[JUSTIFY]آ سنڌ سلامت جي اوطاق جي سهڻن دوستن جي سٿ ۾ شامل ٿي فخر محسوس ڪري رهيو آهيان، ۽ اميد ٿو ڪريان ته جيڪڏهن پنهنجي طرفان ڪو ونڊ نه به ڪري سگهيس ته اوهان دوستن جي ونڊ ڪيل ليکن مان ضرور فائدو وٺندس ۽ اوهان دوستن سان شامل حال رهندس ۔۔۔۔ آ بنيادي طور ٽيلي ڪميونيڪيشن انجنيئر آهيان ۽ ڪراچي ۾ پوسٽنگ اٿم ۔۔۔۔ سنڌي ادب،شاعري ۽ خاص طور تي شاهه جو شيدائي پڻ آهيان ۔۔۔۔ انڪري سنڌ سلامت جي سٿ ۾ موجود دوستن سان ڪچهريون ڪندي مزو ايندو ۔۔۔ ادي نثار ابڙي جو ٿورائتو آهيان جنهن سنڌ سلامت اوطاق مطلق معلومات فراهم ڪئي، جنهنجي طفيل اڄ اوهانجي سٿ ۾ شامل آهيان ۔ اميد ته ساٿ هلندو رهندو اوهانجو ساٿي عبدالرحمان شيخ[/JUSTIFY]
جواب: سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سلام [JUSTIFY]سائين عبدالرحمان شيخ صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون ۔۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۔سنڌ سلامت اوهان ۽ اسان جهڙن سنڌين جي گڏيل ڪاوش جو ئي نتيجو آهي۔ اميد ته اوهان به سنڌ سلامت جي سونهن ۾ اضافو ڪرڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏيندا۔ سنڌ سلامت جو ساٿ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء پنهنجون ڪاوشون ڪري رهيو آهي۔ اميد ته اوهان پڻ اسان جو ساٿ ڏيندا۔ اوهان ادب سان واسطو رکو ٿا تنهنڪري اسان اميد ڪنداسون ته اوهان سٺيون ۽ سهڻيون لکڻيون ونڊ ڪندا رهندا۔ سائين نثار ابڙو سنڌ سلامت جو روحِ روان آهي سندس ٿورا جو اوهان کي سنڌ سلامت جو ميمبر ڪيو اٿس [/JUSTIFY]
جواب: سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سلام محترم سائين عبدالرحمان جن کي هن عاجز طرفان هن فورم تي ڀلي ڪار سائين نثار ابڙو جن نهايت ئي لائق شخصيت جا مالڪ آهن کين سنڌ ۽ سنڌ واسين سان بي انتها محبت آهي تازو ساڻن ملاقات جو شرف حاصل ٿيو وجدته محسنا جدا ما زعمت الله تعالى کين صحت و عافيت سان وڏي ڄمار بخشي ساڻن قرب ڀري ڪچهريء مان جيء ئي ڪونه ٿو ڀرجي جهڙي سندن صورت پياري اهڙي ئي نهايت سهڻي سيرت سان الله تعالى کين نوازيو آهي اها سندن عنايت آهي جو اوهان جهڙن علم دوست ماڻهن کي پنهنجي اوطاق جو مهان بنائيندا رهندا آهن اميد ته آهستي آهستي هن فورم ذريعي سنڌ ۾ سجاڳي جو سڏ ڏيڻ ۾ ڪاميابي ٿيندي اوهان جي علمي ڪاوشن مان مستفيد ٿيڻ لاء منتظر رهنداسين ۔
جواب: سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سلام سنڌ سلامت جا عزيز دوستو! اصل ۾ عبدالرحمان سهڻي سڀاوَ وارو سچو دوست آهي، جواني جي عمر جا دوست آهيون، جڏهن اڃان وار اڇا نه ٿيا هئا ۔۔۔ اهي ڏينهن اهي شينهن ۔۔۔۔ هي دوست انجنيئرنگ ڪرڻ کانپو وڃي پنهنجي روزگار سان لڳو ۽ اسين به رزق حلال جي ڀنور ۾ رهياسون، ڪجهه ڏينهن پهريان عبدالرحمان مونکي فيسبڪ تي ڳولهي لڌو، بس پو ته وري اهي ڏينهن اهي شينهن“ ياد اچي ويا ۔۔۔۔ لک ٿورا فيسبڪ جا ” ڪالهه فيسبڪ تي ويٺي سندس موجودگي محسوس ٿي ته فون ڪري هڪٻئي کان حال احوال ورتوسون ته عبدالرحمان چيو ته ” ملاقات“ ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، بس پو عبدالرحمان پنهنجي کلمک چهري سان اچي اڳيان پهتو ۔۔۔ ڀانيان ڀال سندو، جي ساجن! سنئون نهارين۔ ورهين جي وڇوڙي کانپو ڪچهريون ٿيون ۽ سنڌ سلامت جو ذڪر نڪتو ته مون کيس ان وقت ئي رڪنيت لئه چيو ۽ ويٺي ويٺي دوست رڪن به ٿي ويو ۽ کيس سنڌ سلامت جي اوطاق پسند به آئي ۽ آئينده لئه سنڌ سلامت تي ڀيرن ڀرڻ جو واعدو به ڪيائين ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔ دوست عبدالرحمان کي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿي چئجي ۽ اميد ٿي ڪجي ته پنهنجي مصروف زندگي جي گهڙين مان ڪجهه قيمتي گهڙيون سنڌ ۽ سنڌيت جي مان ۾ ضرور ڪڍندو ۽ سنڌ سلامت جي دوستن جي همٿ افزائي ڪندو ۔۔۔ انٽرنيٽ جي مها ساگر ۾ سنڌ سلامت سنڌي ٻولي جو هڪ اهڙو ٻيڙو آهي جنهن ذريعي اسين انٽرنيٽ تي، سنڌي ٻولي ۾ موجود تمام گهڻي مواد کي محفوظ ڪرڻ ۽ نئين مواد کي متعارف ڪرائڻ جو ڪم پنهنجن هٿن ۾ کنيو آهي، اميد ته محترم عبدالرحمان شيخ صاحب جن به اسانجي انهن ڪاوشن ۾ ساٿ نڀائيندا ۔۔۔ دوست گڏجن ۔۔۔ ميلا لڳن ۔۔۔ منزل آسان ٿئي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سلام ادا عبدالرحمان شيخ صاحب اسلام عليڪم۔ادا توهان کي هن محبتي اڳڻ جو ميمبر ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون۔ اميد آهي ته توهان جي اچڻ سان هڪ سٺي ميمبر جو اضعافو ٿيندو جيڪو پنهنجي تحريرن ۽ ڪمينٽس سان بهترين قسم جي معلومات فراهم ڪندو۔توهان جي ليکن جو انتظار رهندو۔ ادا نثار ابڙو صاحب جن جيڪي هن اوطاق جي روح رواڻ مان هڪ آهن جي تمام گهڻي مهرباني جن توهان کي هتان جي ميمبر ٿيڻ لاء همٿايو۔توهان ٻنهي صاحبن جون مهربانيون۔هميشه خوش رهو۔
جواب: سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سلام سائين عبدالرحمان شيخ صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون ۔۔ سائين نثار ابڙو سنڌ سلامت جو روحِ روان آهي سندس ٿورا جو اوهان کي سنڌ سلامت جو ميمبر ڪيو اٿس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وري به ڀليڪار اميد ته سنڌ سلامت تي ساٿ سلامت رهندو [/center][/img]
جواب: سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سلام سائين عبدالرحمان شيخ صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون ۔۔
جواب: سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سلام سڀ کان پهريائين ته اسان سائين عبدالرحمان شيخ صاحب کي سنڌ سلامت فورم جو ميمبر ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪ باد پيش ڪريون ٿا ۽ سائين ابڙي صاحب جن جا پڻ ٿورائتا آهيون جن سائين شيّخ صاحب کي سنڌ سلامت فورم بابت ٻڌايو سائين شيّخ صاحب توهان کي ڪا به ڳالهه پڇڻي هجي يا ڪو مسئلو هجي فورم جي حوالي سان ته توهان سنڌ سلامت تي موجود سيڪشن پڇهڻا نه منجهڻا سيڪشن ۾ ڪري سگهو ٿا اميد ته فورم جو ڀيرو ڪندا رهندا سدائين گڏ
جواب: سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سلام وعليڪم سلام ادا توهان کي سنڏ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون۔