سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقي لاءِ نئين دور جا چئلينج! نصير ميمڻ

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد لائق راهو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2011۔

  1. محمد لائق راهو

    محمد لائق راهو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    ٽريول ايجنٽ
    ماڳ:
    ڪراچي
    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيڪو پهريون ڪم ڪيو ويو اهو هو ملڪ جي باني قومن جي تاريخي سڃاڻپ ۽ حيثيت کان انڪار ڪرڻ. ڏنڊو کڻي صديون پراڻي تهذيب رکندڙ قومن کي چيو ويو ته اڄ کان توهان پاڪستاني آهيو ۽ توهان جي قومي زبان اردو آهي. ملڪ ٺهڻ کا يارنهن ڏينهن پوءِ يعني 25 آگست 1947ع تي مرڪزي حڪومت جي تعليم واري وزير فضل الرحمان ڍاڪا ۾ هڪ تقرير دوران فرمايو ته پاڪستان ۾ هڪ سينٽرل ايڊمنسٽريٽو سروس قائم ٿيندي ۽ ان ۾ صوبي پرستي جي ڪا به گنجائش نه هوندي. 12 هين ڊسمبر 1947ع تي پاڪستان دستورساز اسيمبلي جي رولز اينڊ پروسيجرز ڪمپني سفارش ڪئي ته جيستائين اسيمبلي جي سرڪاري زبان جو تعلق آهي، اردو ۽ انگريزي کي برابر حيثيت حاصل هوندي ۽ جيڪي ميمبر انهن ٻنهي زبانن ۾ تقرير نٿا ڪري سگهن کين پنهنجي ٻولي ۾ ڳالهائڻ لاءِ صدر کان اجازت وٺڻي پوندي. ياد رهي ته ان وقت پاڪستان ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي 7.2 سيڪڙو هئي ۽ انگريزي ڳالهائيندڙ يا سمجهندڙ ته هڪ سيڪڙو به نه هئا، جڏهن ته ملڪ ۾ 54.6 سيڪڙو آبادي بنگالي ڳالهائيندڙ هئا. ان دور ۾ ڊان ۽ نواءِ وقت اخبارن اردو زبان جي حق ۾ زبردست مهم هلائي ۽ اردو ٻولي بجاءِ ٻي ڪنهن زبان کي سرڪاري زبان بنائڻ واري مطالبي کي ملڪ دشمني قرار ڏيندي ملڪ جي اصلوڪين قومن خلاف لڳاتار زهر اوڳاڇيو. تعصبي وزيراعظم لياقت علي خان اردو زبان جي شائونزم واري قافلي جو سرواڻ بنيل هو. ان وقت بنگلاديش ۾ ٻولي واري مسئلي تي انتهائي شديد رد عمل جاري هو. ٻرندي تي تيل تڏهن پيو جڏهن قائداعظم جهڙو سياڻو ماڻهو به ثقافتي شائونسٽ ٽولي جي اثر ۾ اچي ويو ۽ 21 هين مارچ 1948ع تي ڍاڪا ۾ هڪ تمام وڏي جلسي کي خطاب ڪندي چيائين ته ”پاڪستان جي قومي زبان ٻي ڪانه پر اردو هوندي، جيڪو به توهان کي ان ڏس ۾ گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اهو دراصل پاڪستان جو دشمن آهسي.“ پاڪستان جي تاريخ تي گهري نظر رکندڙ چون ٿا ته درحقيقت بنگلاديش ان ڏينهن ئي پاڪستان کان الڳ ٿي چڪو هو.

    تڏهوڪي پاڪستان ۾ بنگالي کانسواءِ جيڪڏهن ڪا سڌريل شڪل واري زبان موجود هئي ته اها سنڌي هئي. ڪراچي ۾ تيرنهن سو پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائي ويندي هئي. جن مان ملڪ ٺهڻ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏني وئي. 1951ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي قائم ٿي ۽ 1956ع ۾ ان جي سينڊيڪيٽ سنڌي بجاءِ صرف اردو ۾ امتحان وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. 1956ع جي آئين ۾ هو ته ٽين جماعت کان سنڌي ٻار، اردو جو سبجيڪٽ پڙهندا ۽ اردو ڳالهائيندڙ ٻار سنڌي زبان به پڙهندا پر ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ اردو ڳالهائيندڙ ٻارن تان سنڌي پڙهڻ وارو بار ختم ڪيو ويو.

    لياقت علي خان سنڌي زبان کي گڏهه ۽ گهوڙا هڪليندڙن جي زبان قرار ڏئي ان جي تاريخي حيثيت کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. ون يونٽ جي دور ۾ ته حالت اها ڪئي وئي جو ڪنهن سرڪاري عمارت جو نالو به سنڌي ۾ لکڻ تي بندش هئي. ان سڄي دور ۾ سنڌ جا سياسي اڳواڻ توڙي ليکڪ ۽ دانشور سنڌي ٻولي جي تاريخي سڃاڻپ بحال ڪرڻ واري جدوجهد ۾ رُڌل رهيا پر ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ به ان ۾ ڪا نمايان تبديلي نه آئي. پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت دوران جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي کي سنڌ جي سرڪاري زبان بنائڻ جو بل پيش ٿيو ته هڪ مخصوص ٽولي سنڌ ۾ باهه ٻاري ڏني ۽ ٻولي وارن هنگامن ۾ ان شائونسٽ ٽولي فضليت ۽ انسانيت جون سموريون حدون اورانگهي ڇڏيون. 90ع واري ڏهاڪي تائين سنڌ جي ادبي ۽ سياسي پروگرامن ۾ منظور ٿيندڙ ٺهرائن ۾ هڪ ٺهراءُ پاڪستان ٽي وي تان سنڌي ٻولي جو وقت اڌ ڪلاڪ مان وڌائي هڪ ڪلاڪ ڪرڻ ۽ سنڌي ۾ ٻارن جو پروگرام ”روشن تارا“ ٻيهر شروع ڪرڻ هوندو هو.

    سرڪار کان سنڌي ٻولي لاءِ مطالبا ڪندي چاليهه سال گذرڻ جي باوجود ڪجهه نه وريو. ان دوران 80 واري ڏهاڪي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ٿي ۽ سنڌي سافٽ وئير تيار ٿي ويو. پهريون ڀيرو 80 واري ڏهاڪي جي پڇاڙي ۾ عوامي آواز اخبار ڪمپيوٽر تي شايع ٿي جيڪو سنڌي ٻولي لاءِ هڪ نئون موڙ هو. 90ع واري ڏهاڪي ۾ جيئن سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ مارڪيٽ اڪانومي جو دور آيو ته ڪميونيڪشن ٽيڪنالوجي ۾ ڄڻ انقلاب اچي ويو. گلوبلائيزيشن جتي سماجي اڻ برابري ۽ معاشي استحصال جا نوان هٿيار متعارف ڪرايا اُتي ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ اي ميل جي عام ٿيڻ ڪمزور بنايل ثقافتن لاءِ ترقي جا نوان دروازا کولي ڇڏيا. جيتوڻيڪ گلوبلائزيشن جي ثقافتي رخ بابت مختلف رايا آهن ۽ ڪجهه حلقن جي راءِ آهي ته گلوبلائيزيشن جي نتيجي ۾ ثقافت کان وانجهيل هڪ دنيا وجود ۾ اچي رهي آهي پر ان جو ٻيو پاسو اهو آهي ته ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي دنيا جي مختلف خطن ۾ ثقافتي اقليتن لاءِ ترقي جا نوان دروازا پڻ کوليا آهن. ان ٽيڪنالوجي جو نتيجو آهي جو اڄ پنج سنڌي چئنل ٽي وي ۽ انٽرنيٽ وسيلي سڄي دنيا ۾ ڏسجي رهيا آهن ۽ هاڻي پاڪستان ٽيليويزن کان سنڌي پروگرام جي وقت وڌائڻ جو مطالبو ڪنهن به جلسي جلوس ۾ نه ٿو ٻڌجي. سنڌي سافٽ وئير عام ٿيڻ سان سنڌي اي ميل ڪرڻ به عام ٿي ويو آهي. هي سڄو وايومنڊل اسان کي ان خوف کان ٻاهر ڪڍي آيو آهي ته سنڌي ٻولي ختم ٿي ويندي يا ان ۾ پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ مواد نه هجڻ جي برابر هوندو. گهٽ ۾ گهٽ هاڻي پروگرامن، جلسن ۽ لکڻيڻ ۾ نارائڻ شيام جون اهي سٽون نه ٿيون ورجائجن ته ”الا ائين مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي“. درحقيقت هاڻي مسئلو سنڌي ٻولي جي بقا کان وڌيڪ ان جي سڌاري، ترقي ۽ مارڪيٽ جي چٽاڀيٽي ۾ ان جي اهميت کي برقرار رکڻ جو آهي. سنڌي ٻولي کي پنهنجي رسم الحظ هجڻ جو ايڏو ته زبردست فائدو حاصل آهي جيڪو پاڪستان اندر ٻي ڪنهن به قومي زبان وٽ نه آهي.

    هاڻي سنڌي ٻولي کي سرڪاري سرپرستي بجاءِ محب وطن خانگي شعبي جي سرپرستي جي ضرورت آهي. هينئر پي ٽي وي کان وقت وڌائڻ جو مطالبو ان ڪري بي معنى ٿي ويو آهي جو مارڪيٽ ۾ موجود خانگي شعبي ان گهرج کي پورو ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ساڳي طرح جيڪڏهن بيڪن هائوس آڪسفورڊ ۽ دي ايجوڪيٽرس جا تعليمي ادارا ٻارن کي انگريزي سان گڏ سنڌي بجاءِ اردو پڙهائي رهيا آهن ته انهن کان مطالبا ڪرڻ بجاءِ سنڌي جي سکئي ستابي ڪلاس کي معياري تعليم جا اهڙا ادارا قائم ڪرڻ گهرجن جيڪي سنڌي ۾ تعليم به فراهم ڪن ۽ مارڪيٽ ۾ معيار جي چٽاڀيٽي کي به منهن ڏين. ساڳي طرح مارڪيٽ جو واهپو گهٽ هجڻ ۽ مختلف پراڊڪٽس تي سنڌي ۾ ليبل نظر نه اچڻ جو ڪارڻ به مارڪيٽ ۾ سنڌي سيڙپڪار جو نه هجڻ آهي. اهوئي سبب آهي جو اڄ شڪارپور ۾ ٺهندڙ آچار خيرپور ۾ ڦٽندڙ کجور جا پيڪٽ به اردو ۾ ڇپجن ٿا. ان مسئلي جو حل ان ۾ ئي آهي ته مارڪيٽ جي اندر محب وطن ۽ سجاڳ ذهن سنڌي سيڙپڪار پيدا ٿئي ۽ ترقي ڪري. مارڪيٽ جي ڪردار جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي چينل کلڻ کانپوءِ ڪيترائي اشتهار سنڌي زبان ۾ ترجمي سان نشر ٿين ٿا ۽ اخبارن ۾ سنڌي ۾ ترجمو ٿيل اشتهار ڇپجن ٿا. اهو ان ڪري آهي جو انهن ڪمپنين کي خبر آهي ته سنڌ ۾ پنهنجي پراڊڪٽس جو مارڪيٽ ٺاهڻ لاءِ کين سنڌي زبان جي سهاري جي ضرورت آهي. مارڪيٽ ۾ جيئن جيئن پيداوار آڻيندڙ، مصنوعات تيار ڪندڙ ۽ خريداري ڪندڙ سنڌي سگهارو ٿيندو، سنڌي زبان جو هر سطح تي واهپو وڌندو ۽ اهو سڀ ڪجهه سرڪار کان ڪنهن مطالبي جي نتيجي ۾ نه پر مارڪيٽ جي گهرجن جي پورائي لاءِ ٿيندو. يقينن ادب، شاعري ۽ عام واهپو سنڌي زبان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهندا پر بنيادي طور تي مارڪيٽ جو ڪردار ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ اهم هوندو. جيڪا زبان مارڪيٽ جي گهرج نه بنجندي، ان جي بقا ترقي اڳيان هميشه سوال ڪَر کڻندا رهندا. سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه ۾ ٻيو اهم چئلينج هوندو جديد تقاضائن جو پورائو ڪرڻ. مثال طور سائنس جي مختلف شعبن ۾ ڏينهون ڏينهن زبردست ترقي ٿي رهي آهي. انهن سمورن شعبن ۾ انيڪ نوان لفظ ۽ اصطلاح مروج ٿي رهيا آهن. جيئن ته سائنس جي انهن شعبن ۾ اها ترقي اُسريل دنيا ۾ ٿي رهي آهي، تنهن ڪري انهن سائنسي شعبن سان لاڳاپيل سمورا لفظ ۽ اصطلاح به اتان جي ٻولين، خاص ڪري انگريزي ۾ مروج ٿي رهيا آهن. سنڌي زبان ۾ انهن جديد شعبن جا لفظ ۽ اصطلاح متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌي ۾ مختلف زبانن ۽ موضوعن جون جامع لغتون تيار ٿين ۽ انهن جا وقت بوقت نوان ڇاپا شايع ٿيندا رهن.

    سنڌي ٻولي لاءِ هڪ ٻيو اهم چئلينج ميڊيا وسيلي ان ۾ ايندڙ بگاڙ آهي. هونءَ ته زبان اندر ٻين ٻولين جا لفظ ضم ٿيڻ ان جي صحتمند هجڻ جي نشاني آهي پر ايئن به نه هجي ته زبان جا اصلوڪا ۽ وڌيڪ ٺهڪندڙ لفظ متروڪ ٿيندا وڃن ۽ انهن جا جاءِ اهڙا لفظ والارين جيڪي مفهوم ۾ به بگاڙ پيدا ڪندا هجن. ساڳي طرح گرامر جو غلط استعمال ۽ غلط اچار پڻ سنڌي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ عام ٿي رهيا آهن. بدقسمتي سان بنيادي تعليمي ادارن جي معيار تباهه ٿيڻ ۽ خانگي شعبن ۾ معياري تعليمي ادارن جي اڻ هوند سبب ٻولي جي ميعار بابت اوائلي ڏاڪي تي ٻارن جي ڪا جوڳي تربيت نه پئي ٿئي. ميڊيا جا ادارا جيئن ته پروفيشنل گهٽ ۽ ڪمرشل وڌيڪ ٿي رهيا آهن. تنهن ڪري اهي پنهنجي عملي جي ٻولي واري معيار کي ڪو مسئلو نٿا سمجهن. مجموعي طور تي سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جتي سنڌي ٻولي جي بقا واڌ ويجهه ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي اتي ٻولي جي معيار بابت ان جي ڪارڪردگي گهڻي جس جوڳي نه ٿي نظر اچي. ان ڏس ۾ ميڊيا جي ادارن کي ٻولي بابت بنيادي سکيا ڏيڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ گهرجي ۽ ٻولي سان لاڳاپيل ادارن کي به ان ڏس ۾ اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي.

    هڪ بهتر ڳالهه اها ٿي آهي ته شهري علائقي ۾ وقت سان گڏ سنڌي گهراڻن ۾ فيشن طور اردو ڳالهائڻ وارو رويو گهٽجي رهيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جو واهپو ڪرڻ وارو لاڙو مضبوط ٿي رهيو آهي. پر اتي هڪ اهم مسئلو ٻارن کي سنڌي ۾ بنيادي تعليم نه ملڻ آهي. اها سنڌي والدين جي ذميواري آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مجبوري سبب ٻارن کي اهڙن ادارن ۾ پڙهائي رهيا آهن جتي سنڌي ٻولي نه ٿي پڙهائي وڃي ته هو پنهنجي ٻارن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ يا ته پاڻ وقت ڪڍن يا ٿورو خرچ ڪري کين سنڌي پڙهائڻ لاءِ ٽيوشن جو بندوبست ڪن. شهري علائقن اندر نئين نسل سنڌي ٻولي کي ڳالهائڻ سان گڏ لکڻ ۽ پڙهڻ واري صلاحيت منتقل ڪرڻ نهايت ضروري آهي. ان ڏس ۾ ٻيو اهم خال سنڌي ۾ ٻارن لاءِ معياري مواد / پروگرام نه هجڻ جو آهي. پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول واري ڄمار دوران جيڪڏهن ٻارن کي سنڌي ۾ پڙهڻ، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ٻاراڻو مواد گهربل معيار ۽ مقدار ۾ مهيا نه ٿيندو ته ايندڙ نسل کي ميڊيا وسيلي ٿيندڙ يلغار کان بچائڻ اوکو ٿي پوندو. سنڌ جي ادبي ادارن ۽ پبلشرز کي ان ڏس ۾ ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ ان کي گهڻو عرصو نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.

    اهي سڀ ڪم ڪي غير معمولي يا اڻ ٿيڻا نه آهن، صرف ان لاءِ ٿوري ڌيان جي ضرورت آهي. سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ ذميوار ادارن تي اهو فرض ٿو لاڳو ٿئي ته اهي رڳو سنڌي ڪتاب ڇپرائڻ بجاءِ ٻولي جي سڌاري ۽ ترقي بابت انهن بنيادي مسئلن تي به ڪم ڪن. ساڳي طرح سنڌي جي ادبي ثقافتي تنظيمن کي ان ڏس ۾ جامع حڪمت عملي جوڙي اڳڀرائي ڪرڻ جي ضرورت آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو