموري دولت وٽس هئي، ماٿريءَجي سموري تجارت وٽس هئي، ماٿريءَ جي سموري زمين وٽس گروي ٿيل هئي، ٽئڪس وڌائي ۽ هڪ کان پوءِ ٻيو ٽئڪس لڳائي، هن ماٿريءَ جي ماڻهن ۾ ايتري سگهه ڪانه ڇڏي هئي جو هينئر هو سولائيءَ سان ڪنهن نئين محصول ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن، ”ته پوءِ ڇا ڪجي؟“ هو ڏينهن رات سوچيندو رهيو.
    ست ڏينهن ۽ ست راتيون هو پنهنجي تهخاني اندر سونين اشرفين جا آواز ٻڌندو رهيو ۽ پنهنجي هاڻوڪي آمدنيءَ کي ٻيڻي بنائڻ لاءِ پُور پچائيندو رهيو. جڏهن ستين رات ختم ٿي ۽ اٺين ڏينهن جي سج ڪَني ڪڍي ته هو تهخاني کان ٻاهر نڪتو. اوچتو ئي، سج جي روشنيءَ سندس اکين کي تِرورائي ڇڏيو ۽ اهي خودبخود بند ٿي ويون، عين ان وقت، کيس خيال آيو ته جيڪڏهن ڪنهن طرح ڏينهن جو به رات جهڙي اوندهه ٿي وڃي ته پوءِ.... هو ماٿريءَ جي ماڻهن کي ڏينهن جو به بجلي وٺڻ تي مجبور ڪري سگهجي ٿو! اها ترڪيب خيال ۾ ايندي ئي، هن زور سان پنهنجي ران تي هٿ هڻي چيو، ”واهه واهه!“ ۽ انهيءَ جو انهيءَ مهل پنهنجن اعتماد جوڳن سپاهين کي پاڻ وٽ سڏائي، کين پنهنجي نئين ترڪيب کان واقف ڪيائين.

    اعتماد جوڳن سپاهين به جڏهن اها ترڪيب ٻڌي ته ڪنن تي کڻي هٿ رکيائون ۽ ”توبهه! توبهه!“ ڪندي، ان تي عمل ڪرڻ کان نابري واريائون، پر سردار جو پنهنجيءَ دل ۾ اڳي ئي پنهنجي دولت کي ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو، تنهن ڪنهن جي به ڳالهه نه ٻڌي ۽ جڏهن ڏٺائين ته سپاهي اصل پڙ ڪڍي بيٺا آهن، تڏهن سڀني انڪار ڪرڻ وارن سپاهين کي انهيءَ دم گولي سان اڏائي ڇڏيائين. آخر ۾ هڪڙو سپاهي، جنهن جو نالو ”هيرو“ هو، تمام مشڪل سان سردار جي ترڪيب تي عمل ڪرڻ تي راضي ٿيو. سردار ان کي تمام گهڻيون اشرفيون انعام ڏنيون، سندس اڳيون قرض معاف ڪري ڇڏيائين، سندس گروي ٿيل زمين به موٽائي ڏنائين ۽ کانئس وعدو ورتائين ته هو سردار جي ڏسيل ترڪيب تي ضرور عمل ڪندو ۽ سڀاڻي صبح جو ئي ان جي پورائي ڪندو.

    پر ٻئي ڏينهن ”صبح“ ٿيو ئي ڪونه! ٻئي ڏينهن ماڻهو گهڻيءَ دير تائين سُتا رهيا، پر صبح ڪونه ٿيو، پوءِ.... هو جاڳي، اکيون ملي، ”صبح“ جو ويهي انتظار ڪرڻ لڳا، پر ائين پئي معلوم ٿيو ته اها رات هاڻي سدائين رهندي، صبح ٿيندو ئي ڪونه. پوءِ ماڻهن پنهنجن بند گهرن جا در ۽ دريون کولي ڇڏيا ۽ يڪٽڪ آسمان ۾ اکيون وجهي ويهي رهيا. اوڀر طرف وارن جبلن جي چوٽين ڏانهن نهاري سندن اکيون ٿڪي پيون، جن جي پٺيان اڳي سج نڪرندو هو ۽ صبح ٿيندو هو، پر اڄ نڪو سج نڪتو، نڪو صبح ئي ٿيو. آسمان ۽ زمين تي رڳو ٻاٽ اونداهي ڇانيل هئي. ماڻهو تمام گهڻيءَ دير تائين سج جو انتظار ڪندا رهيا. ڪنهن مهل، ماٿريءَ جي ماڻهن اوڀر طرف وارن جبلن جي پويان هڪڙي ميرانجهڙي ۽ تمام جهڪي روشنيءَ جي لاٽ ڏٺي، ايتري جهڪي، جيئن اوندهه ۾ کڙکٻيتي جو چمڪو. ان کان پوءِ جيڪو نظارو ماڻهن ڏٺو، تنهن سان ڪيترا ته غش ٿي ڪري پيا. ٻارڙا پنهنجين مائرن جي هنجن ۾ لڪي ويا. عورتون دانهون ڪري روئڻ لڳيون. ماٿريءَ جي ماڻهن ڏٺو ته اوڀر وارن جبلن وٽان جيڪو سج اڄ نڪتو آهي، تنهن جو منهن ڪارو آهي! ڄڻ ته ڪنهن ان جي منهن تي ڪاراٺ ملي ڇڏي هئي، اڄ سج مان روشني نٿي آئي. روشني نٿي آئي ته گرمي به نٿي آئي. هڪڙي ميرانجهڙي روشني سج مان چوڌاري گهيري جي نموني نڪري رهي هئي، جنهن سان ماٿريءَ جي هر شئي هلڪي ڌنڌ ۾ لپٽيل هئي ۽ ماڻهو ڏينهن جي وقت ۾ به ائين محسوس ڪرڻ لڳا، ڄڻ رات اڃا هلي پئي ۽ صبح ڪڏهن به ڪونه ٿيندو، گهڻا ماڻهو ته چريا ٿي ماٿريءَ ۾ ڊوڙڻ لڳا.... قيامت اچي وئي! ڀڄو، ڀڄو، قيامت اچي وئي! گناهه بخشايو، قيامت اچي.“

    انهيءَ شورغل ۽ دانهن ڪُڪ ۾ ٻه ڏينهن گذري ويا. ٻه راتيون گذري ويون، ٻئي ڏينهن وري سج نڪتو، پر ڪارو، ٻئي ڏينهن ماڻهن صبح جو انتظار ڪيو، پر صبح ڪونه آيو. ٽين ڏينهن انتظار ڪيائون، چوٿين ڏينهن سڀ ماڻهو سردار وٽ ويا ۽ کيس مدد لاءِ التجا ڪيائون. سردار چيو، ”هيءُ خدائي قهر آهي! اوهان ڪئين ڀيرا منهنجي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، هيءُ ان جو نتيجو آهي. هاڻي ڀل ته اهو لوڙهيو!“ ماڻهو ٻاڏائڻ لڳا، ”سردار، اسان تي قياس ڪر! اسين غريب، تنهنجا غلام آهيون، تو ڪانه ڪا صورت ضرور ڪڍ.“

    سردار مرڪي چيو، ”فقط هڪڙي صورت آهي، اڳي رڳو رات جو بجلي خرچ ٿيندي هئي، هاڻي واهان کي ڏينهن جوبه بجلي استعمال ڪرڻي پوندي، نه صرف گهرن ۾، پر ٻنين ۾ به، چراهگاهن ۽ ٻيلن ۾ به، جتي اوهين مال چاريو ٿا، ڪاٺيون ڪريو ٿا، ماکيءَ ۽ کٿوري گڏ ڪريو ٿا، هاڻي اوهان کي ڏينهن رات بجلي واپرائڻي پوندي. ان لاءِ مون کي ٻي مشين به لڳائڻي پوندي ۽ منهنجو خرچ چئوڻو ٿي ويندو، تنهن ڪري اوهان کي پوءِ ٽئڪس به چئوڻو ڏيڻو پوندو!“ ماڻهو ويچارا ڇا ڪن؟ مرندي جهُرندي، چئوڻو ٽئڪس قبول ڪيائون، انهيءَ اميد تي ته ممڪن آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن هن ڪاري سج بدران اهوئي پراڻو، چمڪندڙ سج نڪري اچي، ته پوءِ هو ٽئڪس ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندا.

    ماڻهو هر روز صبح جو اٿي انهيءَ سهڻي سج لاءِ آسمان ڏانهن واجهائيندا هئا، پر هر روز کين مايوسي ٿيندي هئي، هر روز ساڳيو ئي ڪارو سج اُڀرندو هو. اڀرندي طرف وارن جبلن کان نڪري، الهندي طرف وارن جبلن ۾ وڃي گم ٿيندو هو. جهڙو ڏينهن، تهڙي رات، اهائي ماڻهن جي هاڻي زندگي هئي، هڪڙي مسلسل ڪاري رات، روشني ڇا ٿيندي آهي، ڏينهن ڇا کي چئبو آهي، نديءَ جون لهرون ڪيئن روشنيءَ ۽ پاڇولن جي راند رهنديون آهن. اکين مان محبت ڪيئن جهاتيون پائيندي آهي، ڍنڍ ۾ سونن ڇلرن واريون مڇيون ڪيئن ڇلڪنديون ترنديون وينديون آهن..... اهي سڀ ڳالهيون ماٿريءَ جا ماڻهو ڀلجي ويا.

    اهڙيءَ ريت ڳچ ڏينهن گذري ويا، مهينا گذري ويا. سال گذري ويا، ماٿريءَ تي هڪ خوفناڪ اُداسي ڇانئجي وئي. هاڻي ڪوبه شخص کلندو ڪونه هو. زالون گيت ڪونه ڳائينديون هيون، ٻارڙا رانديون ڪونه رهندا هئا. مرد پوکن ۾ رڌا ئي رهندا هئا، پر پيداوار ڏينهون ڏينهن گهٽبي وئي، پوءِ گلن رنگ ڇڏي ڏنو، پوءِ ميون ۾ ميٺاج نه رهيو، پوءِ گاهه جو رنگ ڪارو ٿي ويو. چانورن جو مزو مٽيءَ ۾ ملي ويو، پوءِ ٻار انڌا پيدا ٿيڻ لڳا، ڇو ته جڏهن اکين کي روشني نه ملي ته اکين جي تارن جي ڪهڙي ضرورت، جڏهن اکين جا تارا ڏسي نه سگهن ته محبت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت .... ۽ جڏهن ماڻهو ڪنهن جو هٿ جهلي مرڪي نه سگهي ته انسان چوائڻ جي ڪهڙي ضرورت! ٿورن ئي ڏينهن اندر ماٿريءَ جا ماڻهو، انسان مان وحشي بنجي پيا. چورين، ڦرن، ڌاڙن، خونن ۽ اغوا جي ڏوهن ۾ اضافو ٿيندو ويو.

    هيڏانهن ڏوهن ۾ اضافو ٿي رهيو هو ۽ هوڏانهن تهخاني جي سونن انبارن ۾ اضافو ٿي رهيو هو. دولت، چئني طرفن کان ميڙجي سهيڙجي، اچي تهخانن ۾ گڏ ٿي رهي هئي. لالچ ۽ حرص سان انڌو سردار، اشرفين جون مُٺيون ڀري، نچائي ٽپائي، انهن کي ڪڻڪ جي ڍوڳين جيان تهخاني ۾ سٿيندو رهندو هو ۽ انهن جو ڇڻڪاٽ ٻڌي پيو ٽڙندو ۽ ٽپا ڏيندو هو، بلڪه خوشيءَ وچان پاڳل بنجي، وحشين جهڙا ٽهڪ پيو ڏيندو هو. ان طرح ڏينهن پٺيان ڏينهن گذرندا ويا، مهينن پٺيان مهينا گذرندا ويا، سالن پٺيان سال گذرندا ويا.

    ٻڍڙو ”هيرو“ پنهنجي گهر ۾ پوين پساهن ۾ هو. هو ڪوڙهه جي مرض ۾ مري رهيو هو. مرڻينگ حالت ۾، هن پنهنجي ستن سالن جي پٽ کي سڏي چيو، ”هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٻڌاءِ، پنهنجي گهر جي آسپاس ڪو ماڻهو ته ڪونه لڪو بيٺو آهي؟“

    ستن سالن جي نينگر، گهر جي چئني پاسن جو چڪر هڻي، موٽي اچي چيو، ”نه، ڪوبه ماڻهو ڇيڻو ڪونه آهي.“

    ٻڍي هيري چيو، ”آءٌ مري رهيو آهيان، مون هڪڙو وڏو گناهه ڪيو آهي.“

    پٽس چپ چاپ ٻڌي رهيو هو.

    ”هن ماٿريءَ تي جيڪا مصيبت آئي آهي، سا منهنجي آندل آهي.... انهيءَ جو ڪارڻ آءٌ آهيان، آءٌ مري رهيو آهيان، پر انهيءَ مصيبت کي هاڻي تون ئي دور ڪري سگهين ٿو.“

    پٽس چپ چاپ ٻڌي رهيو هو.

    ٻڍي هيري کنگهي چيو، ”ٻڌ.... ڪن لائي ٻڌ. هن ماٿريءَ ۾ جيڪو ڪارو سج نڪرندو آهي،تنهن جو رنگ اڳي ڪارو ڪونه هو!“

    ڇوڪر چيو، ”مون ته سدائين ڪارو ڏٺو آهي، ڇا، سج ڪنهن ٻئي رنگ جو به ٿيندو آهي؟“

    ٻڍي چيو، ”اڳي ان جو رنگ ڪارو ڪونه هو، مون هڪڙي ڏينهن صبح جو.....“

    ”صبح ڇاکي چئبو آهي؟“ ننڍڙي نينگر پڇيو.

    ٻڍو کنگهندي کنگهندي رڪجي ويو، سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هن سوچيو، ”آءٌ ڪيڏو نه ظالم آهيان! منهنجي ٻچي صبح نه ڏٺو آهي! هن رنگ برنگي پرن وارا پوپٽ نه ڏٺا آهن، سورج مکيءَ جو گل نه ڏٺو آهي! آءٌ ڪيڏو نه ظالم آهيان!“

    ”هيءُ جو ڪارو سج تون روز ڏسين ٿو، تنهن جي چهري تي مون هڪڙي ڏينهن ڪاراٺ هڻي ڇڏي هئي. مون، سردار جي چوڻ ۾ اچي، هڪڙي صبح جو، الهندن جبلن جي چوٽين پٺيان، انهيءَ سج کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي ورتو.... ۽ ان جي منهن تي ڪاراٺ هڻي ڇڏيم. منهنجن هٿن تي هيءُ جو ڪوڙهه ٿو ڏسين، سو انهيءَ غلطيءَ جو نتيجو آهي، مون چند سونين اشرفين خاطر سڄي ماٿريءَ جي امن امان، خوشيءَ ۽ آسودگيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو. سج جي منهن کي ڪاراٺ مليندي مليندي، منهنجا ٻئي هٿ سڙي ويا ۽ منهنجون ٻئي اکيون به انڌيون ٿي ويون. ماٿريءَ ۾ جيڪا تباهي آئي آهي، تنهن کي ڏسي مون ڪئين ڀيرا خيال ڪيو آهي ته وري به وڃي سج کي صاف ڪري اچان ۽ ان جي منهن تان ڪاراٺ لاهي، ان کي وري اڳي جهڙو روشن ۽ چمڪندڙ بنايان، پر آءٌ انڌو آهيان! هاڻي اهو ڪم توکي ئي ڪرڻو پوندو.“

    ”مون اڪيلي کي؟“ نينگر پڇيو.

    ”ها، تو اڪيلي کي ڏس.... منهنجي هنڌ هيٺان تارپين جي تيل جو دٻو پيو اهي، اهو مون سنڀالي رکي ڇڏيو آهي. سج جي چهري تي جيڪا ڪاراٺ مليل آهي، سا هن ئي تيل سان لهندي تون سڀاڻي صبح جو ئي اڀرندن جبلن جي چوٽيءَ: تي هليو وڃج....“

    ”صبح ڪهڙي وقت ٿيندو آهي؟“ نينگرپڇيو.

    ”هاڻي ته مون کي به معلوم ناهي! هيري اداسائيءَ سان چيو، ”بهتر ته ائين آهي هت هينئر ئي هيءُ تيل جو دٻو کڻي نڪري پئو، رات سڄي هلندو رهج، پوءِ جڏهن تون اُڀرندن جبلن جي چوٽيءَ تي پهچي وڃين،تڏهن ان جي پويان وڃي، سڀ کان مٿانهين هنڌ تي بيهي سج جو انتظار ڪج ۽ جيئن ئي سج نڪري، ان کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي، تارپين جي تيل سان وهنجاري ڇڏجانءِ، پوءِ ان جو چهرو صاف ٿي ويندو، پوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، اچي، هيءُ ٽوال به پاڻ وٽ رک..... انهيءَ سان سج جي منهن کي چڱيءَ طرح اگهي صاف ڪجانءِ.... متان ڪٿي ڪو داغ نه رهجي وڃي! سمجهيئه؟“

    ”جي ها.... آءٌ ائين ئي ڪندس.“

    ستن سالن جو ٻالڪ پنهنجي مرڻينگ پيءُ کان موڪلائي نڪتو، تارپين جي تيل جو دٻو سندس هٿ ۾ هو، جهنگ ۾ رڇ کانئس پڇيو، ”تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ٻالڪ جواب ڏنو، ”آءٌ سج کي وهنجارڻ پيو وڃان!“ اهو ٻڌي، رڇ به ساڻس گڏجي هليو. اڳتي ويا ته هڪڙو هرڻ ملين، ان ٻالڪ کان پڇيو ته ”تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ٻالڪ رواڻيو ته، ”وڃان ٿو سج کي وهنجارڻ!“ تڏهن هرڻ به اسان سان گڏجي هليو. اڳيان هڪڙو طوطو گڏين، هو ٻالڪ جي ڪلهي تي ويهي، ”ٽيون ٽيون“ ڪري پڇڻ لڳو ته، ”ادا، هن دٻي ۾ ڪهڙي مٺائي کنئي اٿئي؟ ٻالڪ چيو، ”ميان، هيءَ مٺائي نه آهي، تارپين جو تيل آهي، آءٌ انهيءَ سان سج کي وهنجاريندس!“ اهو ٻڌي طوطو به ساڻس گڏجي هليو. ايتري ۾ باندر اچي نڪتو ۽ پڇڻ لڳو ته، ”اڙي ڇوڪر، هي ڪلهي تي ڪپڙو ڇا لاءِ کنيو اٿئي؟ مون کي نه جيڪر ڏين!“ ٻالڪ وراڻيو ته، ”توکي ڪيئن ڏيندس، انهيءَ سان ته آءٌ سج جو منهن اگهندس... ان جي چهري جي ڪاراٺ اگهندس.“ پوءِ باندر به ساڻس گڏجي هلڻ لڳو. باندر ٽوال پنهنجي هٿ ۾ کنيو. طوطي پنهنجي چهنب ۾ تارپين جو دٻو جهليو، رڇ ٻالڪ کي پنهنجي پٺيءَ تي سوار ڪيو، رڇ ڏاڍو تکو هو. باندر ۽ هرڻ به وڏا وڏا ڇال هڻندا هليا، طوطو وري هوا ۾ تڪڙو اڏامندو هليو. انهيءَ ڪري هي چارئي دوست جلد ئي اڀرندي وارن جبلن جي چوٽيءَ تي پهچي ويا.

    ٻالڪ، پنهنجي پيءُ جي چوڻ مطابق، اڀرندن جبلن جي پويان، سڀ کان مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي بيهي سج جو انتظارڪرڻ لڳو، سندس پاسن کان هرڻ، رڇ، طوطو ۽ باندر چپ چاپ بيٺا هئا.

    ٻالڪ طوطي کي چيو ته، ”تون ٿورو اڳڀرو اڏامي وڃي ڏسي اچ ته سج اچي پيو يا نه.“

    طوطو اڏامي ويو ۽ ٿوريءَ دير ۾ مٿي اچي چيائين، ”هوشيار! اچي پيو ڪارو سج!“

    جيئن ئي سج پهاڙ پٺيان ڪَني ڪڍي، ٻالڪ ان کي ٻنهي هٿن سان پڪڙڻ چاهيو، پر سج سندس هٿن منجهان ٿيڙ کائي، مٿي چڙهي ويو. ٻالڪ جا هٿ ان تائين پهچي نه سگهيا، پر سندس ننهن جا رهندڙا سج جي ڪاري چهري تي لڳي ويا هئا ۽ جتي جتي رهنڊڙا لڳا هئا، اتان اتان ڪاراٺ رهڙجي وئي هئي ۽ نور جون ڌارائون امالڪ زمين ڏانهن وهڻ لڳيون.

    ”سج اندران ڪارو نه آهي!“ ٻالڪ خوشيءَ وچان رڙ ڪئي، هن پنهنجون ٻئي ٻانهون سج ڏانهن وڌايون، پر سج سندس هٿن جي پهچ کان ٻاهر هو ۽ اڃا به مٿي ٿي رهيو هو.

    ليڪن ٻالڪ جي دوستن ڏاڍيءَ سياڻپ کان ڪم ورتو. ٽڪريءَ تي پهرين رڇ بيٺو، رڇ جي مٿان هرڻ، هرڻ جي مٿان باندر ۽ باندر جي مٿان ٻالڪ. باندر سج جي گهير کي پنهنجي پڇ سان وٽ ڏيئي قابو ڪيو، پوءِ طوطي پنهنجي چنهب سان تارپين جو دٻو کوليو ۽ ٻالڪ ٽوال کڻي، تارپين جي تيل سان سج جي چهري کي اگهڻ شروع ڪيو. جيئن جيئن هو سج جي چهري کي اگهندو ويو، تيئن تيئن ان تان ڪاراٺ لهندي وئي ۽ سج جي چهري تي مرڪ ڦهلجي وئي.

    پر اها ڪن ورهين جي پراڻي ڪاراٺ هئي، سا تمام مشڪل سان ٿي لٿي، ٻالڪ جا هٿ هئا تمام ننڍڙا ۽ وري سج کي هو گهڻي وقت تائين روڪي به نٿي سگهيا، سو ٻالڪ طوطي کي چيو ته هو ماٿريءَ ۾ وڃي سندس ساٿين کي خبر ڏئي ته هو سندس مدد لاءِ هڪدم هليا اچن. ”فورن، هن ڪم ۾ دير اصل نه ٿيڻ کپي!“

    طوطو هوا سان ڳالهيون ڪندو، اڏامند، هيٺ ماٿريءَ ۾ آيو ۽ وڏي سڏ رڙيون ڪري چوڻ لڳو، ”ٻڌو، ٻڌو! مٿي اُڀرندن جبلن جي چوٽيءَ تي هڪڙو ٻالڪ سج کي وهنجاري رهيو آهي، جنهن کي اچڻو هجي، هڪدم مدد لاءِ اچي! جنهن کي روشني کپي، سو هڪدم مدد لاءِ نڪري اچي!“

    ”ڊم! ڊم! ڊم!“ طوطي هڪڙو دهل کڻي ڳچيءَ ۾ لڙڪايو ۽ اهو زور زور سان وڄائيندو خوشيءَ منجهان رڙيون ڪندو، سڀني طرفن اُڏامندو رهيو،. واقعي، ماڻهن ڏٺو ته اڀرندن جبلن وٽان روشني ڦٽي نڪري آهي! سج اڃا ڪونه نڪتو هو، پر صبح ٿيو هو.

    ماٿريءَ جا ماڻهو خوشيءَ وچان رڙيون ڪرڻ لڳا. ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا سڀني کان اڳيان،ا ُڀرندن جبلن ڏانهن ڊوڙڻ لڳا. انهن جي پويان جوان هئا، جوانن جي پويان وڏڙا ۽ انهن جي پويان عورتون، سڀئي ماڻهو بالٽيون، ٽوال ۽ صابڻ هٿن ۾ کڻي نڪري پيا. سڀني جي پٺ ۾ هو سردار، جيڪو بيوس ٿي دانهون ڪري رهيو هو، ”نه وڃو! آءٌ چوان ٿو، ايڏانهن نه وڃو!“

    پر هو بلڪل بيوس هو، اڄ ڪنهن به سندس ڳالهه کي نٿي ٻڌو، ڪنهن به سندس حڪم جو خيال نٿي ڪيو، ڪنهن کي به سندس ڌمڪين جي پرواهه ڪانه هئي.

    ماڻهو ائين ته تيز ۽ تڪڙا پئي ويا، ڄڻ کين پرين وارا پر لڳي ويا هئا. هو انهيءَ گهڙي جهنگ لتاڙي، اڀرندن جبلن جي چوٽيءَ تي اچي سهڙيا. هڪدم سڀني گڏجي سج کي وهنجاريو، ان جي بت کي چڱيءَ طرح مهٽي صاف ڪيو. ان جي منهن تي پائوڊر هنيو، ٻارڙا خوشيءَ منجهان تاڙيون وڄائي نچڻ ۽ ٽپا ڏيڻ لڳا. عورتون جهومر هڻي، گيت ڳائڻ لڳيون.

    جڏهن سج جو چهرو آرسيءَ جيان چمڪڻ لڳو، تڏهن باندر پنهنجي پُڇ جو وٽ کوليو ۽ ٻالڪ سج کي مٿي هوا ۾ ائين اڇل ڏني، جيئن ڦوڪڻي کي اُڏائبو آهي.

    هاڻي جيڪو سج اڀرندن جبلن کان نڪتو، سو ڪارو نه هو، بلڪه اڳئين کان به خوبصورت ۽ چمڪندڙ ٿي پيو هو.

    هيٺ، ماٿريءَ ۾ نُور ڦهلجي ويو هو.

    (سنڌيڪار: اقبال احمد آگرو)


    حوالو:

    ڪتاب جو نالو: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون
    سنڌيڪار: زيب سنڌي ۽ تاج جويو
    سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تان ورتل
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 اپريل 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪارو سج (ڪرشن چندر)

    ادا بهترين ليک آهي ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڪامران اڪبر سومرو

    ڪامران اڪبر سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پي ايڇ ڊي اسڪالر
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ سجاڳيءَ جو درس ڏنل آهي!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    تمام بهتر انقلابي سوچ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو