محمد لائق راهو
سينيئر رڪن
غنويٰ ڀٽو، جونيئر ذوالفقار ۽ فاطمه آخري ديدار نه ڪيو، قبر تي حاضري، لڙڪ روڪي نه سگهيا
لاڙڪاڻو بيگم نصرت ڀٽو جو پوٽو جونيئر ذوالفقار ڀٽو، پوٽيون فاطمه ڀٽو، سسئي ڀٽو ۽ ننهن غنويٰ ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو جو آخري ديدار نه ڪري سگهيا، معلوم ٿيو آهي ته حڪومت پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو ڏانهن ڊي آءِ جي ۽ ڊي پي او لاڙڪاڻو ذريعي نياپو اماڻيو ته توهان کي آخري رسمون ادا ڪرڻيون آهن ۽ نئون ديرو هائوس اچو، جنهن تي پ پ ش ڀ جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيو ته مڙهه المرتضيٰ هائوس ڏنو وڃي ته جيئن اسان رسمون ادا ڪري سگهون، مڙهه اسان جي حوالي نه ڪيو ويو ته اسان صدارتي ڪئمپ آفيس نه وينداسين ۽ ائين غنويٰ ڀٽو ۽ ٻين ڀاتين آخري رسمن ۾ شرڪت نه ڪئي، بعد ۾ پ پ ش ڀ جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو، جونيئر ذوالفقار، فاطمه ڀٽو، سسئي ۽ ٻيا هزارين ڪارڪنن سان گڏ ڳڙهي خدابخش پهچي بيگم نصرت ڀٽو جي قبر تي حاضري ڀري ۽ دعا گهري، گلن جن چادرون چاڙهيون، ان موقعي تي ش ڀ جا ڪارڪن اڳواڻ، جونيئر ذوالفقار، فاطمه ۽ ٻيا لڙڪ لاڙيندا رهيا، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ فاطمه ڀٽو جي اوڇنگارن تي ڪارڪن لڙڪ روڪي نه سگهيا غنويٰ ڀٽو به دعا گهرڻ وقت روئيندي رهي، غنويٰ ڀٽو بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انهن اسان کي چيو هو ته آخري ديدار ڪرڻو آهي ته نئون ديرو هائوس اچو پر اسان انڪار ڪيو ته وارث اسان آهيون مڙهه اسان حوالي ڪيو وڃي. پ پ پ شهيد ڀٽو پاران بيگم نصرت ڀٽو جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس اباڻي شهر جي گهر المرتضيٰ هائوس ۾ وڇايل تڏي تي سنڌ نيشنل فرنٽ جو چيئرمين سردار ممتاز علي خان ڀٽو،سندس پٽ امير بخش خان ڀٽو،سردار عامر خان ڀٽو سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي، ۽ پ پ پ شهيد ڀٽو پاران بيگم نصرت ڀٽو جي غائبانه جنازه نماز المرتضيٰ هائوس ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پ پ پ شهيد ڀٽو جا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ کيس ايثال ثواب پهچائڻ خاطر فاتح پڙهي وئي جڏهن ته بيگم نصرت ڀٽو جي پوٽي جونئير ذوالفقار ڀٽو سان تعزيت ڪرڻ لاءِ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن تعزيتن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو هيو ۽ المرتضيٰ هائوس ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي لاڏاڻي تي پ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن توڙي شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو سڄو ڏينهن اکين مان لڙڪ روڪي نه سگهيا،ان موقعي تي پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو آصف زرداريءَ جي قيد کان آزاد ٿي وئي جيڪا 5 1 سالن کان اسان ۽ ملڪ جي عوام کان پري اڪيلي هئي ۽ هاڻي وڃي پنهنجي مڙس ۽ پٽن ۽ نياڻيءَ سان وڃي ملندي جنهن کي هميشه پنهنجي ٻچڙن کان پري رکيو وکيو ويو،هاڻي هن جون تڪليفون ختم ٿي ويون آهن،آصف زرداري شهيدن جي مزار کي دروازا هڻائي عام ماڻهن لاءِ بند ڪرايو آهي ڇو جو کيس خوف آهي .بيگم نصرت ڀٽو جا اصل وارث جونيئر ذوالفقار ۽ فاطمه ڀٽو آهن جن حوالي سندس مڙهه حوالي ڪيو وڃي جئين رسمون ادا ڪري کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري سگهجي،پر لاش تي به سياست ڪئي وڃي ٿي کيس سندس ٻچڙن کي به آخري ديدار نه ڪرڻ ڏنو ويو