واپسي رسيد
هڪ دفعي هڪ نيڪ ماڻهون کي وفات کان پوءِ جنت ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم مليو۔۔۔۔ پر ان نيڪ ماڻهون جنت ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ملائڪن سان ملڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو۔۔۔
سندس خواهش جي پورائي ٿي ۽ هڪ ملائڪ رهنمائي ڪندي کيس هڪ کاتي ۾ وٺي ويو ۽ چيائين ”هي وصول ڪرڻ وارو کاتو آهي۔۔۔۔ هتي عبادتن کان پوءِ جيڪي الله تعالي کان دعائون گهريون وينديون آهن وصول ڪيون وينديون آهن۔۔۔۔“
نيڪ ماڻهون ڏٺو ته هتي بي شمار ملائڪ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وصول ٿيندڙ دعائن کي هڪ خوبصورت ڪاغذ تي چاڙهڻ ۽ انهن کي ترتيب ڏيڻ ۾ تما گهڻو مصروف هئا۔۔۔
ڪجهه وقت ترسڻ کان پوءِ نيڪ ماڻهون اتان نڪتو هڪ ڊگهي راه گذر کان گذرڻ کان پوءِ هڪ نئين کاتي ۾ داخل ٿيو۔۔۔ ملائڪ رهنمائي ڪندي ٻڌايو ته ”هي پيڪ ڪري موڪلڻ جو کاتو آهي۔۔۔۔۔ هتي جيڪي دعائون خدا تعالي کان گهريون وينديون آهن انهن کي پيڪ ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود دعائن گهرندڙ ڏانهن موڪليو ويندو آهي۔۔۔۔
نيڪ ماڻهون ڏٺو ته هتي پڻ بي شمار ملائڪ تمام گهڻو مصروف هئا ۽ گهريل دعائين کي درست طريقي سان مطلوبا شخص تائين هڪ خاص ترتيب ۾ ڪم ڪري رهيا هئا۔۔۔۔
ان نيڪ ماڻهون پنهنجو سفر جار رکيو ۽ هڪ ڊگهي ره گذر کي گذارڻ کان پوءِ هڪ ننڍي کاتي تي پهتو جتي هو صرف هڪ ملائڪ کي خاموش ويٺل ڏٺو۔۔۔۔
نيڪ ماڻهون حيران ٿي رهنمائي ڪندڙ ملائڪ کان پڇيو ته ”هي ڪهڙو کاتو آهي؟“
ملائڪ آهستگي سان جواب ڏنو ته ”هي واپسي رسيد وارو کاتو آهي۔۔۔۔ دعائون قبول ٿيڻ کان پوءِ تمام گهٽ ماڻهون آهن جيڪي واپسي جي رسيد الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ طور موڪليندا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔“