• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جوڳي سنڌي

جوڳي سنڌي

سينيئر رڪن
سمورن دوستن کي سلام!
منهنجو نالو محمد اقبال آهي، ذات جوڻو آهي ۽ رهائش قاضي احمد ۾ آهي. هڪ دوست ’ابو واصف‘ سان نيازمندي آهي، سندس مشوري تي هيءَ سائيٽ وزٽ ڪئي اٿم. سنڌيءَ ۾ ويب سائيٽون تمام گهٽ ڏسڻ ۾ آيون آهن. ماشاءَ الله هيءَ سائيٽ تمام سُٺي لڳي.

آئون موبائل سافٽويئر، ايپليڪيشن ۾ سٺو تجربو رکان ٿو. اميد آهي ته انهن سان رليٽڊ ڪارائتون ڳالهيون سمورن دوستن سان شيئر ڪندو رهندس.

جيئي سنڌ
 
ادا اقبال توهان دنيا جي پهرين وڏي سنڌي فورم تي آيو اسان جون اکيون ٿڌيون ٿيون۔۔۔۔
ادا ابو واصف جا به لک لائق جن توهان کي سنڌ سلامت بابت آگاهي ڏني۔۔۔۔
اسان کي پوري اميد آهي ته توهان هتي اچي پنهنجا يادگار لمحا گذاريندو۔۔۔۔ توهان جي اچڻ سان موبائيل وارو سيڪشن به اڳتي ايندو۔۔۔۔ بس هاڻي انتظار آهي توهان جي ڀلوڙ ۽ تڪڙي لکڻي جو۔۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
ادا اقبال اوهان جا لک قرب جو اوهان اسان جي هن ننڍڙي پريت ڀريي اڱڻ تي ڪهي آيا۔۔۔ اسان تمام گهڻو شُڪر گذار آهيون ساائين ابو واصف صاحب جن جا، جن اوهان جهڙن موتين کي ميڙي هن ميڙ جي رونقن کي مزيد وڻندڙ بڻايو آهي۔۔۔۔۔۔

ادا اوهان جي خوش قلم لکڻين جو شدت سان انتظار رهندو۔۔۔

مهرباني ڀاءُ
 
سهڻا جوڳي ۔۔۔ڀلي ڪري آيا
سدا جيئي سنڌ؛
اسانجون اکيون ٿڌيون، اسانجي هن ننڍڙي سٿ ۾ فقير ته هيا پر هاڻ جوڳي به آيا آهن ... جوڳي من جا نه ميرا سڪ جو ساز وڄائن ... اوهانجي سڪ ۽ پريت سان علمي ڏي وٺ ٿيندي رهندي .. چار يار گڏ ٿين ته ٻيڙا ئي پار ...
هڪ دفعو ٻيهر ڀلي ڪري آيا جي آيا ...
نثار ابڙو
مڪو پاڪ

shal judy hujeen


sindhsalamatsaathsal
 
سائين جوڳي سنڌي صاحب
سنڌ سلامت جي اڳڻ تي ڀلي ڪري آيا اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو
bhali kareayabhali kareaya
sindhsalamatsaathsal
sindhsalamatsaathsal
 
ادا اقبال اسان اوهان کي سنڌ سلامت جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار چئون ٿا اميد آهي ته توهان جو ۽ اسان جو ڀرپور ساٿ رهندو .
سنڌ سلامت جوائن ڪرڻ تي توهان هي مون جي پاران گلن جا تحفا قبول ڪيو

32621709.jpg


99502419.jpg


57059390.gif


73571225.jpg

[/CENTER]


shal judy hujeen


sindhsalamatsaathsal
 
ايندين چونئي اَچُ، ويندي چَوَنئي ويهه،
ڇَڏي سارو ڏيهه، اَڱڻَ اچجي اُن جي.

جيءُ آئين جيءَ جيارا جوڳي! تمام لک لائقَ جو منهنجو ڳاٽُ اوچو ڪيوَ. مهرباني فرمائي هاڻي منهنجي سُستيءَ واري ڪسر به اوهان ئي پوري ڪندا ۽ هن سٿ کي موبائيل جي سيمبين سسٽم متعلق آگاهي ڏيندا ۽ اوهان سان موبائل تي سنڌي فانٽن ۾ جيڪي اوڻايون درپيش آهن، اهي هن فورم تي ضرور شيئر ڪندا، ممڪن آهي ته اوهان کي ڪا رهنمائي ملي سگهي. منهنجي پاران هيءُ ننڍڙو تحفو دل جي اٿاهه گهراين سان قبول فرمائيندا:

jogi1.jpg


jogi2z.jpg


jogi2z.jpg


يار باشد! صحبت باقي
 
۔۔۔۔۔ هن سٿ کي موبائيل جي سيمبين سسٽم متعلق آگاهي ڏيندا ۽ اوهان سان موبائل تي سنڌي فانٽن ۾ جيڪي اوڻايون درپيش آهن، اهي هن فورم تي ضرور شيئر ڪندا، ممڪن آهي ته اوهان کي ڪا رهنمائي ملي سگهي.۔۔۔۔۔

ادا اهو ڪهڙو سسٽم آهيي ۔۔۔ هاڻي ته واقعي به تجسس ٿي پيو۔۔۔۔
ٻيو ته ڇا اهڙو واقعي به ڪو موبائيل مارڪيٽ ۾ آيو آهي ڇا جنهن ۾ مڪمل سنڌي اکرن جي سپورٽ موجود هجي۔۔۔۔۔۔۔ اهو به ٻڌايو ته ڇا توهان موبائيل لاءِ سنڌي فونٽس تي ڪم ڪري رهيا آهيو؟
 
سائين منهنجا السلام عليڪم!
ادو جوڳي منهنجو تقريباً 1986 کان دوست آهي، هو منهنجو ڪلاس فيلو پڻ رهي چڪو آهي. وقت جي لوڏن لهرن جي ڪري تقريباً 1992ع کان وٺي وڇوڙو ٿي چڪو هو، اتفاق سان هو مون کي وري 2006ع ۾ ملي ويو. پوءِ ته خوب ڪچهرا ٿيا. هڪ ٻئي سان ويچار ونڊياسين. جڏهن هن عاجز کيس ٻُڌايو ته آئون ڪمپيوٽر سان وابسته آهيان ۽ سنڌي فانٽن جي موڊيفاءِ تي ڪم پڻ ڪيو آهي، ان سان گڏوگڏ ڊزائننگ ڏانهن پڻ رجحان آهي، منهنجي واتان اهو ٻڌي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڪجهه حيرت انگيز ڳالهيون پڻ ڪيائين. سندس چواڻيءَ موجب ته آئون موبائيل تي ’سيمبين سسٽم‘ سان هٿ چُراند ڪريان پيو. مون کي توهان کان سنڌي فانٽن جي سلسلي ۾ رهنمائي گهرجي. سائين! سَچُ پُڇو ته مون کي به اوهان وانگر ئي تمام گهڻي حيرت به ٿي ته خوشي پڻ ٿي ته هاڻي اسين ڪمپيوٽر وانگر موبائيل تي به سنڌي چيٽنگ کي ممڪن بڻائي سگهون ٿا.

موصوف صاحب تازو 3 ڏينهن اڳ ڪنهن ڪم سانگي حيدرآباد آيو ته مون سان رابطو رکيائين. پر مصروفيتن سبب يڪسوئيءَ سان ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي. بهرحال اها خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي ته موبائيل تي به سنڌي فانٽن سان ’هٿ چُراند‘ ٿي رهي آهي. باقي جيستائين موبائيل تي سنڌيءَ جي سپورٽ جو مسئلو آهي، ته منهنجو خيال آهي ته اهو به ساڳيو عربي، فارسي يا وري اردو ٻوليءَ جي سهڪار سان ’هٿ چُراند‘ ڪرڻ سان ڪو کَڙُ تيل نڪري سگهي ٿو. باقي ان سلسلي ۾ دوست ئي صحيح رهنمائي ڪري سگهي ٿو. سندس چواڻي ته نوڪيا ڪمپني جي موبائيل جا جيڪي ’اين سيريز‘ يا ان کان جديد سيٽ آهن، انهن جو سسٽم ’سيمبين‘ آهي.

صاحب موصوف قاضي احمد شهر جي هڪ ننڍي ڳوٺ سان تعلق رکي ٿو، جتي بجليءَ جي مسلسل اکٻوٽ هئڻ سبب هن فورم تي پنهنجا ويچار نه ونڊي سگهيو آهي۔ ساڻس رابطي ۾ آهيان. جيئن ئي هو لاگ آن ٿيو ته انشاءَ الله انهيءَ سلسلي ۾ اسان سڀني جي رهنمائي ڪندو.
 
Back
Top