مان ڇا پر پوري دنيا ان ڳالهه تي حيران آهي ته يوناني تهذيب ۾ اهو ڇا هو؟ جنهن ان دور جي ماڻهن کي انسان جي هر روحاني ۽ مادي پهلوءَ سان نه رڳو روشناس ڪرايو پر هو ان ۾ ڪافي حد تائين اڳتي ويا. جديد سائنس جي نظر ۾ انهن جا ڪافي نظريا غلط ٿي سگهن ٿا پر ڇا اها گهٽ ڳالهه آهي ته هو ڪائنات جي هر ڳوڙهي حقيقت جي مشاهدي لاءِ بيچين ٿيا. جيڪڏهن انهن جي مطالعي ۾ ڪي غلطيون به ٿيون، تڏهن به محمد ابراهيم جويي چواڻي! So what منهنجي نظر ۾ ته انهن جو اهو ڪارنامو ئي ڪافي آهي ته انهن نه صرف دور ستارن جي باري ۾ پنهنجي راءِ قائم ڪئي پر انهن انسانن جي احساسن کي ٻوليءَ جي ذريعي ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي. تاريخ ته انهن جي ان ڪارنامي کي به سلام ڪرڻ کان رهي نه ٿي سگهي جو انهن هن بيڪران ڪائنات ۽ انسان جي رشتي کي کولي بيان ڪرڻ جي سلسلي ۾ سفر جي ابتدا ڪندي ڪي نالا سوچيا ۽ اهي نالا ايترا ته صحيح هئا جو اڄ ڏينهن تائين سائنس ۽ آرٽ ۾ انهن نالن جي بنيادن تي انسان ذات جي سوچ جو سفر روان دوان آهي. مان سائنس جي عزت ڪندو آهيان پر آرٽ سان منهنجو تعلق عشق وارو آهي. ان ڪري مان يوناني تهذيب جا سائنس ۾ ڪيل ڪارناما بيان ڪرڻ کان قاصر آهيان. باقي يونانين جو آرٽ ۾ ڪيل ڪم ته اهڙو آهي جو ان تي سرسري اک وجهڻ لاءِ به گهڻو وقت ۽ گهڻا ڪاغذ کپن. پڙهندڙن جي ذهنن ۾ اها ڳالهه ته ضرور ايندي ته هي يونانين جو اوچتو ذڪر ڇو ٿي رهيو آهي؟ ان جو سادو سبب اهوئي آهي ته گذريل ڏينهن اولهه ۾ هليل ادب ۽ آرٽ جي تحريڪن تي لکيل هڪ ڪتاب جا ورق ورائي رهيو هوس ته Aesthetics جي سلسلي ۾ يورپ جي اديبن ۽ آرٽسٽسن جي جستجوءَ جي جهلڪ منهنجو من موهي وئي. هونءَ ته حسن جي حوالي سان هر ڳالهه ماڻهوءَ کي فطري طور موهي وٺي ٿي پر سونهن جي ڪشش جو سائنسي مطالعو ڪندي، اولهه جي عالمن ايتري احتياط جو مظاهرو ڪيو آهي جو ڪنهن به شاعرن جي گيتن، اديبن جي افسانن ۽ مصورن جي تصويرن جو رومانوي روح متاثر نه ٿيو آهي. جڏهن اسان وٽ سائنسي تجزئي جو مطلب اهو سمجهيو ويو آهي ته هر نازڪ احساس ۽ جذبي کي سخت لهجي ۽ ڳرن لفظن سان ميساري ڇڏجي، پر اولهه جي نقادن جو ڪمال آهي ته هو هر شيءَ جي حوالي سان احترام جي حد کان واقف آهن. هو جڏهن آرٽ جي سلسلي ۾ اظهار ڪن ٿا، تڏهن انهن کي آرٽ جي نفاست جو گهرو احساس رهي ٿو. هو جڏهن ادب ۽ شاعريءَ تي اظهار خيال ڪن ٿا، تڏهن هو ايترو محتاط نظر اچن ٿا، جيترو احتياط هڪ سرجن دل جي آپريشن ڪرڻ وقت ڪندو آهي. سو! مون جماليات جي ڳالهه پئي ڪئي ته جماليات جي حوالي سان مون کي يوناني تهذيب جو ڪردار ان ڪري معتبر لڳو ڇو ته جماليات يعني Aesthetics جي احساس کي به سڀ کان اڳ ۾ يونانين محسوس ڪيو هو ۽ انهن انسان جي ان احساس کي بيان ڪندي لکيو هو ته ”هي انسان جو اهو جذبو آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي من کي سونهن سان سلهاڙي ڇڏي ٿو.“ يونانين کي ته اهو پتو به هو ته ”حسن جي ان احساس جو اظهار ماڻهو صرف آرٽ جي ذريعي ئي ڪري سگهي ٿو،“ پر پوءِ به ان جي فڪري پهلوءَ تي سوچ جي سفر کي جاري رکڻ جي لاءِ انهن جماليات کي فلسفي جي هڪ ٽاري قرار ڏنو. جماليات کي فلسفي ۾ شامل ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته انسان جي هن دلچسپ پهلوءَ تي غور ۽ فڪر ٿيندو رهي. باقي ان سلسلي ۾ جيتري به اصل پيش رفت ته انهن انسانن ڪئي آهي، جن جا نالا ٻڌڻ سان ذهن جي گرجا گهر ۾ هڪ مٺيءَ لار وارا گهنڊ وڄڻ شروع ٿي ويندا آهن. مان ائين ڪيئن ٿو چئي سگهان ته انهن احساسن جي دوران اياز پنهنجو اهو شعر لکيو هو ته: ”گرجا گهنڊ وڄايا هاءِ پرين ياد آيا“. ماڻهو ڪنهن ساوڪ واري ماحول ۾ گرجا جا گهنڊ ٻڌي وسري ويل محبتون ته ياد ڪندو ئي آهي پر جڏهن محبتن جا مبلغ جڏهن حسن جا پرچارڪ ياد پون تڏهن به دل جي وادين ۾ گرجا جا گهنڊ وڄڻ لڳندا آهن. مان اوهان کان پڇان ٿو ته جيڪڏهن مان هن ڪالم ۾ مصر، يونان، روم، چين ۽ قديم هندستان جي تهذيبن جا حوالا ئي لکان ته ڇا اوهان کي اهرام مصر کان وٺي يونان جي دلڪش مجسمن تائين ۽ روم جي گهٽين ۾ گم ٿي ويل عشقن کان وٺي موهن جي دڙي جي ناچڻي تائين ڪيئي دفن ٿيل داستان مجبور نه ڪندا ته اوهان گهڙيءَ لاءِ هڪ مسرت ڀري اداسيءَ ۾ هليا وڃو!؟ مون کي معاف ڪجو مون ڳالهه کي مختصر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي انڊيا جي انهن غارن جو ذڪر ئي نه ڪيو جن ۾ مان ۽ نور احمد ڪيترو وقت رلندا رهياسين ۽ ڪنهن ازلي راز وانگر کلندا رهياسين. ان وقت اسان جي دل بلڪل به نه ٿي چاهيو ته اسان اجنتا ۽ الورا جي انهن آرٽ غارن مان ٻاهر اچون. اسان جي دل جي تمنا هئي ته اهي غارون اسان جو تابوت ٿي وڃن ۽ اسان هميشه لاءِ اتي رهي پئون. ان هنڌ تي جتي زندگيءَ جا خوبصورت ۽ تخليقي عمل پٿر تي ائين نقش ڪيا ويا هئا جو اهي لمحا هميشه لاءِ امر ٿي ويا هئا. قديم تهذيبن جي انهن مورتين کان وٺي اولهه جي وچين دور وارين پينٽنگس تائين انسان جو تخليقي سفر سونهن جي جستجو جو سفر آهي. سونهن کي سمجهڻ ۽ ان کي پنهنجي ساهه ۾ سمائڻ جو سفر آهي. هي اهو سفر آهي، جنهن جي ڪا به منزل ناهي. اهو صرف پنڌ آهي. ان پنڌ کي ئي جماليات جي رستي تي ماڻهوءَ جي جستجو ڪوٺيو وڃي ٿو. مون جڏهن به آرٽ جي ان پهلوءَ تي غور ۽ فڪر ڪيو آهي ته مون کي اهو لڳو آهي ته آرٽ مسرت يا پيڙا جي لمحي کي امر ۽ لافاني ڪرڻ جي ڪوشش آهي. انسان کي اهو احساس تمام گهڻو تڙپائي ٿو ته اهو لمحو جيڪو هن جي پوري زندگيءَ جو حاصل هجي ٿو، جنهن لمحي هن جو سمورو وجود روشني بڻجي وڃي ٿو. جنهن پل ۾ هن کي لڳي ٿو ته هي ڏکن سان ڀريل زندگي ان لمحي جي حوالي سان ڪيتري نه حسين آهي، ان پل ۾ هو آرٽ جي طرف وڃي ٿو ته جيئن ان کي جاودان بڻائي سگهي. مسرت جي لمحن کي آرٽ ۾ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش کي ئي جماليات جو رستو چيو ويندو آهي. ان ڪري جڏهن جماليات جو ذڪر اچي تڏهن اهو نه سمجهيو وڃي ته صرف ڪاغذ تي ٺهيل پينٽنگس ۽ پٿر مان جڙيل مورتين جو ذڪر ٿي رهيو آهي. مان سمجهان ٿو ته جڏهن هڪ جيئري مجسمي کي ٻانهن ۾ جڪڙي ماڻهو پنهنجي محبت کي محسوس ڪري ٿو، تڏهن هو جماليات جي احساس جي آخري حد ڇهي وٺي ٿو. جڏهن موبائل فون جي ڪيمرا سان هڪ تصوير کي ڪيپچر ڪري ٿو ۽ پوءِ ان تصوير کي پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪرڻ بعد ان کي فون مان ڊليٽ ٿو ڪري ته ان جي هميشه رهڻ واري ياد جماليات جو سگهارو پهلو آهي. جماليات جو دائرو ڪيترو نه ڪشادو آهي. جماليات زمان ۽ مڪان کان ڪيترو نه بلند آهي. اها جماليات جنهن جي سار ئي هن سڙيل من کي بهار جي موسم ۾ سرسبز ٿيل وڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿي. ان ڪري اهي انسان جيڪي حسن جا گهر آهن، انهن جي درن تان موٽي اچڻ واري اذيت کي بيان ڪندي مرزا غالب لکيو هو ته: ”دائم پڙا هوا تيري در پر نهين هون مين خاڪ ايسي زندگي په ڪه پٿر نهين هون مين“ جماليات جي ريشمي احساس کان سواءِ زندگي سوا ٻيو ڇاهي؟ ڇا اوهان کي خبر ناهي! هر ان شخص جنهن محبت ڪئي آهي ان جي وجود ۾ حسن جا گهنڊ ضرور وڳا آهن ۽ هو جماليات جي جادو نگريءَ تي دير تائين ڀٽڪندو رهيو آهي ۽ اها دعا گهرندو رهيو آهي ته ڪاش! هن کي ٻاهر نڪرڻ جو دڳ نه ملي.