علي چوهاڻ کيبرائي
سينيئر رڪن
غزل
رات جاڳي ُسک ِڦٽائي پو غزل ٺاهيو اٿم
ننڊ پنهنجي کي نچائي پو غزل ٺاهيو اٿم
ياد ماضي ۾ ُرنس اهڙو ُرنس جو ڇا چوان
ڳل پنو دامن ِڀِڄائي پو غزل ٺاهيو اٿم
سرد موسم برف باري هو بدن سارو پگهر
دل جگر پنهنجو جلائي پو غزل ٺاهيو اٿم
ويو جُڙي ماحول اهڙو ڄڻ هئا گڏ رند سڀ
جام لبڙن سان لڳائي پو غزل ٺاهيو اٿم
اوچتو ڄڻ وين اچي تون منهنجي ڀاڪر ۾ مٺي
توکي ٻانهن ۾ لڪائي پو غزل ٺاهيو اٿم
ٻول مٺڙا صاف سنڌي ماپ ۾ پورو وزن
لفظ لفظن سان ملائي پو غزل ٺاهيو اٿم
شور ٻاهر هو ڪتن جو ڪو ته جاڳيو پي علي
در ورائي جهوت پائي پو غزل ٺاهيو اٿم
رات جاڳي ُسک ِڦٽائي پو غزل ٺاهيو اٿم
ننڊ پنهنجي کي نچائي پو غزل ٺاهيو اٿم
ياد ماضي ۾ ُرنس اهڙو ُرنس جو ڇا چوان
ڳل پنو دامن ِڀِڄائي پو غزل ٺاهيو اٿم
سرد موسم برف باري هو بدن سارو پگهر
دل جگر پنهنجو جلائي پو غزل ٺاهيو اٿم
ويو جُڙي ماحول اهڙو ڄڻ هئا گڏ رند سڀ
جام لبڙن سان لڳائي پو غزل ٺاهيو اٿم
اوچتو ڄڻ وين اچي تون منهنجي ڀاڪر ۾ مٺي
توکي ٻانهن ۾ لڪائي پو غزل ٺاهيو اٿم
ٻول مٺڙا صاف سنڌي ماپ ۾ پورو وزن
لفظ لفظن سان ملائي پو غزل ٺاهيو اٿم
شور ٻاهر هو ڪتن جو ڪو ته جاڳيو پي علي
در ورائي جهوت پائي پو غزل ٺاهيو اٿم