ذوالفقار علي ڀٽي جي خاندان کي ڪير بچائيندو؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون...
    ذوالفقار علي ڀٽي جي خاندان کي ڪير بچائيندو؟
    زرار پيرزادو

    [JUSTIFY]
    بيگم نصرت ڀٽو جي لاڏاڻي وقت جيڪڏهن ڪا به ڌر وڏيءَ دل جو مظاهرو ڪري ها، ڪا لچڪ ڏيکاري ها ته خاندان جا ڪي فرد گهٽ ۾ گهٽ ”آخري ديدار“ کان رهجي نه وڃن ها.

    صنم ڀٽو جيڪا ذوالفقار علي ڀٽي ۽ نصرت ڀٽو جي اڪيلي اولاد وڃي بچي آهي، تنهن کي گهرجي ها ته اها اڳتي وڌي اچي ها ۽ اهڙي افسوسناڪ نوبت ئي اچڻ نه ڏئي ها.

    صنم ڀٽو سياسي معاملن کان جيتوڻيڪ پري آهي ۽ جيستائين بينظير ڀٽو جيئري هئي تيستائين سندس ڪا ضرورت به محسوس نه پئي ٿئي پر هاڻي خانداني معاملن ۾ سندس پرڀرو ٿيڻ جو ڪو جواز ناهي.

    ڀٽي خاندان جا حامي ته کائنس اهو به مطالبو ڪرڻ لڳا آهن ته هاڻي کيس پنهنجي پيءُ، ڀيڻ ۽ ڀائرن جي سياسي مشن کي هٿ ۾ کڻي، بينظير توڙي مرتضيٰ جي ٻارن کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي.

    پر افسوس ته صنم ڀٽو نه ڀٽي جو سياسي ورثو سنڀالڻ جي خواهش رکي ٿي ۽ نه ئي پنهنجي فئملي جي ”وڏي“ ٿيڻ جو ڪو حق يا فرض ادا ڪرڻ جي موڊ ۾ نظر اچي ٿي.

    جيڪڏهن هوءَ پنهنجو سياسي ورثو نٿي سنڀالي سگهي يا نٿي سنڀالڻ چاهي ته گهٽ ۾ گهٽ بينظير ڀٽو ۽ مرتضيٰ ڀٽو جي اولاد جي وچ ۾ موجود وڇوٽيءَ کي ختم ڪرائڻ ۾ ته ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

    هيءُ معاملو برابر ڀٽي خاندان جو پنهنجو معاملو آهي پر جيئن ته هيءُ سياسي خاندان پڻ آهي ۽ عوام جون جذباتي همدرديون ساڻن آهن ان ڪري اهو لاتعلق هوندي به ساڻن تعلق جڙيل محسوس ڪري ٿو.

    اعليٰ تعليم، اعليٰ تربيت ۽ پڙهيل لکيل ٻن وڏن خاندانن کي اهڙو مثال قائم ڪرڻ گهرجي جيڪو سياسي مفادن، ملڪيتن تي قبضن، زميني تڪرارن يا وراثت جي جهڳڙن کان کين مٿانهون ڏيکاري ها.

    انهيءَ حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ڀٽو خاندان کي صرف سياسي طور ئي نه پر خانداني طور به ورهائي، ڪمزور ڪرڻ جي هڪ انتهائي گهري سازش ٿي رهي آهي.

    جن ڌرين بينظير ڀٽو ۽ مرتضيٰ ڀٽو کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جو ٻج پوکيو هو انهن ڌرين جي سڃاڻ ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته وقت سان گڏوگڏ اهو ٻج فصل بڻجي وڌي ويجهي رهيو آهي.

    ان سازشي فصل جي پاڙ پٽي اڇلائڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو ڪم صنم ڀٽو ۽ ٻنهي خاندانن جي نوجوان ۽ اعليٰ تعليم يافته نسل بلاول، فاطمه، ذوالفقار جونيئر، بختاور ۽ آصفه کي گڏجي ڪرڻ گهرجي. پر اهڙي اميد ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جهڙي آهي، يعني کين اهڙو ڪم ڪرڻ ئي نه ڏنو ويندو.

    سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ”مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها، ڪي ڌارين سان گڏ هن ڌاڙي ۾“ .[/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز تان ورتل
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ذوالفقار علي ڀٽي جي خاندان کي ڪير بچائيندو؟

    [JUSTIFY]ڏک ته مونکي به گهڻو ٿيو ۽ اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا جڏهن بيگم نصرت ڀٽو جي انتقال جي خبر پئي۔ ان سان گڏ ئي سندس باري ۾ پڙهيل ليک، سندس زندگيء ۾ ڪيل اڻٿڪ جدوجهد، آمرن خلاف جهاد ڪرڻ، مارشلا خلاف احتجاج دوران پوليس جي تشدد سبب بيگم نصرت ڀٽو جو رتورت ٿيل چهرو ۽ پوء لاشن مٿان لاش وٺڻ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    وڌيڪ ڏک واري ڪيفيت تڏهن پيدا ٿي جڏهن ڀٽو خاندان پاران الڳ الڳ تڏا وڇايا ويا ۽ بيگم نصرت جي پوٽيء ۽ پوٽي پڻ سندس آخري ديدار ڪونه ڪيو۔ ڪاش ان ڏينهن سياست کي ڇڏي خاندانن ۽ رشتن جو مان رکيو وڃي ها ۔۔۔۔۔۔ ڪاش صدارتي محل وارا يا وري المرتضى وارا ڪابه هڪ ڌر ڪنهن وڏائپ جو مظاهرو ڪري ماڻهن جون دليون کٽي ها ۔۔۔۔۔۔ ۽ ڏک ۾ ورتل بيگم نصرت جي سياسي ڪارڪنن کي ڪا آٿت ملي ها۔۔۔۔ پر سازشون ڪندڙ ڪامياب ويا ۽ لکيل پڙهيل ۽ وڏو خاندان پنهنجي دل وڏي ڪري ڪونه سگهيو ۽ ٻئي ڌريون پنهنجي ضد تي قائم رهيون ۽ عام ماڻهن کي وڌيڪ مايوسي ۽ ڏک ٿيو۔

    مان اڄ به سياسي ڳالهه ڪرڻ بدران ڏکارو آهيان ڇو ته ڀٽو خاندان سان عقيدت جي حد تائين محبت اٿم ۔۔۔
    [/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو