مرشد ۽ مريد هڪ مرشد پنهنجن چيلن سميت ڪنهن مريد جي گهر وڃي مهمان ٿيو. مريد ويچارو غريب ۽ مسڪين، سو هاڻ مرشد جي دعوت ڪيئن ڪري ۽ ڇا ڪري، سو زال کان پڇيائين ته ڇا ڪجي؟ سندس زال به ڪا تتل هئي جو مرشد مڙئي هر مهيني پيو ڀيرو ڪندو هو ۽ پچائڻو ۽ خدمت ته ويچاري زال تي هئي ... سو صلاح ڏنائينس ته گهر ۾ ڪجه به ناهي ... ها دال پئي آهي ... سو مرشد لئه دال تڙڪي سان پچايان ٿي ... باقي پڇي اچيس ته چيلن لئه ڇا پچايان؟ مريد ويو مرشد وٽ ۽ وڃي ادب سان سوال ڪيائين ته سائين اوهانجي لئه تڙڪي واري دال پئي رڌجي ... باقي ٻڌايو ته چيلن لئه ڇا پچائجي؟ مرشد وراڻيو. ابا جي مون لئه دال آهي ته چيلن جي منهن تي ڪُنو گهمائي ڇڏيو ... ڪافي ٿيندو ....
فقير سائين لڳي ٿو توهان کي به مريد ائين چون ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔ hall charihall charihall chari مريدن جو به ڏوه نه آهي جومهانگائي گهڻي آهي suhnan saan sadayeen gud