زرينا بلوچ : سدا حيات جيجي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    زرينا بلوچ: سدا حيات جيجي!
    زيب سنڌي

    [JUSTIFY] ڪا تخليق فنڪار جي نالي سان سڃاتي وڃي ته وڏي ڳالهه ناهي، پر وڏي ڳالهه اها آهي ته ڪو فنڪار پنهنجي تخليق جي حوالي سان سڃاتو وڃي. اهڙي ڏات گهٽ فنڪارن ۽ ليکڪن کي نصيب ٿئي ٿي، جو ڪا تخليق سندن سڃاڻپ جو حوالو بڻجي سگهي، پر زرينا بلوچ جي هڪ تخليق نه فقط سندس سڃاڻپ جو حوالو بڻي، پر سندس نالو به بڻجي پئي! سو به نالي جو پهريون حصو، تڏهن ئي ته اسان کيس جيجي زرينا بلوچ چئون ٿا. ”جيجي“ اصل ۾زرينا بلوچ جي هڪ ڪهاڻيءَ جو عنوان هو. اها ڪهاڻي هن ايو بي آمريت جي ون يونٽ واري دور ۾ لکي هئي ۽ ان ڪهاڻيءَ سنڌ سان جيجيءَ طور سندس تعارف ڪرائي ڇڏيو هو، پر سچ ته هوءَ هئي به ته جيجي....جيجل.... امڙ ئي ته هئي....

    انهيءَ امڙ سان منهنجو رشتو ڊرامائي انداز سان ته ڇا، پر جڙيو ئي ڊرامي سبب هو. 1988-89ع وارن ٻن سالن ۾، مون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر طور نوڪري ڪئي هئي ۽ ڊراما پروڊيوسر هئس. هڪ ڏينهن اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب پاڻ وٽ سڏائي مرڪي چيو هو، ”نوڪري ريڊيو تي ٿو ڪرين ۽ ڊراما ٽي ويءَ لاءِ ٿو لکين! ڪڏهن ڪو ريڊيو لاءِ به ڊرامو لک!“ ۽ پوءِ مون ”سمجهوتو“ جي نالي سان اهو ڊرامو لکيو هو، جنهن ۾ جيجي زرينا بلوچ جو ماءُ جو ڪردار هو. پٽ جو ڪردار ادا ڪندڙ فنڪار ريهرسل واري وقت نه پهتو، ته ان فنڪار وارا جملا مون پاڻ ڳالهائي ريهرسل مڪمل ڪرائي. رڪارڊنگ جو وقت ٿي ويو، پر پٽ واري ڪردار لاءِ ڪاسٽ ڪيل فنڪار نه پهتو. مون کي اسٽوڊيو ۾ پريشان ڏسي، جيجي زرينا بلوچ اچي منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وڌو. ماءُ جهڙي سٻاجهي مرڪ سان چيائين، ”منهنجي پٽ جو ڪردار توکان وڌيڪ سٺوڪير ڪندو!“

    وراڻيم، ”جيجي، مان پروڊيوسر آهيان، صداڪار ته ناهيان!“

    جيجيءَ مرڪي چيو، ”پر منهنجو پٽ ته آهين نه!“ ۽ ان ڳالهه کان ته مون کي انڪار ئي نه هو. مان وڃي جيجيءَ سان گڏ مائيڪ اڳيان بيٺس. ۽ پنهنجي لکيل ڊرامي ۾ جيجيءَ جي پٽ جو ڪردار ادا ڪيم، پر ان ڊرامي کان پوءِ حقيقي زندگيءَ ۾ ته جيجي جو ڪردار منهنجي لاءِ ماءُ جهڙو ئي رهيو.

    ريڊيو سان ته جيجيءَ پنهنجي صحت جي آخري ڏينهن تائين توڙ نڀاهيو، پر ساڳئي وقت جيجي زرينا بلوچ ڏات جي ڪيترين ئي شاهراهن تي نظر ايندي هئي. هوءَ گلوڪارا، ليکڪا، صداڪار، اداڪار، استاد، سياسي ورڪر ۽ بيحد سٻاجهي ماءُ هئي. ٻچن تي پنهنجو ساهه گهوريندڙ ماءُ، پر ان جي باوجود هوءَ روايتي ماءُ بجاءِ هڪ بهادر ماءُ ۽ بهادر عورت هئي. حق ۽ سچ جو ڳاٽ اوچو رکڻ خاطر پاڻ ته جيل ڪاٽيائين، پر آمريت خلاف جدوجهد ڪندڙ سندس نياڻي اختر بلوچ جيل وئي ته، جيجيءَ جو جيءُ جُهرڻ بجاءِ سندس ڳاٽ اوچو ٿي ويو. جيجيءَ جي اولاد ۾ اختر بلوچ کان وٺي اياز لطيف ۽ سسئي پليجو تائين جيڪو ادبي، سياسي ۽ سماجي شعور نظر اچي ٿو، ان جو سڄو ڪريڊٽ سندس وَر رسول بخش پليجي ڏانهن نٿو وڃي، پر جيجيءَ جو ان ۾ وڏو ڪردار نظر اچي ٿو. ڪريڊيٽ ته جيجيءَ ڏانهن ان کان به وڏو وڃي ٿو ته، سندس ڳايل انقلابي گيتن سنڌ جي نئين نسل ۾ پنهنجي حقن جي حاصلات جو جذبو جاڳايو. هوءَ سنڌي نياڻين لاءِ رول ماڊل جو درجو به اختيار ڪري وئي، جو کيس ڏسي نياڻيون به جهنڊا کڻي رستن تي نڪري اينديون هيون. جيجيءَ کي آئيڊيل بڻائي فن، ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ پير پائيندڙ، يا فقط گهرن تائين محدود هوندي به، سنڌ جي جن نياڻين جيجيءَ مان اتساهه حاصل ڪيو، انهن نياڻين جو اولاد ته ماءُ جي هنج ۾ ئي سچ جي سُتي پيئندو رهيو آهي.

    ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيجيءَ جي نالي سان ڪا اهڙي اڪيڊمي قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ سندس آواز جي خزاني ۽ تحريرن کان سواءِ سندس عملي جدوجهد جو مڪمل رڪارڊ به محفوظ ڪيو وڃي، جو جيجيءَ جهڙن ماڻهن لاءِ ئي ته چيو ويو آهي ته، ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا...“ تڏهن ئي ته جيجيءَ جي لاڏاڻي تي سنڌ جي شهيد راڻي بينظير ڀٽو چيو هو، ”جيجي زرينا بلوچ جو لاڏاڻو هڪ وڏو سانحو آهي. هن پنهنجي گيتن، ڊرامن ۽ لکڻين ذريعي سنڌ جي عوام ۾ قومي جذبو ۽ اتساهه پيدا ڪيو. هن جي لاڏاڻي سان وڏو خال پيدا ٿيو آهي.“

    جيجي زرينا بلوچ ڇهه سال اڳ، اڄوڪي ڏينهن تي اسان کان وڇڙي وئي هئي ۽ جيجيءَ جو خال ته ڪڏهن به نه ڀرجي سگهندو، پر نه سنڌ ٻاگهل ٻائيءَ کي وساريو آهي ۽ نه ئي بختاور شهيد کي. نه ئي سنڌ ڪڏهن شهيد بينظير ڀٽو، نصرت ڀٽو ۽ جيجي زرينا بلوچ جهڙي بهادر عورت کي وساري سگهندي. جيجي ته سنڌ جي وجود ۾ اڄ به دل جيان دڙڪي ٿي. هوءَ سنڌ جي مٽي ۾ ملي، سنڌ بڻجي وئي آهي ۽ سنڌ ته ڪڏهن به مرڻي ناهي.[/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو