علي چوهاڻ کيبرائي
سينيئر رڪن
او ِمٺِِِِِِي
ناراض نه ٿيجا
هن عيد تي نه تو لاء چوڙيون وترم
نه بنديا
۽ نئي گلابي بدن لاء
گلابي وڳو
هيلوڪي برسات
لوڙهي وئي سڀ خوشيون
۽ ڏيئي وئي
وبا بک ۽ بيماري
۽ ڦري وئي
منهنجي پيري جو سهارو
رحمان پيارو
جنهنجي ميت
ڄڻ چوي ٿي
او بابا او بابا
مان خدا وٽ
تو مٿان دانهين
ڪون ٿيندس
تو مون کي مهانگيون
دواعون
ڇو
ڪون وٺي ڏنيون
ڪنهن وڏي اسپتال ۾
داخل ڇو ڪون ڪرايو
او مٺي تون ئي ٻڌاء
هن عيد تي مان
تحفا ڏيان
يا
دوستن کان
فاتح وٺآن
پنهنجي پياري فرزند عبد الر حمان
جي ياد م جيڪو 5 ڏينهن پهرين مليريا
۽گيسٽرو جي ظالم چنبي ۾ اچي هميشه لا۽ الوداع
ٿي ويو آهي
علي چوهاڻ
ناراض نه ٿيجا
هن عيد تي نه تو لاء چوڙيون وترم
نه بنديا
۽ نئي گلابي بدن لاء
گلابي وڳو
هيلوڪي برسات
لوڙهي وئي سڀ خوشيون
۽ ڏيئي وئي
وبا بک ۽ بيماري
۽ ڦري وئي
منهنجي پيري جو سهارو
رحمان پيارو
جنهنجي ميت
ڄڻ چوي ٿي
او بابا او بابا
مان خدا وٽ
تو مٿان دانهين
ڪون ٿيندس
تو مون کي مهانگيون
دواعون
ڇو
ڪون وٺي ڏنيون
ڪنهن وڏي اسپتال ۾
داخل ڇو ڪون ڪرايو
او مٺي تون ئي ٻڌاء
هن عيد تي مان
تحفا ڏيان
يا
دوستن کان
فاتح وٺآن
پنهنجي پياري فرزند عبد الر حمان
جي ياد م جيڪو 5 ڏينهن پهرين مليريا
۽گيسٽرو جي ظالم چنبي ۾ اچي هميشه لا۽ الوداع
ٿي ويو آهي
علي چوهاڻ