• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاھ صاحب جو هي شعر ۽ ان جي طرف سالڪن جو اشارو

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
آڻي ٻڌم وڻ جاءِ من مکڙيون چري
ڪُڌا تورو ڪرهو لڪيو لاڻي کاءِ
ان مئي سندي ماءِ مونکي ڳالهڙين ڳوڙها ڪيو

شاھ صاحب جو هي شعر پنهنجي معنوي اعتبار کان هڪ وسيع و عريض مطالب پنهنجي دامن ۾ رکندڙ شعر آهي ۔ جنهنجي اصطلاحي معنى اها آهي مون ته هن کي اچي ان وڻ سان ٻڌو جنهن وڻ سان گونچ مکڙيون لڳل هيون ته جيئن اهي وڃي کائي پر هي اهڙو ڪنو اٺ آهي جو لڪي وڃي لاڻِ گاھ ٿو کائي آءُ ٿو هن کي ڀلو کارايان ليڪن هي وڃي وري وري ان لاڻِ گاھ ت مري ٿو۔ مونکي ان جي ان حرڪتن منهنجي اندر زخم ڪري ڇڏيا آهن ۔ جي هن جي باطن جي ڳالھ ڪجي ته اها انسان جي اندر نفس اماره جي طرف اشارو آهي ته هي هميشه گناه جي طتف ڀڄندو آهي ۔ باقي اواهن سڀ بهتر )سمجهي سگهو اسان کي سالڪن ائين سمجهايو۔

وسلام
مٿيون احوال ته ان اُٺ جو آهي جنهن تي انساني نفسِ اماره جي حڪمراني آهي ته ٻئي هنڌ وري شاھ صاحب ان اٺ جي ڳالھ ڪئي آهي جنهن تي صمير يا روح يا نفسِ لوامه جي ڪيفيت طاري آهي جنهن جون هيٺيون سِٽون قابلِ غور آهن

اُٺ نه وڃي وڳ سين ، چري نه چانگو
لڳيس نائيڪ نيهن جي ، نهوڙيو نانگو
ڇڏي سر سانگو رِرهي رند پرين جي
سُر کنڀات داستان پهريون
 
جواب: شاھ صاحب جو هي شعر ۽ ان جي طرف سالڪن جو اشارو

ادا ڏاڏل شينو صاحب اسلام عليڪم۔شاه صاحب جي خوبصورت شاعري جو توهان ظاهري ۽ باطني مطلب هن فورم جي ڪينئوس تي چٽي تعريف جڳو عمل ڪيو اٿو۔توهان جي ان عمل سان اسان ميمبر شاه صاحب جي شاعري جي اصلي روح ۽ ان ۾ لڪل پيغام کي سمجهئي ورتو آهي۔توهان جون مهربانيون۔
 
جواب: شاھ صاحب جو هي شعر ۽ ان جي طرف سالڪن جو اشارو

مهرباني ڏاڏل سائين

لطيف سائين جي هر بيت ۾ ڪيئي سبق سمايل آهن ۔۔۔۔۔۔۔ پرکڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي۔ اوهان لطيف جي هن بيت جي سولي ۽ سهڻي نموني سمجهاڻي بيان ڪئي آهي۔ لطيف سائين ساڳي ئي سُر ۾ هڪ بيت هيئن به چيو آهي:

مَيا! مَڃُ مِنٿَ، اَڄ منهنجي ڪَرَها!
جھاڳِيندي جَرَ پَٽـيُون، مَتان ڪَرِئين ڪَٿَ؛
سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِئين
 
جواب: شاھ صاحب جو هي شعر ۽ ان جي طرف سالڪن جو اشارو

ڪافي ڏينهن کانپوء ڏاڏل جو هڪ بهترين ونڊ ،،،،،،،،،،،،،،،،، شاه سائين جي مٿين شعر ۾ نفس اماره جي باري م ڏاڏل بهترين نموني سمجهايو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا ڏاڏل لاجواب
 
Back
Top