ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
آڻي ٻڌم وڻ جاءِ من مکڙيون چري
ڪُڌا تورو ڪرهو لڪيو لاڻي کاءِ
ان مئي سندي ماءِ مونکي ڳالهڙين ڳوڙها ڪيو
شاھ صاحب جو هي شعر پنهنجي معنوي اعتبار کان هڪ وسيع و عريض مطالب پنهنجي دامن ۾ رکندڙ شعر آهي ۔ جنهنجي اصطلاحي معنى اها آهي مون ته هن کي اچي ان وڻ سان ٻڌو جنهن وڻ سان گونچ مکڙيون لڳل هيون ته جيئن اهي وڃي کائي پر هي اهڙو ڪنو اٺ آهي جو لڪي وڃي لاڻِ گاھ ٿو کائي آءُ ٿو هن کي ڀلو کارايان ليڪن هي وڃي وري وري ان لاڻِ گاھ ت مري ٿو۔ مونکي ان جي ان حرڪتن منهنجي اندر زخم ڪري ڇڏيا آهن ۔ جي هن جي باطن جي ڳالھ ڪجي ته اها انسان جي اندر نفس اماره جي طرف اشارو آهي ته هي هميشه گناه جي طتف ڀڄندو آهي ۔ باقي اواهن سڀ بهتر )سمجهي سگهو اسان کي سالڪن ائين سمجهايو۔
وسلام
مٿيون احوال ته ان اُٺ جو آهي جنهن تي انساني نفسِ اماره جي حڪمراني آهي ته ٻئي هنڌ وري شاھ صاحب ان اٺ جي ڳالھ ڪئي آهي جنهن تي صمير يا روح يا نفسِ لوامه جي ڪيفيت طاري آهي جنهن جون هيٺيون سِٽون قابلِ غور آهن
اُٺ نه وڃي وڳ سين ، چري نه چانگو
لڳيس نائيڪ نيهن جي ، نهوڙيو نانگو
ڇڏي سر سانگو رِرهي رند پرين جي
سُر کنڀات داستان پهريون