• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بيگم نصرت ظالمن کان هميشه لاءِ آزاد ٿي وئي صبر کان سواءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهون:غنويٰ ڀٽو

محمد لائق راهو

سينيئر رڪن
پيپلزپارٽي (ش ڀ) جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيو آهي ته دنيا ۾ وڏو ظلمآهي ۽ اسان کي بيگم نصرت ڀٽو جي مڙهه جو آخري ديدار نه ڪرائڻ ان ظلم جو حصو آهي، پر عوام جون همدرديون اسان سان گڏ آهن، ڇاڪاڻ ته اهو سمجهي ٿو ته حق ۽ سچ تي ڪير آهي. المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي ۾ روزاني ”عوامي آواز“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي غنويٰ ڀٽو وڌيڪ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ظالمن کان هميشه لاءِ آزاد ٿي وئي، الله سائين کيس جنت نصيب ڪندو، هوءَ اسانکي هميشه ياد رهندي جيئن پنهنجا شهيد ياد آهن، هن جون گهر جي هر حصي ۾ يادون آهن، اسان صبر کانسواءِ ڪري به ڇاٿا سگهون. هن چيو ته زرداري پارٽي هن ملڪ کي سامراج لاءِ کولي ڇڏيو آهي، هو ڀٽو خاندان جي شهيدن جو احترام ۽ تقدس پائمال ڪري رهيو آهي، هو ڀٽو خاندان تي جيترو قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي اوترو سياسي طور ڪمزور ٿي رهيو آهي ۽ ان عمل سان عوام کي سندس خانداني ڪردار بابت پتو پئجي ويو آهي. هن چيو ته عوام صحي ۽ غلط کي سمجهي ٿو، آهستي آهستي عوام جو رد عمل سامهون اچي رهيو آهي. غنويٰ ڀٽو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته قدرت وارو ئي ڄاڻي ٿو ته منهنجي ٻارن جي سياست ڪرڻ جو وقت ڪڏهن ايندو ۽ هو ڪهڙي سياست ڪندا،هن وقت سياست کان هٽي ڪري هو عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن، فاطمه لکي عوام جي خدمت ڪري ٿي ۽ جونيئر ذوالفقار عوام جي خدمت لاءِ اڃا پڙهي رهيو آهي. هن وقت پارلياماني سياست ظالمن ۽ آمريڪي ايجنٽن جي قبضي ۾ آهي، انڪري اسان ان کان پري آهيون، جيستائين عوام پارلياماني سياست تي ٻيهر قبضو نه ڪندو تيستائين فاطمه ۽ جونيئر ذوالفقار جي پارلياماني سياست ۾ حصو وٺڻ مشڪل آهي، هيءَ عوامي سياست نه آهي رڳو سرمائيدارن ۽ ظالمن جو قبضو آهي. هن چيو ته زرداري پارٽي ڏاڍي ڪمزور ٿي ويندي ۽ هاڻي ڪارڪن پنهنجو رد عمل ظاهر ڪندا، جيڪڏهن بلاول زرداري به ساڳئي سياسي طريقيڪار تي هليو ته ڪامياب نه ٿيندو. هن ٻڌايو ته بيگم نصرت ڀٽو جو ٽيجهو سڀاڻي (اڄ) المرتضيٰ هائوس تي ٿيندو، جڏهن ته چاليهي جو اعلان بعد ۾ ڪنداسين ۽ هيءَ عيد سادگي سان ملهائي ويندي.
 
Back
Top