هي تمام پراڻي ڪهاڻي آهي جيڪا مون ٽئين درجي ۾ پڙهي هئي۔۔۔۔ پر پنهنجي خوبصورت اختتام جي ڪري مون کي اڄ به ياد آ۔۔۔۔ هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ ٽوپيون کپائيندڙ همراه ڪنهن جهنگ مان گذري رهيو هيو۔۔۔۔۔ وڻن جي راحت ڀري ڇانوَ ڏسي هن کي ٿورو آرام ڪرڻ تي دل چيو۔۔۔۔ ڀرسان ئي موجود هڪ گهاٽي وڻ هيٺان ويهي ٽوپين جو ٽوڪرو ڀرسان رکي هي ڪجهه پل لاءِ آرامي ٿيو ۔۔۔ ڪلاڪ کن کان پوءِ جڏهن هن جي اک کُلي ته هن پنهنجيون سموريون ٽوپيون غائب ڏٺيون۔۔۔۔ هن مٿي نهار ڪئي ته حيران ٿي ويو ۔۔۔ پورو وڻ ڀولڙن سان ڀريل هيو ۽ هنن جون سموريون ٽوپيون سندن وٽ هيون۔۔۔۔ ٽوپيون کپائيندڙ همراه مٿي تي هٿ ڏئي هيٺ ويهي رهيو ته هاڻي هي اهي ٽوپيون ڪهڙي طرح ڀولڙن کان واپس وٺي۔۔۔۔۔ انهي سوچ ۾ هن پنهنجي ڪياڙي کي پئي کنهيو۔۔۔ هن ڏٺو ته ڀولڙا به کيس ڏسي ڪياڙي کنهي رهيا هئا۔۔۔ هن پنهنجي مٿي تان ٽوپي لاٿي ۔۔۔ هن ڏٺو ته هن کي ڏسي ڀولڙن به مٿي تان ٽوپي لاٿي۔۔۔ هن جي ذهن ۾ تڪڙو ئي هڪ خيال آيو ۽ هن پنهنجي ٽوپي کي زمين تي اڇلايو۔۔۔۔ هن کي ڏسي ڀولڙن به ٽوپين کي زمين تي اڇلائي ڇڏيو۔۔۔ اهڙي طرح هن سموريون ٽوپيون ٻيهر حاصل ڪري ورتيون۔۔۔۔ 50 سال گذري ويا۔۔۔۔ هاڻي ٽوپيون کپائيندڙ جهونو ٿي ويو هو۔۔۔ ۽ ٽوپين کپائڻ جو ڪاروبار هن جو پوٽو ڪندو هو۔۔۔۔ پنهنجي ڏاڏي جي واتان ڀولڙن واري ڪهاڻي هن ڪئي دفعا ٻڌي هئي۔۔۔۔ هڪ ڏينهن پنهنجي ڏاڏي وانگر هي به ساڳي جهنگ مان پئي گذريو ۔۔۔۔ ٽوپين جي ٽوڪري به ساڻس گڏ هئي ۔۔۔۔ ڏينهن ڏاڍو گرم هيو ۽ هن کي وڻن جي راحت ڏيندڙ ڇانوَ ۾ هلندي ننڊ جا هلڪا هلڪا جهوٽا اچي رهيا هئا۔۔۔۔ اڳيان ئي هن اهو ساڳيو گهاٽي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ ڏٺو ۽ ٽوڪري کي ڀرسان رکي هي وڻ هيٺان آرامي ٿي پيو۔۔۔۔ٿوري دير کان پوءِ جڏهن هن کي سجاڳي ٿي ته هن ڏٺو ته ٽوڪري ۾ موجود سموريون ٽوپيون غائب آهي۔۔۔ مٿي نظر ڪرڻ سان هن کي پورو وڻ ڀولڙن سان ڀريل نظر آيو جن وٽ سندس ٽوپيون هيون۔۔۔۔۔ هن کي پنهنجي ڏاڏي جا چيل لفظ ياد آيا۔۔۔۔ ۽ هن پنهنجي ڪياڙي کنهڻ شروع ڪئي ۔۔۔ هن ڏٺو ته ساڳيو عمل ڀولڙن به شروع ڪيو۔۔۔۔ هاڻي هن پنهنجي مٿي تان ٽوپي لاٿي ۔۔۔۔ اهو ڏسي ڀولڙن به پنهنجي مٿي تان ٽوپي لاٿي۔۔۔۔ هاڻي ڏاڍو يقين سان هن پنهنجي ڏاڏي جي خيال وانگر پنهنجي ٽوپي زمين تي اڇلائي پر حيران رهجي ويو جڏهن ڀولڙن پنهنجيون ٽوپيون زمين تي نه اڇلايون۔۔۔۔۔ تڏهن هڪ ڀولڙو وڻ تان لڙڪندو هيٺ آيو ۽ سندس اڇايل ٽوپي زمين تان کنئي ۽ کيس مٿي تي هڪ چپت رسيد ڪندي چيو ته ” سوچ ته آخر ائين ڇو ٿيو۔۔۔۔۔؟ تون سمجهين ٿو ته صرف توکي ئي ڏاڏو آهي۔۔۔۔۔!!!؟؟؟
ها ها ها ها لاجواب ادا رشيد واقعي ڀولڙن کي به ته ڏاڏو آهي ها ها ها ها زبردست ادا توهان جي اهڙي تحرير جو انتظار رهندو