ڪسمپرسيءَ جون گھڙيون گھاريندڙ هڪ صحافي

'مقالا' فورم ۾ ڊاڪٽر آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 آڪٽوبر 2011۔

  1. ڊاڪٽر آزاد منگي

    ڊاڪٽر آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    Veterinarian
    ماڳ:
    Thariri Mohabat District Dadu
    زندگي ڪائنات جي خالق طرفان انسان کي عطا ڪيل مڙني نعمتن مان اها نعمت آهي جنهن جو ڪوبه نعمالبدل نه ٿو ٿي سگھي پر اهائي زندگي جڏهن پيڙائن ۽ دردن جو داستان بنجي وڃي هيءَ خوبصورت نعمت عذاب بنجي ويندي آهي. صحافي، شاعر، فنڪار ۽ دانشور هر باشعور قوم جو سرمايو هجن ٿا ۽ قومن تي اهواخلاقي فرض عائد ٿئي ٿو ته پنهنجي سرمائي جي حفاظت ڪن، هڪ قلم ڌڻي پنهنجي اندر کي الائي ڪيترو ولوڙي ٿو تڏهن وڃي ديس جي ماروئڙن مٿان ٿيندڙ اذيتناڪ ۽ هيبتناڪ ورتائن تي لکي سگھي ٿو، هڪ قلم ڌڻي پنهنجي زندگيءَ جا انيڪ درد پنهنجي سيني ۾ سانڍي جڏهن ديس واسين جا درد ڏسي ٿو ته انهن آڏو کيس پنهنجا سور ڪجھ به نه ٿا ڀاسن ۽ هو قلم کڻي ماروئڙن جي دردن تي لکڻ ويهي ٿو، دنيا جي ترقي يافته ملڪن کي اها ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي ته سندن ڏات ڌڻي صحافي، شاعر ۽ اديب سندن قيمتي سرمايو آهن جن لاءِ مختلف ٽرسٽون قائم آهن جيڪي ان قلمڌڻيءَ جي زندگيءَ ۾ ايندڙ ڏکن ڏاکڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪنديون رهن ٿيون، اهڙن ادارن جي ڪوشش هوندي آهي ته هڪ قلمڪار جو ذهن ئي سندس اصل ميراث آهي ۽ جيڪڏهن زماني جي اذيتن سندس ذهن کي ڏنڀڻ شروع ڪيو ته پوءِ انهن جي ذهنن مان خوبصورت هنس پکين جهڙالفظ اڏامي ويندا، سندن ذهن سلامت هوندو ته قوم کي جاندار تخليقون ڏيئي سندس رهنمائي ڪندا رهندا. بدنصيبيءَ سان اسانجي ملڪ ۾ ڪتابي قانون ته گھڻو ڪجھ لکن ٿا پر عملي طور تي انهن جي ڪا به حيثيت ناهي نتيجي ۾ بيمار اديبن ۽ صحافين جي سهائتا هر سال ايندڙ لکين روپين جي فنڊن جي ونڊ ورهاست جو قانون ته جڙيل آهي پر هر سال قلم ڌڻين جي سهائتا ٿيڻ بجاءِ اهي پئسه حڪمرانن جي عياشين ۾ استعمال ٿين ٿا جنهن جي نتيجي ۾ قوم جو قيمتي سرمايو اسنجا صحافي، اديب ۽ دانشور بيماريءَ جي بستري تي زندگيءَ جا آخري پساهه گھاري ويڳاڻپ جو موت مري وڃن ٿا ۽ قوم کي هڪ وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو ڇو ته سالن کانپوءِ اهڙا املهه ماڻهو ڪنهن قوم ۾ پئدا ٿيندا آهن. راڌڻ شهر گذريل 35 سالن کان صحافتي خدمتون سرانجام ڏيندڙ سينئر ترين صحافي ۽ اداڪار اسان جو دوست گل حسن جانوري به انهن قلم ڌڻين مان آهي جيڪي سرڪاري بيحسيءَ سبب انتهائي ڪرب واري زندگي گھارڻ تي مجبور آهي، گل حسن جانوريءَ جي شخصيت گھڻ پاسائين آهي، سندس بنيادي سڃاڻپ ته هڪ صحافيءَ جي ئي آهي پر هو هڪ بهترين اداڪار پڻ آهي، چيڪي مٽيءَ جي سڳنڌ جهڙو هي مٺڙو ماڻهو گذريل ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي قلم جي جنبش سان ديس واسين جي دردن تي لکي اقتداري ايوانن تائين پهچائيندو رهيو آهي ۽ سندس اهو سفر اڃان تائي جاري آهي. سنڌ ۾ جڏهن سنڌي فلمن جو عروج هيو ان وقت گل حسن پنهنجي لازوال فنڪارانه صلاحيتن کي استعمال ڪندي پنهنجي اندر ۾ جاڳندڙ فنڪار کي ٻاهر آندو ۽ سنڌي فلمن جي افق تي چمڪندڙ شاندار سنڌي فلم ”ڌرتي ۽ آڪاش“ ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري پاڻ کي هڪ بيباڪ صحافيءَ سان گڏ هڪ ورسٽائيل اداڪار طور به مڃرايو گل حسن جانوري انکانسواءِ فلم ”بيوس“ سميت سنڌي اسٽيج جي سوين ڊرامن ۾ بطور اداڪار، ڪمپيئر ۽ ڊائريڪٽر ڪم ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته هن پنهنجي صحافتي خدمتن عيوض مختلف ادارن ۽ تنظيمن کان 20 کان مٿي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا آهن. گذريل 35 سالن کان صحافتي خدمتون سرانجام ڏيندڙ هي محبتي ماڻهو چند سالن کان موذي مرضن جي گھيري ۾ آهي، پهريان شگر جي بيماري سندس وجود کي وڪوڙيو جنهن ڪري هاڻي سندس دل جي وال به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي مٿان وري نئين مصيبت ته سندس پير ۾ ٿيل هڪ ننڍڙو زخم هاڻي ناسور بنجي ويو آهي، اهڙين تڪليفن هن سڄاڻ صحافيءَ جي جيون ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو آهي ۽ سندس سوچن جي ساگر ۾ جهڙو هڪ طوفان بپا ٿي ويو آهي، ڊاڪٽرن کيس چتاءُ ڏنو آهي ته سندس پير جو زخم اگر هڏيءَ تائين پهتو ته ٽنگ ڪاٽڻي پوندي هو سوچي ٿو ته ڇا هي سماج سندس خدمتن عيوض کيس اهو تحفو ڏيندو ته هو زندگي ڀر لاءِ معذور بنجي وڃي؟ پنهنجي مک تي هر وقت مرڪون سجائيندڙ ۽ سنگت ۾ ٽهڪڙا ورهائيندڙ گل حسن جڏهن پنهنجي هن ڪسمپرسيءَ واري حال تي نظر وجھي ٿو ته سندس اکيون نم ٿي وڃن ٿيون هن کي جيڪڏهن ڪواونوورائي ٿو ته پنهنجي ديس واسين سان ٿيندڙ وارتائن تي اڃان وڌيڪ لکڻ جو هن کي جيڪڏهن ڪو اونو آهي ته فقط اهو ته سندس قلم کان اڃان ڪا اهڙي تحرير لکڻ رهجي ويئي آهي جيڪا سندس ماروئڙن جي دردن جو درمان ٿي پئي ۽ هو اهڙين ئي تحريرن جي تعقب ۾ گھڙيون گھاريندو رهي ٿو سندس ويچارگيءَ واري حال تي سنڌ جي ڪيترن ئي نالي وارن ليکڪن مختلف وقتن تي اخبارن ۾ لکيو آهي پر اسنجو ثقافت وارو کاتو جنهن کي سنڌ جي مڙني قلمڪارن جي خدمت ۽ سهائتا لاءِ هر سال ڪروڙين روپين جي بجيٽ عطا ڪئي وڃي ٿي پر خبر ناهي ان جي ڪن تي جون اڃان ڇو نه ٿي سري ۽ اهي پئسه مڄاڻ ڪنهنجي ڪم ۾ ٿا اچڻ، ڇو ته سنڌ سڄاڻ ليکڪ ۽ صحافي ته روزانو ميڊيا جي خبرن ۾ انتهائي ابتر حال واري زندگي گھارڻ واري حال ۾ نظر ايندا آهن جيڪي سهائتا لاءِ ثقافت واري کاتي جي سهڪار جا منتظر هوندا آهن. گل حسن جانوري اهو نه ٿوچاهي کيس ڪا رقم عنايت ڪئي وڃي سندس مطالبو ۽ جائز مطالبو آهي ته فقط اهو ته سرڪاري خزاني مان فقط سندس علاج ڪرائي کيس هڪ صحتمند زندگي ڏني وڃي جيئن هو صحافتي خدمتون بهتر طور تي سر انجام ڏيندو رهي ان مقصد لاءِ هن تر جي چونڊيل نمائندن کانوٺي ڪامورن ڪڙن جا در به کڙڪايا آهن پر ڪو به سندس دانهن نه ٿو ورنائي. هڪ دفعو ٻيهر هنن سٽن ذريعي سنڌ جي ثقافت واري کاتي جي صوبائي وزير محترمه سسئي پليجو سميت سڀني وسوارن کي اپيل آهي ته خدارا راڌڻ جي هن بيباڪ ۽ ارڏي صحافيءَ سميت سنڌ جي مڙني بيمار صحافين، اديبن، دانشورن ۽ فنڪارن جي وقت سر پرگھور لهي جيئن هو زندگيءَ جهڙي انمول نعمت کي وقت کان اڳ ئي نه وڃائين ڇو ته جي اسنجو سرمايو آهي ۽ اسين هنن کانسواءِ ڪجھ به ناهيون
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ڪسمپرسيءَ جون گھڙيون گھاريندڙ هڪ صحافي

    ادا ڊاڪٽر آزاد منگي صاحب ۔ادا توهان جو لکيل ليک هر باشعور انسان جون اکيون کولڻ لاء ڪافي آهي۔ان ڳاله کان ڪو به انڪاري نه آهي ته تريقي يافته ملڪن ۾ اديب ،شاعر ،فنڪار ۽ سينئر سيٽيزن کي جيتري اهميت ڏني ويندي آهي ۔ان جي ڏھ فيصد به اسان جي ملڪ ۾ نه ٿئي ڏني وڃي۔اسان جي الله پاڪ کان دعا آهي ته توهان جو هيئ ليک شل صاحب اقتدار جي نظر کان گذري ۽ الله سائين انهن کي نيڪ هدايت ڏئي تاڪي هو محترم گل حسن جانوري جن جي پرگهور لهن ۽ انهن جو مناسب علاج ڪري اسان کي هڪ سٺي اداڪار ۽ ليکڪ کان محروم نه ڪن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو