سڀني هندو ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏياريء جون واڌايون

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌ ۽ هند سميت سموري دنيا ۾ رهندڙ هندو ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏياريء جي خوشين ڀري ڏڻ جون واڌايون پيش ڪيون ٿا۔

    خاص واڌايون اسان جي پياري پرين پپو عرف رنجيت لاء جيڪو خبر ناهي ڇو اڄڪلهه سنڌ سلامت جي ساٿ کان پرڀرو آهي۔ اسان جي دعا ته پاڻ خوش هجي ۽ پنهنجي مصروف وقت مان ڪجهه گهڙيون دوستن لاء به ڪڍي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: سڀني هندو ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏياريء جون واڌايون

    سرحدون سي آج هم ٽڪرا گئي۔۔۔۔ آپ ني دي آواز اور هم آ گئي۔۔۔۔۔

    ابا وساڻ صاحب مهرباني توهان جي جو توهان هن مولائي کي ياد ڪيو۔۔۔ ۽ موٽ ۾ توهان کي به مبارڪون هجن۔۔۔ ابا هتڙي سڄو ماحول رنگين لڳو پيو آهي۔۔۔ پر پو به پنهنجن جي مهڪ ڪونه ٿي اچي۔۔۔۔

    گذريل سال هڪ نظم چئو، بيت چئو۔۔۔غزل چيو اهو لکيو هوم تو سنگت جي نظر ڪيان ٿو۔۔۔

    ياد آيا مائٽ سمورا، اڄ ديوالي جي ڏينهن تي،
    ڪيا مون ويس ڪارا، اڄ ديوالي جي ڏينهن تي،

    نه آهي مٺاج اها مٺائي ۾ هتڙي،
    نه آهن ڄمون جيئي لطيف وارا اڄ ديوالي جي ڏينهن تي

    اسين اڪيلا بس اڪيلائي آهي نصيب ۾،
    ديس پنهنجي ۾ سڀئي، اسين پرديس ۾ هون پيارا۔۔۔ اڄ ديوالي جي ڏينهن تي۔۔۔

    وڌيڪ حال احوال ڪنداسين۔۔۔ فلحال منهنجي ڪمپويٽر جو پکو خراب ٿي ويو آهي۔۔۔ اهو ٺهرائي اچان۔۔۔۔

    سدائين گڏ۔۔۔
    سنڌ سلامت، ساٿ سلامت،،
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سڀني هندو ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏياريء جون واڌايون

    دنيا ۾ وسندڙ سموري سنڌي هندو برداري کي ڏياٽين واري عيد جي مبارڪ قبول پوي ۔۔۔۔ خاص ڪري سنڌ سلامت جي سهڻي دوست رنجيت رام رکيي کي ۔۔۔

    هڪ عرض ته جيڪڏهن ڪو هندو دوست هن ڏهاڙي جي اهميت يا افاديت بابت ڪو ليک ونڊ ڪري ته وڌيڪ سهڻو ٿيندو ۽ معلومات ۾ به اضافو ٿيندو ته آخرڪار اهو ڏينهن اسانجا هندو دوست ڇو ملهائيندا آهن ۔۔۔؟؟؟

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: سڀني هندو ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏياريء جون واڌايون

    اجهو سائين۔۔۔ هو ڪلام ٻڌو اٿم نه۔۔۔ تم پوچهو اور مين نا بتائون۔۔۔ ايسي تو حالات نهي
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سڀني هندو ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏياريء جون واڌايون

    ادا رنجيت صاحب اسان جي طرفان توهان کي ۽ ٻين هندو ڪيمونٽي جي سڀني ميمبرن کي دل جي گهرائين سان ڏياري جون واڌيون هجن۔اميد ته اوهان ادا سليمان وساڻ جي شڪايت تي غور ڪندي هن پنهنجي محبتي اڳڻ کي ڪجه ٽائيم ڏئي اسان کي پنهنجي ليکن ۽ ڪمينٽس سان رهنمائي ڪندا رهندا۔هڪ دفعو واري توهان کي ڏياري جون واڌيون قبول هٍجن۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌ ۽ هند سميت سموري دنيا ۾ رهندڙ هندو ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏياريء جي خوشين ڀري ڏڻ جون واڌايون پيش ڪيون ٿا۔
     
  7. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سڄي دنيا ۾ رهندڙ سڀني هندو ڀائرن کي ڏياري جون خوشيون مبارڪ هجن۔
     
  8. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ڏياريءَ جا ڏيئا ٻاري ڇڏجو
    هر پاپ گناهـ کي ساڙي ڇڏجو
    خوب خوشيون کڻي ايندي ڏياري
    هر گهر گهٽيءَ ۾ ديپ ٻاري ڇڏجو
    روشن روشن رونق ٿيندي
    ميري من کي ماري ڇڏجو
    سڄي دنيا ۾ جت به سنڌي هندو ڀائر وسن ٿا انهن کي انهن جي ڪٽنبن سميت ڏياريءَ جون واڌايون قبول پون ۔
    رضوان علي جمالي
    ۽ ڪٽنب
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    [​IMG]
    ڏياري جا ڏيئا……… انجنيئر موهن لال ترڪيو. لعل ساگر


    ڌرتي جي ٺيڪ وجود ۾ اچڻ کان پوءِ هڪ ڏند ڪٿا موجب هن زمين جي گولي تي هڪ هزار سال پوءِ هندو مذهب وجود ۾ آيو، جنهن کي پهرين سناتن ڌرم جي نالي سان ڪوٺيو ويندو هو. سڀني مذهبن موجب ڀگوان يا الله پاڪ هڪ آهي، اها هڪ اهڙي طاقت آهي، جنهن هن سڄي سرشٽي يعني ڪائنات کي ٺاهي آهي ۽ هو هن ڪائنات جو هلائيندڙ آهي، هندو مذهب مطابق ان شڪتي يا طاقت اوم کي پيدا ڪيو، جنهن جو مطلب اپائيندڙ، وڌائيندڙ ۽ ماريندڙ. جڏهن به هن دنيا تي پاپ ۽ اڌرم وڌي وڃي ته هندو ڌرم مطابق ڀڳوان خود انسان جي اوتار ۾ جنم وٺي ڌرم جي بچاءُ ڪندو آهي ۽ پاپين جو ناس ڪندو آهي، هندو مذهب ۾ اهو ڪم اپائيندڙ يعني ڀڳوان وشنو ديو کي مليل آهي، ائين هندو مذهب ۾ ڪل ڏهه اوتار آهن. (1) مڇ اوتار (2)ڪشپ اوتار(3) واراهه اوتار(4) نرشنگ اوتار(5) وامن اوتار(6) پرشرام اوتار (7)شري رامچندر اوتار(8) ڪرشن اوتار(9) ٻُڌ اوتار(10) نڪڪلي اوتار (تڪڙنگ اوتار) ڪلجڳ جي آخر ۾ ٿيندو. مٿيان ڏهه اوتار مختلف يگن ۾ ڀڳوان وشنو ديو ورتا، ڪيترن ئي پاپين کي ناس ڪري ڀڳتن ۽ هندو مذهب کي بچايو.جيئن ته اڄ ڏياري جو ڏينهن آهي، مٿيون عام ڄاڻ خاطر مون لکيو هو، اسان هاڻي اچون ٿا ته ڏياري ڇو ملهائي ويندي آهي، اها حقيقت ڪجهه هن ريت آهي. تريپتا يگُ ۾ ايوڌيا نگري ۾ راجا دشرٿ نالي هڪ راجا راج ڪندو هو، ان کي ٽوٽل ٽي راڻيون هيون، ڪوشليا، ڪئنڪئي، سمترا. راجا دشرٿ کي چار پٽ ڄاوا سڀني کان وڏو ماتا ڪوشليا مان رامچندر ڄائو ۽ ڪئنڪئي مان ڀرت ڪمار ۽ سمترا مان لڪشمڻ (لڇمڻ) ۽ شتروگهن. راجا دشرٿ ۽ راڻيون تمام گهڻو خوش ٿيون، هر طرف پوري نگري ايوڌيا ۾ خوشيون ٿيڻ لڳيون، چئني ڀائرن جي تعليم معارشي وشسٽ مني جي هٿان ٿي، چارئي ڀائر وديا وان ۽ استرشتر (هٿيار هلائڻ) جا هوشيار ٿي ويا هئا، هڪ دفعي هڪ وڏو راڪشش وڏي تباهي مچائڻ شروع ڪئي ته ماڻهو راجا دشرٿ وٽ آيا ته هو رامچندر کي اجازت ڏئي ته هو راڪشش کي ناس ڪري، راج اجي موڪل تي رامچندر ۽ لڪشمڻ ٻنهي وڃي راڪشش سان مقابلو ڪيو ۽ ناس ڪيائون. ائين رامچندر جي پوري ايوڌيا ۾ جئه جئه ڪار ٿي ويئي.ڀر واري رياست ۾ راجا جنڪ نالي هڪ راجا راج ڪندو هو، ان جي هڪ ڇوڪري سيتا هئي، اها حسين ڇوڪري جڏهن اچي لائق ٿي ته راجا جنڪ ان جي لائق ور ڳولڻ لاءِ اعلان ڪرايو، هڪ شرط رکيو ته جيڪو به هن شو دنش (شو ڀڳوان جو تير ڪمان) کڻي تير هلائي دنش ٽوڙيندو ته هو سيتا سان شادي جي لائق هوندو، انهي شادي جي ڏينهن تي هزارين شهزادا، راجا ۽ وير اچي گڏ ٿيا.
    ڀڳوان شري رامچندر ۽ لڪشمڻ پنهنجي گُرو وشسٽ مني سان گڏ وڃي سڀاءُ ۾ حاضر ٿيا، اتي ڪيئي شهزادا آيا ۽ زور آزمايائون پر ڪير به تير ڪمان چاڙهي نه سگهيو. اتي هڪ راجا اڀمان ڪري اٿيو ۽ گهڻي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ويو، اهو هو راجا لنڪا پتي راوڻ! راوڻ بي عزت ٿي ڪاوڙ مان روانو ٿي ويو. پوءِ ڀڳوان شري رامچندر پنهنجي گُرو وشسٽ مني جي آگيا سان اٿيو ۽ شنڪر ڀولي ناٿ جو ڌيان ڪري گرو ديو جو آشرواد وٺي وڃي تير ڪمان ۾ چاڙهيو ۽ ڪمان هڪ وڏي ٺڪاءُ سان ٽٽي ويو ۽ هر طرف واڌايون ملڻ لڳيون ۽ راجا جنڪ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ائين ئي ڀڳوان شري رامچندر جي شادي سيتا ديوي سان ٿي، ايوڌيا نگري ۾ جشن ملهائڻ لڳا. هڪ ڏينهن راجا دشرٿ کي خيال آيو ته هاڻي هو پوڙهو ٿي چڪو آهي ۽ راجائي پنهنجي وڏي پٽ کي ڏئي، اها ڳالهه جڏهن راڻين سان ڪيائين ته سڀئي راڻيون ڏاڍيون خوش ٿيون ۽ ڪئنڪئي ته اصل ۾ ڀرت جي ماءُ هئي پر هو تمام گهڻو خوش ٿي ۽ جشن ڪرڻ لڳي. ائين رامچندر کي تاج پوشي ڪرڻ ۽ راج ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، هڪ نوڪرياڻي منٿرا نالي جيڪا ڪئنڪئي جي محل ۾ هئي تنهن وڃي ڪئنڪئي کي ورغلايو ته رامچندر راجا ٿي رهيو آهي، تون ڀرت کي رام ۽ سيتا جو نوڪر بڻائي رهي آهين، تون راجا کي چئو ته هن تو سان شادي مهل ٻه وچن (واعدا) ڪيا هئا، انهي کي ياد ڪري ۽ اڄ توکي ٽائيم آهي ته تون راجا کان ڀرت لاءِ هڪ وچن بدلي راڄ گهر ۽ ٻي وچن ۾ رامچندر لاءِ چوڏنهن سال جو بنواس!!ڪئنڪي منٿرا داسي (نوڪرياڻي) جي ڳالهين تي اچي ويئي ۽ راجا کي ڪيل وچن ياد ڏياريا، راجا مجبور ٿي ويو چون ٿا ته “پراڻ جاوي تو جاوڻ ڏي پر وچن مت جائي” سو راجا ڀرت کي مجبورن راڄ ڏيڻ ۽ رامچندر کي بنواس ڏيڻ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ نهايت هيڻو ٿي بيماري جي بستري ۾ وڃي داخل ٿيو ۽ سڀئي خوشيون ختم ٿي ويون، اهو سڀ ڪجهه داسي جي ڪري ۽ ڀرت ۽ شتروگهن جي غير موجودگي ۾ ٿيو ۽ رامچندر، سيتا ۽ لڪشمڻ سان گڏ 14 سال لاءِ بن (جهنگ) جو راهي ٿيو، ڪجهه ڏينهن ۾ راجا دشرٿ گذاري ويو ۽ ڪوبه پٽ گهر ۾ موجود نه هو. ڀرت ۽ شتروگهن گهر آيا ته خبر پئي ته رامچندر 14 سالن لاءِ بن وڃي چڪو آهي ۽ پتا شري هميشه لاءِ وڃي چڪو آهي، ائين هو ڏاڍو دُکي ٿيو ۽ رامچندر کي پرچائڻ لاءِ بن ڏانهن نڪتو، رامچندر جي انڪار ڪرڻ بعد ڀرت رامچندر جون چاکڙيون (جُتي) کڻي تخت رکي ۽ پاڻ هڪ شيواڌاري ٿي حڪومت هلائڻ لڳو.بن ۾ ٽيئي ڄڻا پيرين پنڌ ڀٽڪندا ۽ هلندا رهيا، راوڻ اهنڪاري کي خبر پئي ته اها سيتا هتي بن ۾ گهمي رهي آهي، سو هڪ راڪشش کي ساڻ ڪري بن آيو ۽ راڪشش کي چيو ته تون پنهنجو روپ مٽائي سونهري هرڻ ٿي سيتا جي اڳيان گهم. سيتا جيئن هرڻ کي ڏٺو ته چيائين ته مون کي ڪجهه به ٿي وڃي اهو هرڻ شڪار ڪري ڏيو، تنهن تي رام هرڻ پويان هلڻ لڳو ۽ لڪشمڻ اتي ويٺو رهيو، هرڻ جنگل ۾ گم ٿي ويو ۽ رامچندر جي تير لڳڻ سان رڙ ڪري وڃي ڪريو اهو آواز ٻڌڻ شرط سيتا لڇمڻ کي حڪم ڪيو ته هو وڃي رام کي ڏسڻ، لڇمڻ ماتا جو حڪم مڃي ماتا جي چوڌاري ڪار پائي هلڻ لڳو ۽ تاڙ ۾ ويٺل راوڻ هڪ يوگي جو روپ ڌاري بکيا گهرڻ لڳو ۽ ڪار ڏسي ماتا سيتا کي چوڻ لڳو ته ڪار کان ٻاهر اچي بکيا ڏئي ماتا جيئن ئي ٻاهر پير ڪڍيو، راوڻ پڪڙي کڻي روانو ٿيو. ٻئي ڀائر واپسي اچي ڏسن ته سيتا آهي ئي ڪونه، سو هو پويان وڃڻ لڳا، اڳتي هلي هنن جي ملاقات هنومان سان ٿي، اها حقيقت هنومان سان ڪئي، هنومان ڀڳوان شري رامچندر جو ڀڳت ٿي رهڻ لڳو ۽ ماتا کي ڳولڻ لاءِ هو هڪ سو يوجن سمنڊ ڪراس ڪري لنڪا پهتو، جتي سيتا ماتا کي راوڻ اشوڪ واٽڪا باغ ۾ قيد ڪري ڇڏي هئي، اتي وڃي ڀڳوان شري رام جي منڊي ڏني اها سيتا هٿ ۾ کنئي ۽ رامچندر جو ڦوٽو ڏٺو ۽ هنومان تي اعتبار ٿي ويو ۽ ماتا هنومان کي پنهنجو بڪل نشاني طور ڏنو، ائين هنومان اتي ڪيترن ئي راڪشش کي ماري ۽ باغ تباهه ڪيو ۽ راوڻ پنهنجو پٽ ميگهناٿ کي موڪليو ۽ ميگهناٿ برهم استر هلائي ٻڌي هنومان کي درٻار ۾حاضر ڪيو ۽ راوڻ جي اعلان مطابق هنومان جي پڇ کي ڪپهه ويڙهي، تيلي ڏني ۽ ائين هنومان تمام گهڻي لنڪا کي باهه ڏئي وڃي سمنڊ ۾ اجهايو، راوڻ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، رامچندر راوڻ کي نياپو ڏنو ته هو صلح ڪري سيتا واپس موٽائي ڏئي، پر راوڻ نه مڃيو، راوڻ کي پنهنجي ڀائرن ڪنڀ ڪرڻ ۽ وڀيشڻ تمام گهڻو ئي سمجهايو پر هو جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ وڀيشڻ کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ۽ راوڻ وڀيسڻ کي لنڪا مان ڪڍي ڇڏيو ۽ وڀيشڻ رامچندر وٽ وڃي شيواڌاري ٿي رهڻ لڳو. هنومان وانرن جي سئنا تيار ڪئي ۽ جنگ جون تياريون شروع ٿيڻ لڳيون، سمنڊ ڪراس ڪرڻ وڏو مسئلو هو، سهو وانرن پٿرن ۽ لڪڙن سان لنڪا وڃڻ لاءِ پل تيار ڪئي، جتان پل ٺاهڻ شروع ڪيو ته ان جڳهه تي شو شنڪر جي شيوا ڪئي هئي ڀڳوان رامچندر ان جڳهه کي راميشور نالي سڏيو وڃي ٿو، وڀيشڻ رامچندر کي سڀ ڳجهيون ڳالهيون ٻڌايون ۽ جنگ ڪرڻ ڪيترن ئي راڪششن سان گڏ مارجي ويا ۽ راوڻ خود به جنگ ۾ اچي بيٺو ۽ وڏي تباهي کانپوءِ راوڻ خود به رامچندر جي هٿان مارجي ويو، راوڻ جي مرڻ کان ٿوري دير اڳ لڇمڻ چيو ته ادا رامچندر مون کي پنهنجو گرو ڪرڻو آهي، تنهن تي شري رامچندر پنهنجي ڀاءُ کي چيو ته جلدي ڪر راوڻ کي پنهنجو گرو ڪر! ڇو ته هو وڏو ٻلوان ۽ ڄاڻو آهي، لڇمڻ ٽي چڪر سيراندي تان وڃي راوڻ کي گرو ڪرڻ لاءِ پڪاريو پر گهايل راوڻ نه ڳالهايو. لڇمڻ واپس آيو ۽ رام کي چيو ته هو نه ٿو ڳالهائي ته رام چيو تون پيراندي کان بيهي هٿ ٻڌي عرض ڪر ۽ جڏهن لڇمڻ ائين ڪيو ته راوڻ ڳالهايو ۽ چيو ڪڏهن به ڪنهن ٻئي جي استري کي نه تڪيو، اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏيو ۽ اڄ جو ڪم هينئر ئي ڪيو، مون کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو هو پر ڪري ڪونه سگهيس. ائين جنگ ختم ٿي، ڀڳوان شري رامچندر وڀيشڻ کي تخت ڏيئي لنڪا سونپي ۽ پاڻ هنومان، سيتا، لڇمڻ ۽ وانرن سان گڏ واپس ايوڌيا روانو ٿيو ۽ 14 سال به پورا ٿي چڪا هئا.اها رامائڻ واليمڪ رشي نالي هڪ ماڻهو لکي ۽ رامچندر جا ٻه پٽ ڄائا هڪ لوءِ ٻيو ڪش رام جي ايوڌيا اچڻ شرط هر طرف ڏيئن ۽ ڦٽاڪن سان سواغت ڪيو ويو.جيئن ته اسان اڄ ڏياري ملهائي رهيا آهيون ته رام جي اچڻ شرط ڏيئار ٻاريا ويا، نڪا آتش بازي ڪئي ويئي ۽ خوشي ملهائي ويئي. شري رامچندر جي اچڻ جو اهو ڏينهن وسڪاري جي مند ۾ ڪتي جي مهيني ۾ ماتا لڪشمي جي پوڄا لاءِ مقرر ٿيل هو، اتفاق سان رام به ساڳئي ڏينهن ايوڌيا آيو ۽ ائين خوشي ۽ لڪشمي پوڄا ۾ ٻيڻو اضافو ٿي ويو ۽ هر طرف جئه جئه رام ٿي ويئي، اهو ڏينهن اڄ تائين ڏياري يا ديپاولي يا ديوالي جي نالي سان لڪشمي پوڄا ۽ رامچندر جي واپس ايوڌيا اچي راجا ٿيڻ جي حوالي سان ملهايو پيو وڃي
    سنڌي بي بي سي تان ورتل
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
  12. غازي حسين

    غازي حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 نومبر 2012
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    214
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    مخدوم بلاول وليج ڪراچي
  13. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    سڀني هندو ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏياريء جون واڌايون
     
  14. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
     
  15. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو