سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران بيگم نصرت ڀٽو جي لاڏاڻي سبب ڌرڻي جي تاريخ 3 مان وڌائي 19 نومبر

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد لائق راهو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2011۔

  1. محمد لائق راهو

    محمد لائق راهو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    ٽريول ايجنٽ
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌ بچايو ايڪشن ڪاميٽي پاران مادر جهموريت بيگم نصرت ڀٽو جي لاڏاڻي تي سوڳ وارو ماحول هجڻ سبب گورنر هائوس آڏو رٿيل ڌرڻي جي تاريخ 3 نومبر مان وڌائي 19 نومبر مقرر ڪئي وئي آهي، ڄامشوري ۾ جي ايم سيد ايڊيفس تي سنڌ بچايو ايڪشن ڪاميٽي جو اجلاس ڪنوينر ۽ ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ جسقم جي چيئرمين بشير خان قريشي، ايس ٽي پي جي سربراهه ڊاڪٽر قادرمگسي، جسم جي چيئرمين رياض چانڊيو، فرنٽ جي مرڪزي اڳواڻ ايوب شر، هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ اظهر جتوئي، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي چيئرمين قمر ڀٽي ۽ ٻين اڳواڻن شفيع ڪرناڻي، ڊاڪٽر دودو مهيري، روشن ٻرڙو، ساگر حنيف بڙدي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ فاتح پڙهي وئي، جنهن بعد اجلاس ۾ شريڪ قومپرست اڳواڻن گورنر هائوس آڏو رٿيل ڌرڻي واري معاملي تي غور ويچار ڪيو ۽ نصرت ڀٽو جي لاڏاڻي تي سوڳ وارو ماحول هجڻ سبب رٿيل ڌرڻي جي تاريخ3 نومبر مان وڌائي 19 نومبر تي ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو، اجلاس ۾ مشرف جي ناظمي نظام جي ٻيهر بحالي بابت حڪومتي فيصلن کي غير آئيني ۽ غير اخلاقي قرار ڏنو ويو ۽ گورنر هائوس مان رات جي اونداهه ۾ نئون آرڊيننس جاري ٿيڻ خلاف ساڳئي ڏينهن تي صبح جو احتجاج ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، اجلاس بعد مڙني قومپرست اڳواڻن سان گڏ سنڌ بچايو ڪاميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه پريس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ جو باشعور عوام اقتدار ڌڻين جا غير آئيني ۽ غير اخلاقي فيصلا ڪنهن به صورت ۾قبول نه ڪندو، حڪمران جماعت ۽ ان جي اتحادي متحده پاران سياسي نظام کي يرغمال بڻائي انفرادي مفادن کي استعمال ڪيو پيو وڃي، مشرف جي ناظمي نظام سان گڏ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ورهاست جا به مخالف آهيون، گورنر هائوس پاران آرڊيننس 18 ترميم تحت 90 ڏينهن کان وڌيڪ نه ٿو هلي سگهي، جنهن لاءِ رات جي اوندهه ۾ ٻيهر آرڊيننس جاري ٿيڻ جي صورت ۾ ساڳئي ڏينهن تي صبح جو سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي ۽ سنڌ سراپا احتجاج هوندي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته مادر جهموريت بيگم نصرت ڀٽو جي لاڏاڻي تي سوڳ وارو ماحول آهي ۽ اهڙي سوڳ واري ماحول سبب گورنر هائوس آڏو رٿيل ڌرڻي جي تاريخ وڌائي 3 نومبر مان 19 نومبر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽو، پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو، فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار جونيئر سان بيگم نصرت ڀٽو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪريون ٿا ۽ سنڌ بچايو ايڪشن ڪاميٽي پاران 27 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۾ ساڻن تعزيت ڪئي ويندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو