جواب: هڪ معصوم خواهش سائين کوسا صاحب لک ٿورا جو اوهان عنايت بلوچ صاحب جي هي خواهش ونڊ ڪئي آهي ۔۔۔ اڃان ڪي خواهشون هجن ته اسان سان ونڊ ضرور ڪجو ۔۔۔ باقي جيتري حد تائين مذهبن جو تعلق آهي ته اهي مذهب ئي آهن جن انسان جي وحشي پڻي کي ٿڌي ڪرڻ جا جتن ڪئي هزار صدين کان پئي ڪيا آهن پر پو به انسان انهن مذهبن کي غلط استعمال ڪري انهن جي آڙ ۾ خون ڪيا آهن ۔۔۔ انڪري مذهبن جو ڏوهه گهٽ انسان جو پنهنجو نفساني ڏوهه وڌ اهي ۔۔۔ مذهب ته شيطان سان جهيڙي جو سبق ڏين ٿا ۽ رحمان سان دوستي جو رستو ڏيکارين ٿا ۔۔۔ پر ڪتي جو پڇ ٻارهين مهيني به ڦڏو ئي رهندو، انڪري شيطان جا ساٿي به هميشه انسانيت جو سبق ڏيندڙ مذهبن جي آڙ ۾ قتلام جاري رکنٿا ۔۔۔ الامان ۔۔۔ الله پناهه ۾ رکي انسان جي شيطان کان ۔۔۔