پاڻي نيڪال ۾ رڪاوٽ بڻيل بااثر ماڻهن کي ڪير سمجهائيندو؟ محمد ادريس راجپوت [JUSTIFY] ڪاوش ۾ 19 آڪٽوبر تي ڇپيل هڪ مضمون، جنهن جو عنوان هو ”سنڌ جي ٻڏل علائقن مان پاڻي ڪڏهن نڪرندو“ ۾ مون پاڻي ڪڍڻ جي پلان بابت ڄاڻ ڏيندي مون ٻڌايو هو ته بينظير آباد مان پاڻي 75 سيڪڙو، سانگهڙ مان 71 سيڪڙو، ميرپورخاص مان 64 سيڪڙو، بدين مان 43 سيڪڙو ۽ عمرڪوٽ مان 57 سيڪڙو ايراضين مان گهٽجي ويو هو. وري آبپاشي وارن جو تخمينو به ٻڌايو هو ته مختلف ضلعن مان پاڻي ڪڏهن نڪرندو. انهن جن علائقن ۾ نڪاسي جو نظام آهي ۽ جن ۾ ناهي جدا جدا انگ اکر ڏنا. شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ بدين ۾ ايل بي او ڊي جو نظام آهي. هنن جو اندازو هو ته شهيد بينظير کان 3 کان 4 ڏينهن ۾، سانگهڙ مان 10 ڏينهن ۾، ميرپورخاص مان 15 ڏينهن ۾ ۽ بدين مان 10 ڏينهن ۾ پاڻي نڪري ويندو. وري جن علائقن ۾ نڪاسي جو نظام ناهي، اتي پاڻي هن ريت نڪري ويندو، شهيد بينظير آباد مان 10 ڏينهن ۾، سانگهڙ مان مهيني ۾، ميرپورخاص مان 25 ڏينهن ۾ ۽ بدين مان 20 ڏينهن ۾. پاڻي جي ايراضي گهٽجڻ جا انگ اکر سيٽلائيٽ ذريعي ورتل فوٽن وسيلي معلوم ڪجي ٿو، ڇو جو ٻيو ڪو اهڙو تڪڙو ذريعو ڪونهي. جيڪڏهن زميني سروي ڪجي ته صحيح معلومات ٿي سگهي، پر زميني سروي هن مهل ممڪن ناهي جو روڊ رستا ڪٽيل آهن ۽ اهو وقت وٺي ٿو. سيٽلائيٽ جا فوٽو هر ڏينهن ملي سگهن ٿا، پر انهن ۾ به ڪجهه غلطي ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن ايراضي ۾ ڪڪر بيٺل هوندا ته اتي سيٽلائيٽ فوٽو صحيح نه هوندو. وري جتي فصل بيٺا آهن، پر هيٺ پاڻي بيٺو آهي، اُتي به پاڻي جي ايراضي ڏسڻ ۾ نٿي اچي. جڏهن اسان تمام چٽو (High resolution) نقش نٿا وٺون، تنهن ڪري ٿورو بيٺل پاڻي به نظر نٿو اچي. منهنجو ذاتي خيال هو ته اهي انگ اکر تمام محتاط ڌڪو آهن ۽ پاڻي ٻڌايل ڏينهن ۾ نڪرڻ مشڪل آهي. ذاتي مشاهدو ڪرڻ لاءِ مون تازو انهن علائقن جو دورو ڪيو، جتي پاڻي ڪڍڻ ڏکيو آهي ۽ انهن ڏکيائن جو به جائزو ورتو. مان اهي خيال سنڌ وارن سان به ونڊڻ چاهيان ٿو ته جيئن هنن کي صحيح صورتحال جي خبر پئجي سگهي. ٽنڊو آدم شهر: هي شهر فدا حسين ڏيري ۽ ٻين ماڻهن جي مدد سان ٻڏڻ کان بچيو. انهن انهيءَ سامهون هڪ بند ٻڌو، پر انهيءَ بند سبب انهيءَ مٿان زرعي ايراضي جو نيڪال بند ٿي ويو ۽ روشن جوڻيجي صاحب جي ايراضي ٻڏي ۽ هنن جي ڳوٺ جي هڪڙي پاسي پاڻي ڀراءُ ڪري بيٺو آهي ۽ هُن پنهنجي ڳوٺ کي بند ٻڌي بچايو. ٽنڊو آدم سامهون بيٺل پاڻي هاڻي ٽنڊو آدم برانچ ۽ ٽيئي ڪندڙ شاخ ۾ پمپن ذريعي اماڻيو وڃي ٿو. ڪجهه پمپ بجلي جا آهن، ڪجهه ڊيزل جا. ڪڏهن بجلي ڪانهي، ڪڏهن ڊيزل ختم ٿي وڃي ٿو، ڪڏهن پمپن ۾ ڪو رخنو پئجي وڃي ٿو، تنهن ڪري پاڻي اندازو لڳايل وقت ۾ نڪرڻ ڏکيو آهي. جهنڊو مري: ميرپورخاص-حيدرآباد ريلوي لائين کان مٿي ويسٽ برانچ سان لڳو لڳ ٻيراڻي تائين تمام گهڻو پاڻي بيٺو آهي. اسان انهيءَ پاڻيءَ کي ويسٽ برانچ جي 32 ميل تي ٺهيل انڊر پاس وسيلي ميرپورخاص مين ڊرين ۾ وجهڻ جو پلان ٺاهيو. انڊر پاس تي پاڻي پهچائڻ لاءِ ويسٽ برانچ جي ساڄي ڪپ سان گڏ هڪ نالي کوٽڻ جو رٿيو ويو، پر ان کي ڪراس ڪرڻ لاءِ ريلوي لائين هيٺان لنگهه ٺاهڻو هو. پر ريلوي وارا انهيءَ ٺاهڻ لاءِ راضي نه ٿيا. هاڻي جهنڊي مري وارو پاڻي پمپ هڻي ويسٽ برانچ ۾ وڌو ويندو، جنهن ۾ وقت لڳندو ۽ اهو پاڻي ايترو جلدي نه نڪري سگهندو. وري ٻيراڻيءَ وارو پاڻي جمڙائو ڪينال ۾ پمپ ڪيو پيو وڃي. جيڪي ضلعا وڌ ۾ وڌ متاثر ٿيا آهن، تن ۾ پهريون نمبر سانگهڙ، ٻيو نمبر عمرڪوٽ ۽ ٽيون نمبر ميرپورخاص آهي. سانگهڙ ۾ جتي ايل بي او ڊي واريون سم ناليون آهن، اُتي پاڻي نڪري پيو ۽ اهو اويل سويل نڪري ويندو. سانگهڙ شهر تمام گهڻو ٻڏل آهي، اتي به مراد علي نظاماڻي ۽ ٻين ۽ پيدا وارن جي مدد سان سانگهڙ نوابشاهه روڊ تي تمام ڏکين حالتن ۾ بند ٻڌو، جنهن ڪري تمام گهڻي نقصان کان بچي ويا. هاڻي شهر جو پاڻي 10 پمپن ۽ ٽِن کليل گهارن جي مدد سان نارا ويلي ڊرين ۾ وڌو پيو وڃي ۽ ڏهن پندرهن ڏينهن ۾ شهر بلڪل خالي ٿي ويندو. سانگهڙ ضلعي ۾ وڌ ۾ وڌ مسئلو کپرو ۽ مٺڙائو ڪئنال، نارا ۽ کپرو ڪئنال ۽ ڏهه-ٻارهن لوڪل پاڪٽن ۾ آهي. نارا ڪئنال ۽ کپري ڪينال وارو پاڻي ٽنڊو مٺا خان وٽ نارا ڪئنال ۾ قدرتي وهڪري ۾ پمپن ذريعي وجهي سگهجي ٿو. پر اڃان ڪا چرپر انهيءَ ڪري ناهي ته هيٺيان زميندار مٿين ايراضين جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ پنهنجين ايراضين مان لنگهه نٿا ڏين، انهيءَ ڪري پاڻ به ٻڏل آهن ۽ مٿين کي به ٻڏل رکن ٿا. انهيءَ کان علاوه ٻيا به هيٺ ڪيترا ڍورا آهن، جن جو پاڻي نارا ڪئنال ۾ پمپ ڪري هيرل ڇنڊڻ معرفت ڍورو نارو ۾ وجهي ڍورو پراڻ ۾ وجهي سگهجي ٿو. ٻيا لوڪل پاڪٽ جن ۾ پاڻي بيٺو آهي، اهي آهن گرهار موري، کوري ٽيل اسلم شاهه تائين، هٿونگو، ڍليار، رتو ڪوٽ، احمد علي هنڱورو، ڀٽ ڀائٽي، ڍنگ پتڻ، حاجي حمزو درس. انهن جو پاڻي به پمپن ذريعي مختلف هنڌن تي نارا ڪئنال ۾ وجهي هيٺ هيرل ڇنڊڻ ذريعي ڍورو نارو ۾ وجهي ڍورو پراڻ ۾ پاس ڪري سگهجي ٿو. سانگهڙ ضلعي جو ٻيو وڏو مسئلو اها ايراضي آهي، جيڪا کپرو ڪئنال ۽ مٺڙائو ڪئنال وچ ۾ آهي ۽ جتي سم نالين وارو نظام ڪونهي. انهيءَ ۾ پيرو مل ۽ سامار جي برانچ واري ايراضي اچي وڃي ٿي، جتي تمام گهڻو پاڻي بيٺو آهي ۽ ڇوڙ ڪونهي. جيڪڏهن اِهو بيٺو رهيو ته ڇهه مهينا به نه سڪندو. انهيءَ لاءِ پيرو مل کان پٿورو تائين ڊرين کوٽي پئي وڃي، جيڪا ڍورو نارو ڇنڊڻ ۾ پوندي ۽ پوءِ پاڻي ڍورو پراڻ ۾ نئون ڪوٽ وٽ ڇوڙ ڪرائيندي. عمرڪوٽ ضلعي ۾ ٻه وڏا پانڊ آهن، جن کي خالي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪڙو پانڊ ٿر ڪئنال ۽ صوفي شاخ جي وچ ۾ آهي. اهو پاڻي ٿر ڪئنال جي ستين ميل واري ريگيوليٽر کان هيٺ نور واهه ذريعي ڍورو نارو ڇنڊڻ سان ملائبو. آبپاشي وارا انهيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. ٻيو وڏو پاڻي جو ذخيرو عمرڪوٽ، ميرپورخاص روڊ جي ٻنهي پاسي بچاءَ بند جي پاسي آهي. اتي اڳي ئي هڪ پاڪٽ ڊرين آهي، جيڪا اِهو پاڻي هيرل ڇنڊڻ ويجهو کڻي اچي ٿي. انهيءَ کي هيرل ڇنڊڻ سان ملائي ڍورو نارو ڇنڊڻ سان ملائي سگهجي ٿو، جنهن تي ڪم هلي رهيو آهي. اِهو پاڻي نئون ڪوٽ وٽ ڍورو پراڻ ۾ وجهي شڪور ڍنڍ ۾ اماڻي سگهجي ٿو. سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ ضلعن جو پاڻي پڇاڙي ۾ ڍورو نارو ڇنڊڻ وسيلي نئون ڪوٽ وٽان لنگهي ڍورو پراڻ ۾ پوندو، جتان اهو شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو، پر اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن ڍورو پراڻ ڇنڊڻ وارو پاڻي ڍورو پراڻ کڻي سگهي. هينئر جهڏو ۽ نئون ڪوٽ وارو علائقو اسپائنل ڊرين جي 370 آر ڊي وارن کنڊن ڪري ڀريل آهي. سيڊا وارا تمام گهڻي ڪوشش پيا ڪن ته اهي کنڊ بند ٿين، پر اهو تمام ڏکيو ڪم آهي. کنڊ ساڄي پاسي آهن، جتي وڃڻ جو رستو ڪونهي. کاٻي پاسي کان ٻيڙين ۾ مٽيءَ جون ڳوڻيون ڀري کڻي کنڊ واري هنڌ تي پهچائجن ٿيون. اُتي ٻي مٽي ڪانهي. اهي ڳوڻيون کنڊ واري هنڌ تي رکيون وڃن ٿيون، پر پوءِ به انهن مان پاڻي سيمو ڪري نڪرندو رهي ٿو. اڃان هڪڙو کنڊ ائين بند ڪن ٿا ته پاڻي انهيءَ کان مٿي رکيل ڳوڻين مٿان وري وڃي ٿو ۽ ٻيو کنڊ پئجي وڃي ٿو. نتيجي ۾ کنڊن مان نڪرندڙ پاڻي جهڏو پهچي ٿو ۽ ڀريو بيٺو رهي ٿو ۽ ڍورو نارو ڇنڊڻ ۾ ابتو چڙهي ٿو، جنهن ڪري ڇنڊڻ مٿيون پاڻي نٿي کڻي سگهي. انهيءَ لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو ته اهي کنڊ بند ٿين، اسپائنل ڊرين ۾ پاڻي گهٽجي ۽ ڍورو نارو ڇنڊڻ ۾ پاڻي اُبتو نه وهي. تيستائين ڍورو نارو ڇنڊڻ سان ملائڻ وارو ڪم پورو ٿي وڃي. ميرپورخاص ضلعي جا پاڻي نڪرڻ جا ٻه مسئلا آهن. پهريون ميرپوخاص ڊرين ۾ پاڻي گهٽجي ته اها مٿين ايراضين جو پاڻي قبول ڪري، ٻيو 370 آر ڊي اسپائنل ڊرين ۾ پيل کنڊ بند ٿين ته جهڏو ڏي آيل پاڻي بند ٿئي. ميرپورخاص مين ڊرين ۾ زيرو کان 14 آر ڊي تائين ڪيترا کنڊ آهن، جيڪي اڃان تائين بند نه ٿيا آهن، جنهن جو ڪارڻ به اسپائنل ڊرين وارا کنڊ بند ڪرڻ وارا آهن. يعني ساڄي ڪپ تي مٽي ڪونهي، ٻيڙين ۾ مٽي سان ڀريل ڳوڻيون ساڄي ڪپ تي کاٻي ڪپ کان کڻي وڃڻيون پون ٿيون ۽ بند ٿيل کنڊ وري کلي پون ٿا. بدين ضلعي ۾ وري ماتلي واري ايراضي ۾ پاڻي بيٺل آهي. اهو پاڻي امريو برانچ يا امام واهه جنوبي وسيلي ايل بي او ڊي برانچ ڊرين ۾ ڇوڙ ڪري سگهجي ٿو. مان ٻه دفعا انهيءَ علائقي ۾ وڃي چڪو آهيان، پر خودغرضي ۽ انا انهيءَ کي حل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ آهي. ڪجهه ماڻهو هروڀرو اعتراض ڪن ٿا ۽ پاڻي نٿا ڪڍڻ ڏيڻ. اسان جو خيال هو ته سڀني علائقن مان پاڻي نومبر جي پڇاڙي تائين نڪري ويندو ۽ ماڻهو 90 سيڪڙو ايراضين ۾ ربيع جو فصل پوکي سگهندا. پر جنهن نموني جي صورتحال مٿي ٻڌائي وئي آهي، نومبر جي پڇاڙي تائين سڀني ايراضين مان پاڻي نه نڪري سگهندو. پاڻي کي تڪڙي ڪڍڻ لاءِ هيٺيون ڳالهيون ڪرڻ کپن. (1) هيٺين ٻڏل علائقن وارا ماڻهو مٿين علائقن جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ رستو ڏين. (2) اسپائنل ڊرين ۽ ميرپورخاص مين ڊرين جا کنڊ هنگامي بنيادن تي بند ٿين. (3) آبپاشي ۽ سيڊا وارن کي مناسب فنڊ ڏنا وڃن ته هو پاڻي ڇوڙ ڪرائڻ وارن منصوبن تي تڪڙو عمل ڪري سگهن. (4) ضلعي انتظاميه پاڻي ڪڍڻ وارن منصوبن کي غير ضروري اعتراض ختم ڪرائن. (5) سياسي ليڊر پاڻي ڪڍڻ وارين رڪاوٽون دور ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور رول ادا ڪن. (6) آبپاشي عملدارن کي هيليڪاپٽر ڏنو وڃي ته هو صورتحال کي مٿان ڏسي تڪڙا اپاءَ وٺائي سگهن. [/JUSTIFY] روزانه ڪاوش تان ورتل
جواب: پاڻي نيڪال ۾ رڪاوٽ بڻيل بااثر ماڻهن کي ڪير سمجهائيندو؟ محترم ادريس راجپوت جو اهم موضوع تي لکيل ڪالم پڙهي اهو سوچي رهيو آهيان ته ربيع جي فصل جي اميد ته گهٽبي وڃي ۔۔۔۔!!!! نه ته حڪومت ، نه ئي انتظاميه ۽ نه ئي وري علائقي جا ماڻهو ڪو گهڻو سنجيدهه آهن۔ اسان ڪيترو امدادن جي ٽڪرن تي پاڻ کي پالينداسين۔ اسان جي وڏيرن، شاهوڪارن ۽ ماڻهن کي ويهي ڪو حتمي فيصلو ڪرڻو پوندو۔ ڇو ته وقت تمام گهٽ آهي۔
جواب: پاڻي نيڪال ۾ رڪاوٽ بڻيل بااثر ماڻهن کي ڪير سمجهائيندو؟ هاڻي ڏسو۔ بدين جو ته ڪو ذڪر ئي ناهي۔ ڇو ته بدين جو اوڀريو پاسو ئي ٻڏو اهي جيڪو ننڌڻڪو پاسو سدائين نظراندازي جو شڪار رهيو آهي۔ (هِن لاءِ منهنجو مضمون ڏِسو) هِڪ ته بيهڪ ۽ جاگرافي جي ڪري اهو پاسو انتظامي طرح سان ميرپورخاص سان ڳنڍيل آهي ٻيو ته هِتي جو اڪيلو ڌڻي سائين ذوالفقار مرزا به پنهنجن خفن ۾ آهي۔ ۽ مصيبت جي هِن ڏُکي گهڙي ۾ پي ايس 57 (تعلقه ٽنڊو باگو) خالي پيل آهي۔ هِن علائقي جي زميني بيهڪ ۽ انتظامن تي هِڪ تفصيلي مضمون سنڌسلامت تي اڳي ئي لکي چڪو آهيان هاڻي هِن اشو جي ڪري ظاهري طور ته جهڏو متاثر ٿيو آهي پر اوهان اڄ به وڃي ڏسو ميرپورخاص جو اهو شهر پاڻي کان آجو آهي صرف ڪجه ٻهراڙين جا ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن۔ پر جهڏو ٻوڙيندڙ اهو سڀ پاڻي بدين جي پڇاڙي جي ڳوٺن ملڪاڻي شريف، حيات خاصخيلي ۽ خيرپور وي سي ۾ ڌوڪيو ويو آهي جنهن جي نڪرڻ جو ڪو ذڪر هِن مضمون جيان ڪٿي به ناهي۔ ادريس راجپوت جي ڏنل انهي پهرين حل لاءِ عرض ته هيٺ وارا ڪيئن اِها اجازت ڏين۔ جڏنهن جهڏو جو پاڻي بدين جي ڳوٺن کي ٻوڙي ٿو ته بدين جي انتظاميه ته ڪجه ڪرڻ لاءِ هونئن ئي تيار ناهي (ڇو ته اهو علائقو پري ٿو پئي) ميرپور خاص وارا حد بندي جو چئي ڪن لاٽار ڪن ٿا۔ ۽ ميرپور وارا ڪن به ڇو؟۔ هُنن جو پاڻي نڪتو هاڻي بدين وارا ڄاڻن۔ سو اعتبار ۽ گارنٽي ناهي۔ ماڻهو به حق تي ضد ڪري ويٺا آهن۔