[JUSTIFY]هڪ همراهه بس ۾ ويٺل ٻئي همراهه کان پڇيو۔! ”ڏي خبر گهڻا پُٽ اٿئي؟“ همراهه ” ادا چار پُٽ آهن“ ”ڀلا اهي ڇا ڪندا آهن“ همراهه ” ادا انهن مان هڪڙو ايم بي اي پيو ڪري، ٻيو ايم اَي پيو ڪري، ٽئين هن سال پي ايڇ ڊي ۾ داخلا ورتي آهي ۽ چوٿون۔۔۔۔“ ”ها ٻڌاءِ۔۔۔ چوٿون ڇا ڪندو آهي؟؟“ همراهه ” ادا اهو چوٿون پُٽ خيرن سان چور آهي“ ”توبهه توبهه ! ٽي پُٽ سڌريل، باقي هڪڙو چور؟؟، پوءِ ان کي گهران ڇو ڪونه ٿو ڪڍين؟“ همراهه ” ادا ! ان کي گهران ڪڍان ته ڪيئن ڪڍان، ڪمائيندڙ پُٽ اهو هڪڙو ئي آهي، باقي ٽئي بيروزگار آهن حڪومت جي مهربانين سان“[/JUSTIFY]
جواب: چوٿون پُٽ۔!!! هائو يار مست! حق سچ آهي، اسانجي هن معاشري ۾ جيڪو نظام پيو هلي ته چور ئي ڪمائي ٿو، باقي ته ويچارا شريف ۽ محنتي ماڻهون ٿڌا ساه ويٺا ڀرن ۔۔۔ اوهانکي لاڙڪاڻي واري جمع فقير يا موجوده دور جي وتايي فقير جو قصو ٻڌايان ته انکان به ڪنهن سوال ڪيو ته ابا پٽ سڌريا اٿئي ته جواب ڏنائين، ” هڪڙو سڌريو آهي ۽ ٻيو بگڙيو آهي“ سوال ڪرڻ واري پڇيس ته اهو وري ڪيئين؟، ته جمع فقير جواب ڏنو ته هڪڙو ملان ٿي سڄو ڏينهن مسجدن ۾ ويٺو آذان ڏي ۽ مسجد جون صفايون ڪري، بک ۾ پاه لڳو پيو آهي جو سنڌي سوا ڪنهن ڏينهن يا موقعي جي مسجدن ۾ وڃن ئي ڪون، باقي ٻيو پٽ اصل مزن ۾ آهي، چورن، ڦورن ۽ غنڊن سان ياري اٿس، اصل اڇا ڪپهه جا ڪپڙا پائي مڙس ماڻهون لڳو گهمندو وتي ۔۔۔ مجال آ جو کيس ڪو اک کڻي ڏسي ۔۔۔ سو ادا مست! اهو حال اٿئي اسانجي معاشري جو ۔۔۔ الامان ۔۔۔ الله پناهه ۾ رکندو ۔۔۔ آمين
جواب: چوٿون پُٽ۔!!! واه واه تمام بهترين ڳالھيون پيون ٿين۔ پر صفا ائين به ڪونهي جو سڌريل ماڻهو سورن ۾ هجي۔ ڪيترائي ماڻهون اهڙا آهن جيڪي حق حلاح جي روزي ڪمائي رهيا آهن ۽ انهن جي زندگي بهتر نموني سان گذري رهي آهي۔