جواب: اسلام عليڪم ادا منصور پنهور صاحب اسلام عليڪم۔ادا هڪ ته توهان مسقبل جا داڪٽر آهيو ٻيو ته اسان جي شهر سان تعلق رکو پيا انڪري توهان جو هن اڳڻ جا ميمبر ٿيڻ تي سچ ته اسان جي خوشين کي چار چنڍ لڳي ويا۔توهان کي اسان دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون ۽ اميد ٿا ڪيون ته تواهان پنهنجي بهترين ليکن ۽ ڪمينٽس سان محفل کي سجائيندا رهندا۔توهان جي لکڻين جو انتظار رهندو۔مهرباني۔
جواب: اسلام عليڪم ادا منصور ڀلي ڪري آيا هن اوطاق جو جيڪو مهمان ٿيندو آهي سنڌ جي سهڻي رسم مطابق ان معزز مهمان جي آجيان لاء ڪافي دوست موجود هوندا آهن جيئن ته اسان جو نهايت مهربان ، فهميدو ، علم سان دلچسپي رکندڙ ۽ قانون جو بهترين ڄاڻو دوست محترم سائين غلام مصطفى اوهان جي آجيان ڪري چڪو آهي ٻيا دوست به اجهو پهتا اميد ته توهان هن اوطاق تي محظوظ ٿيندا رهندا هڪ عرض ته توهان پنهنجو تعارف بالڪل مختصر ڪرايو آهي اگر توهان کي ڪو سنڌي لکڻ ۾ مسئلو درپيش آهي ته ٻڌائيندا ورنه پنهنجو تعارف ٿورو تفصيلي لکندا ته وڌيڪ بهتر ٿيندو۔
جواب: اسلام عليڪم ادا منصور ڀلي ڪري آيا ۔۔۔۔۔۔۔۔منهنجي ضلعي دادو جي رهواسيء کي هن سهڻي فورم تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا پنهنجو تعارف مڪمل ڪرايو ۔ [/center][/img]
جواب: اسلام عليڪم ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون اميد ته ساٿ سلامت رهندو سدائين گڏ
جواب: اسلام عليڪم ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون مائٽ پنهنجو تعارف ٿورو تفصيل سان ٻڌايو۔
جواب: اسلام عليڪم دادو جي دوست منصور پهنور صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي پرچارڪ لاء ڪوشان آهي۔ اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔