عرب بهار سوڳ جي سياري ۾ تبديل: ابورافع

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد لائق راهو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2011۔

  1. محمد لائق راهو

    محمد لائق راهو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    ٽريول ايجنٽ
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪرنل معمر قذافي عرب باغين هٿان قتل ٿي ويو ، ۽ اُئين عرب دنيا جي بادشاهيءَ تان سج لهڻ شروع ٿيو آهي، عراق جي تباهي کان پوءِ صدام جي گرفتار ٿيڻ ۽ ڦاهي تي چڙهڻ/چاڙهيو وڃڻ بعد هيءُ ٻيو اهم عرب اڳواڻ قتل ٿيو آهي، اڳتي هلي ڪهڙا سياسي نتيجا سامهون ايندا. اهو سمجهڻ ڪو گهڻو ڏکيو نه آهي، مسلم دنيا جي نامور اڳواڻن مان ڪرنل قذافي هڪ اهم اڳواڻ هئو. پاڪستان ۾ هن جي نالي جي گونج تڏهن ٻڌڻ ۾ آئي، جڏهن هڪ پاسي ڀٽي صاحب ماڻهن کي روٽي، ڪپڙا اور مڪان جو نعرو ڏئي اسلامي سوشلزم جو آسرو ڏنو، جنهن لاءِ اياز صاحب چيو ته:
    سوشلزم اسلام ۾، جيئن زم زم ۾ ووڊڪا،
    ملان! ڇڏ اُڊڪا، دارون آهي دين جو.
    ته ٻئي طرف ڀٽي صاحب عالمي اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ڪانفرنس سبب سندس اسلامي دنيا ۾ وڏي ناماچاري ٿي، جنهن ۾ ٻه شخص خاص ماڻهن جي توجهه جو مرڪز رهيا هئا، هڪ ياسر عرفات ۽ ٻيو ڪرنل معمر قذافي ان دور ۾ جيڪي ٻار ڄاوا ۽ اڄ ٽيهن چاليهن سالن جا آهن، انهن مان گهڻن جا نالا ذوالفقار ۽ ياسر آهن، قذافي ۽ ياسر عرفات عرب دنيا جا ٻه انقلابي اڳواڻ متعارف ٿيا ۽ اسلامي دنيا جا هيرو بڻجي اڀريا، ائين صدام حسين به مسلمانن جو هيرو ٿي اڀريو، عرب بادشاهيت جي خلاف ماڻهن جو ردعمل شديد نموني اڀري آيو آهي، لڳي ٿو عرب تاريخ جو سمورو نئون دور اڄ ان ردعمل جي زد ۾ آهي. اهو ردعمل جيڪو گهڻو اڳ ٿيڻو هو پر حالتن جي دٻاءَ ان کي چڱو عرصو روڪي رکيو، نيٺ اهو دور آيو، جڏهن ماڻهو رستن تي نڪري آيا، پوليس مزاحمت کي روڪيو ۽ لبيا جا رستا رت سان ڳاڙها ٿيا ۽ هڪ ڀيرو وري انقلابي نعرا عرب جي رستن تي گونجڻ لڳا، پر هي نعرا مذهبي نه ، پر ماڻهن جي ان گهرج لاءِ هئا، جيڪا بادشاهت سبب پوري نه ڪئي وئي. اڄ جڏهن ڪرنل قذافي قتل ڪيو ويو آهي ته ذهن تي عمر مختيار تري آيو آهي، هيءُ اهو لبيا آهي، جنهن عمر مختار کي جنم ڏنو هو، لبيا جي تاريخ شايد وري ان موڙ ڏانهن وڃي رهي آهي، جنهن موڙ تي عمرمختار ان کي ڇڏيو هو .لبيا جا ماڻهو ڇا وري عمر مختار جي پيرن جا نشان لبيا جي وسيع صحرا ۾ تلاش ڪري رهيا آهن، يا انهن اٽالين فوجين جا اهي ڇنل لانگ بوٽ جيڪي لبيا کي وڏو عرصو لتاريندا رهيا. عرب بهار قذافي جي قتل کان پوءِ سوڳ واري سياري ڏانهن وڃڻ جو رُخ رکيو آهي، هاڻ جڏهن ياسر عرفان به نه رهيو آهي، تڏهن عرب جي انقلابي اڳواڻن جي حالت شايد اها بڻجي ويندي، جنهن لاءِ اياز چيو هو ته؛
    ٽڙياسين دامن صحرا ۾،
    خوشبو ئي اجائي وئي.
    لبيا جي صحرا ۾ ا ڄ قذافي جو آواز دفن ٿي ويو، پر ماڻهن جا مسئلا اتي ئي آهن، اهي ڪيئن حل ٿيندا؟ اهو سوال باقي آهي. ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته لبيا جي ماڻهن جو آواز رڃ ۾ رڙ ثابت ٿئي، اهو آواز فقط تڏهن ڪار آمد ٿي سگهندو، جڏهن اهو نه فقط سندس وات مان نڪرندو پر اهو آواز سندس دل مان به نڪرندو، جيڪو آواز چاليهه سال نڪري نه سگهيو، اهو آواز صحرا ۾ گونجڻ لڳو آهي. اهو سچ آهي پر اهو آواز جيڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌان پهتل آهي ته پوءِ لبيا جي ريتيءَ واري ڌرتي انهن پنهنجن ٻچن کي به معاف نه ڪندي، جيڪي ڌرتي ڌڻين سان گڏ هوندي، ڌرتي دشمنن جو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ لبيا جا حلالي پٽ اهو ڪو به ڪم نه ڪندا، هو اهو ڪجهه ڪندا، جيڪو عمر مختار ڪيو! اڄ معمر قذافي به نه رهيو آهي، پر سوال اهو آهي ته هو به عمر مختار وانگر لبيا جي تاريخ ۾ زنده رهندو يا نه؟!
    هيءُ به ”لائن آف ڊزرٽ“ جو خطاب ماڻيندو يا نه؟!سڀاڻي جي لبيا ان انتظار ۾ رهندي.
    قذافيءَ جي زندگيءَ جو مختصر خاڪو
    لبيا تي 42 سالن تائين راڄ ڪندڙ معمر محمد ابو منيار القذافي 7 جون 1942 ع تي سرت ويجهو چڪر ريگستاني علائقي پيدا ٿيو.
    جواني ۾ هو عرب قوم پرستي جو پيروڪار ۽ مصري اڳواڻ جمال عبدالناصر جو شيدائي هو. هو 1956ع ۾ سوئز ڪئنال بحران دوران اولهه ۽ اسرائيل خلاف احتجاجي مظاهرن ۾ سڀني کان اڳرو رهيو. فوجي سکيا دوران ئي هو لبيا ۾ بادشاهت جو باغي بڻجي چڪو هو ۽ 1969ع ۾ برطانيا مان سکيا تان موٽڻ کان پوءِ هن بن غازي شهر کي مرڪز بڻائي فوجي بغاوت ڪئي ۽ هڪ اڳواڻ بڻجي اڀريو هو .
    اقتدار تي قبضي بعد هن 1951 وارو لبيا جو ائين معطل ڪري اسلامي قانون لاڳو ڪيا.
    آئرش آرميءَ کي هٿيار فراهم ڪرڻ جي الزام سبب برطانيا مٿس ڏمريل رهي ۽ مٿس ٿيل اڪثر قاتلاڻن حملن ۾ برطانيا جو هٿ رهيو.
    آمريڪا 1986ع ۾ يورپ ۾ بم ڌماڪن جو زميوار لبيا کي قرار ڏئي طرابلس ۽ بن غازي تي بمباري ڪئي، جنهن ۾ قذافي جي نپايل ڌيءُ مارجي وئي. 1988ع ۾ اسڪالينڊ ۽ لا عربي ۾ جهاز تباهه ڪرڻ جو ذميوار به لبيا کي قرار ڏنو ويو. 2003ع ۾ صدام حڪومت جي خاتمي بعد قذافيءَ اهو ڪيس قبوليو ۽ جوابدار عبدالباسط المغراهي کي هالينڊ حوالي ڪيو، جنهن کي عمر قيد ڏني وئي ۽ قذافيءَ مارجي ويلن جي وارثن کي ڏنڊ طور اربين ڊالر به ڏنا. ڪجهه مهينن بعد هن پنهنجو ايٽمي پروگرام ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن بعد هو اولهه کي قبول پيو. هن جون عرب اڳواڻن سان منهن ماريون به ٿيون
    قذافي پنهنجي اقتدار دوران لبيا ۾ 4 نظام آندا. هن 7 جون 1969ع کان مارچ 1973ع تائين 8 سالن تائين انقلاب جي قيادت ڪئي. هو جنوري 1970ع کان جولاءِ 1972ع تائين لبيا جو وزيراعظم رهيو. ان دوران هن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ پرائمري تائين تعليم لازمي قرار ڏني. هو مارچ 1977ع کان مارچ 1979ع تائين لبيا جي ڪانگريس جو سيڪريٽري جنرل رهيو ۽ 1977ع ۾ لبيا جو نالو تبديل ڪري سوشلسٽ پيپلز لبيا رکيو. هن 1977ع ۾ جماهريه نالي اهڙو نظام ٺاهيو، جنهن ۾ اختيار عوام تي ٻڌل هزارين پيپلز ڪميٽين کي ڏنا ويا.
    لبيا جو اڳوڻو صدر معمر قذافي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو دوست هو، هن مير مرتضيٰ ۽ شاهنواز ڀٽو کي لبيا ۾ پناهه ڏني ۽ ڀٽي جي حياتي بچائڻ لاءِ کين هٿياربند جدوجهد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي. 2 مارچ 1982ع تي جڏهن پي آءِ اي جو مسافر جهاز اغوا ڪيو ويو ته قذافي الذوالفقار جي لبيا ۾ واقع آفيس بند ڪرائي ڇڏي ۽ جهاز کي لبيا اچڻ نه ڏنو. 1988ع ۾ جڏهن بينظير ڀٽو جي حڪومت قائم ٿي ته لبيا سان ناتا بحال ڪيا ۽ وزيراعظم طور هوءَ لبيا به وئي. قذافي 20 آڪٽوبر 2011ع تي عرب باغين هٿان قتل ڪيو ويو.
    قذافيءَ تي قاتلاڻا حملا ٿيا
    42 سالن تائين لبيا تي راڄ ڪندڙ معمر قذافيءَ تي هڪ درجن جي لڳ ڀڳ قاتلاڻا حملا ٿيا، لبيا ۾ بادشاهت جي بحاليءَ لاءِ برطانوي اسپيشل ايئر فورس سروسز ”ڪلٽن اسائنمينٽ“ منصوبي تحت قذافي تي قاتلاڻي حملي جي رٿابندي ڪئي.
    1976 ۾ تيونس جي سرڪاري ٽي وي مطابق قذافيءَ تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، پر هو بچي ويو.
    1981ع ۾ فرانس جي صدر ويلي گس ڪارڊ ايسٽنگ ترڪيءَ سان گڏجي قذافيءَ کي قتل ڪرڻ جي رٿا تيار ڪئي. فرانس ان سلسلي ۾حمايت وٺڻ لاءِ تڏهوڪي آمريڪي صدر ريگن سان به ڳالهايو، آمريڪا ان منصوبي جي حمايت نه ڪئي، پوءِ اها سازش اڳتي وڌي نه سگهي.
    1986ع ۾ آمريڪا لبيا تي بمباري شروع ڪئي. جنهن ۾ قذافيءَ جي خاندان کي به نشانو بڻايو ويو.آمريڪي اختيارين تڏهن چيو هو ته اهو سرجيڪل حملو هو، جنهن جو هدف قذافي نه هو. ان کانپوءِ 15 اپريل 1986 ع تي باب العزيزيه ۾ قذافيءَ جي خانداني ڪمپائونڊ کي نشانو بڻايو ويو. مالٽا جو وزيراعظم ۽ اٽلي جو هڪ سياستدان بيٽينو ڪريڪسي ان حملي جا بنيادي ذميوار هئا.
    1993 ع ۾ لبيا جي وارفالا قبيلي سان واسطو رکندڙ 2000 فوجي سپاهين قذافيءَ تي قاتلاڻو حملو ڪيو پر لبيا جي هوائي فوج ان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. جنهن جا سمورا سپاهي قذافي جي قبيلي قذافه سان واسطو رکندڙ هئا.
    فيبروري 1996 ع ۾ اسلامي انتها پسندن قذافيءَ جي قافلي تي سندس آباڻي ڳوٺ سرت وٽ حملو ڪيو.جنهن ۾ برطانيا جو ڳجهو ادارو ملوث هو. 1998 ۾ برطانيا جي ڳجهي اداري ايم 15 جي آفيسر اهڙو اعتراف به ڪيو هو ته اهو منصوبو برطانوي ڳجهي اداري ايم 16 تيار ڪيو هو، جنهن تي هڪ لک پائونڊ خرچ ٿيا.
    جون 1998ع ۾ اسلامي انتها پسندن قذافيءَ جي قافلي تي حملو ڪيو.پر سندس جان نثار محافظن جان ڏئي کيس بچائي ورتو.
    قذافيءَ تي 6 قاتلاڻا حملا ٿيا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو