محمد لائق راهو
سينيئر رڪن
لاڙڪاڻو: ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي قبرستان کي عام ماڻهن جي کولڻ کانپوءِ ناهيد خان ۽ سينٽر صفدر علي عباسي هڪ جلوس جي صورت ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ سندس مغفرت لاءِ دعا گهرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو هڪ عظيم عورت هئي جنهن پنهنجي ور سميت پنهنجي اولاد کي جهموريت لاءِ قربان ڪيو پر ڊڪٽيٽر ضيا خلاف جدوجهد جاري رکي جنهن سبب هن لٺيون پڻ کاڌيون کيس وفات تي سلام پيش ڪيون ٿا، هنن حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت پنهنجو ڪم صحيح نه ڪري رهي آهي جڏهن ته انهن جي غلط فيصلن سبب پ پ پ عوام کان پري ٿيندي وڃي ٿي. ان موقعي تي هزارين ماڻهون نعريبازي ڪندا رهيا ته ـ بي بي هم شرمنده هين تيري قاتل زنده هين.