پيارا محترم دوستو! مڪتبه ويبسائٽ جي طرفان سنڌي توڙي ٻين ٻولين ۾ موجود اسلامي ڪتابن جو هڪ زبردست ڪتاب گهر تيار ڪيو ويو آهي۔ انهيءَ ويبسائٽ تي اوهان سنڌيءَ ۾ تقريبن هڪ سو ڪتاب مفت پڙهي يا لاهي سگهو ٿا۔ ويبسائٽ جي ائڊريس آهي http://www.maktabah.org سنڌي ڪتابن جي لسٽ لاءِ ائڊريس آهي http://www.maktabah.org/tag-sindhi.html ان کانسواءِ اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود پراڻا شايع ٿيل ڪتاب توڙي نوان شايع ٿيندڙ ڪتاب اسڪين ڪري انٽرنيٽ تي آڻجن۔ ان سلسلي ۾ اسان تقريبن ويھ ڪتاب اسڪين ڪيا آهن جيڪي انهيءَ لسٽ ۾ شامل آهن۔ ٻيا پڻ تمام بهترين ڪلاسيڪي ڪتاب هن وقت اسڪيننگ جي مرحلي ۾ آهن جيڪي عنقريب انهيءَ ويبسائٽ تي شايع ڪندا ويندا۔ ڪجھ تازو شايع ڪيل ڪتاب هي آهن علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو قوت العاشقين جيڪو معجزات رسول صلي الله عليه وسلم جو ڪتاب آهي مخدوم صاحب جو ئي ذريعة الوصول جيڪو درود پاڪ جو ڪتاب آهي علامه محمد ادريس ڏاهري صاحب جو ڪتاب نماز جي اهميت سنڌ جي مشهور صوفي بزرگ حضرت لوڙهائي فقير جون ڪرامتون مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جو سنڌي ڪلام مڪتوبات شريف حضرت خليفه محمود فقير نظاماڻي سراج العاشقين، ملفوظات شريف حضرت خليفه محمود فقير نظاماڻي توفيق الطالبين، ملفوظات شريف حضرت خليفه محمود فقير نظاماڻي محبوبية المحموديه، از حضرت خليفه محمود فقير نظاماڻي سوانح حيات حضرت سهڻا سائين نور الله مرقده، از مولانا بيدار مورائي وغيره
جواب: سنڌي اسلامي ڪتابن جو آنلائين ذخيرو سائين نظاماڻي صاحب توهان جي مهرباني جو توهان پنهنجي علمي ذخيري جي دوستن کي ڄاڻ ڏني سائين بيدار مورائي صاحب ڪالهه هن عاجز وٽ آيو هو سائين نهايت مهربان آهي سندس تقريبا 53 تصنيفون آهن تازو محبت ملهه مهانگو نالي ڪتاب به سندن ئي تصنيف آهي جيڪو سائين جن ڪالهه کڻي آيا هئا اوهان کي جس هجي جو سنڌي علماء جو علمي ذخيرو گڏ ڪري رهيا آهيو الله تعالى توهان کي ان نيڪ ڪم جو اجر عطا فرمائيندو۔
جواب: سنڌي اسلامي ڪتابن جو آنلائين ذخيرو ماشاء الله ۔۔۔۔۔ تمام بهترين ڪم بهترين ڪم ٿيل آهي۔ اوهان جي لاجواب شيئرنگ
جواب: سنڌي اسلامي ڪتابن جو آنلائين ذخيرو سائين نظاماڻي صاحب توهان جي مهرباني ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام بهترين شئرنگ ڪئي اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نظاماڻي صاحب وري به لک لائڪ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لاجواب ونڊ
شاهه صاحب لک مهربانيون اصل ۾ مون اهو ڪم شروع ڪيو هو پر ڪتاب اسڪين ٿيل آهن تنهنڪري تمام ڳري سائيز جا فائل ٺهن ٿا۔ جيڪي اپلوڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي۔ پر وري به اوهان جي صلاح جو احترام ڪندي اهو ڪم شروع ڪبو۔
ادا وساڻ صاحب مونکي ، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جو سنڌي ڪلام ڊائون لوڊ ڪرڻو آهي ، پر ان ڪتاب جي لنڪ نه پئي ملي ، ان جي لنڪ عنايت ڪندا ته شڪر گذار رهندس