• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فاطمه ڀٽو ڏاڏيءَ جي ڏک ۾ بي حال، اوڇنگارون، ڀتين کي ٽڪر

محمد لائق راهو

سينيئر رڪن
لاڙڪاڻو: پ پ (ش ڀ) جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو فاطمه ڀٽو سان گڏ گذريل سومر رات دير سان لاڙڪاڻي پهتي، جتان هوءَ سڌو ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي بيگم نصرت ڀٽو جي مزار جي کوٽائي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري. هوڏانهن اطلاع آهن ته المرتضيٰ هائوس ۾ فاطمه ڀٽو پنهنجي ڏاڏيءَ جي وڇوڙي تي سخت رني ۽ ڳوڙهن جا نيئر وهائيندي ڀتين سان ٽڪر به هنيا ۽ چيو ته حڪمران ڌر اسان کي ڏاڏيءَ جو آخري ديدار به نه ٿا ڪرائين، جيڪو عمل اذيت ڏيندڙ آهي.
 
Back
Top