نئين شادي ڪيل مڙس پنهنجي موبائيل ۾ زال جو نمبر ”منهنجي زندگي“ جي نالي سان محفوظ ڪيو هيو۔۔۔ شادي جي هڪ سال کان پوءِ هن نالو تبديل ڪندي لکيو ۔۔۔ ”منهنجي زال“ شادي جي ٻن سالن کان پوءِ هن نالو تبديل ڪندي لکيو۔۔۔ ”گهر“ شادي جي پنجن سالن کان پوءِ هن نالو تبديل ڪندي لکيو۔۔ ”هٽلر“ شادي جي ڏهن سالن کان پوءِ نالو تبديل ڪندي لکيائين۔۔۔ ”رانگ نمبر۔۔۔“ :rap: :dance3: نوٽ_ ادا سليمان جي شادي جي خوشي ۾ سندس نانءُ ڪجي ٿو۔۔۔ :no:
جواب: زال مڙس ۽ موبائيل نمبر۔۔۔۔ ! وقت چوي آ بادشاه ۔۔۔ ادي سليمان جي تجربي کي اڃان ڏهه سال گهرجن پر پاڻ پراڻا پاپي ته ان مرحلي مان گذرون پيا ادا رشيد! ڪيئن؟
جواب: زال مڙس ۽ موبائيل نمبر۔۔۔۔ ! او ادا او ڀائو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ منهنجي شاديء کي 5 سال ٿيا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: زال مڙس ۽ موبائيل نمبر۔۔۔۔ ! سائين نئين اميد وار کي اهڙا ڊپ ته نه ڏيو ته ڪٿي دستبردار نه ٿي وڃي بلڪ ان کي آٿت ڏيو هڪ تمام پيارو حافظي جو تيز دوست محترم محمد حنيف صاحب پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي پريشان ڪري ڇڏيو هن جي گهر واري وفات ڪري وئي هئي ان کي هڪ پٽ آهي سو به حادثي ۾ معذور ٿي چڪو آهي هو ڪڏهن ڪڏهن مورو ۾ رهي پوندو آهي جڏهن ته سندس ڳوٺ به مورو جي ڀرسان آهي هڪ دفعي پڇڻ تي ٻڌايائين ته مان گهر ان ڪري نه ٿو وڃان جو اتي گهر واري يا ڪو ٻيو رشته دار ڪونهي پوء گهر ۾ ويتر اداسي ٿيندي آهي هتي ڪجهه دوستن سان ڪچهريء ڪري اداسيء کان دور رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان مطلب ته گهر واري سان گهر آهي ۔ نه ته ماڻهو بي گهر آهي۔ ان ڪري سائين محمد سليمان کي عرض آهي ته اهڙن دڙڪن جو بالڪل خيال نه ڪن۔
جواب: زال مڙس ۽ موبائيل نمبر۔۔۔۔ ! معني ته اسان شادي جي پچر ڇڏي ڏيون نه۔۔۔۔۔ زال به ته پهريان۔۔ سائين ٻڌو ته۔۔۔۔ پو نالو۔۔۔۔ کڻدي آهي۔۔ سال کانپو ۔۔ فلاڻي جا پي۔۔۔ ۽ ٻن سالن کانپو۔۔ هيڏي ڳالهه ته ٻڌ۔۔۔ پنجن سالن کانپو او، هيڏي، فلاڻي جا پي، حاجي ۽ ڊيش ڊيش ۽ ڏهن سالن کانپو ٻوڙا جي نالي سان سڏيندي ،، ههههههههههههههههههههههه دعا ۾ ياد
جواب: زال مڙس ۽ موبائيل نمبر۔۔۔۔ ! ادا مولوي صاحب اوهان جا خدشا بلڪل درست آهن هڪڙو اميدوار دستبردار ٿي چڪو آهي..
جواب: زال مڙس ۽ موبائيل نمبر۔۔۔۔ ! تمام بهترين شيئرنگ ادا رشيد يار پهنجي قيمتي تجربن کان اسان جهونن کي به آگاه ڪندا رهندا يار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پر يار سليمان انهن دڙڪن کان ڊڄڻ وارو نه آهي نظر جن کي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔په هو وه ان هوائون سي گهبرايا نهين ڪرتي هههههههههههههههههههههههههههه ۔۔۔۔۔۔خبرادار سائين رحيم بخش جي ڳاله وانگر ڪنوارن کي ڊيڄارن منع آهي ڀلي انهن کي اسان جهڙو ٿيڻ ڏيو تاڪي انهن کي اسان جي حالت جي خبر پوييييييي هههههههههههههههههههههه
جواب: زال مڙس ۽ موبائيل نمبر۔۔۔۔ ! ونڃ ڀيھان مطلب ته شادي کان پھريان زندگي۔۔۔۔آ شادي کان بعد۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: زال مڙس ۽ موبائيل نمبر۔۔۔۔ ! ادا سليمان وساڻ اسان جون همدريون اوهان سان گڏ آهن توهان اصل نه گهٻرائجو ههههههههههههههههه خبر ته پو پوند۽ سدائين گڏ
جواب: زال مڙس ۽ موبائيل نمبر۔۔۔۔ ! ادا سليمان ۽ عاشق جي حوصلا افزائيءَ لاءِ ڪاڪي آچار جي نالي سان مختلف واقعاتن تي مشتمل لطيفا پوسٽ ڪندو پيو وتان۔۔۔ ادا گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، ادا شادي شادي هوندي آهي ڪا جنگ ٿوڙئي جو همراهن کي اوهان ايترو پيا ڊيڄاريو۔۔۔۔ هڪ ريسرچ مون پڙهي هئي جنهن ۾ پڙهيو هئم ته زال مڙس جي وچ ۾ هڪ سال جي اندر اندازن ڏهه هزار کان مٿي ڀيرا جهڳڙا ٿيندا رهندا آهن۔۔۔۔
جواب: زال مڙس ۽ موبائيل نمبر۔۔۔۔ ! ادا ائين به نه آھي، منھنجي شادي کي 15 سال ٿيا آھن پر منھجي ۾ موبائيل منھنجي محترمه جو نمبر sweet home جي نالي سان سيوِ ٿيل آھي۔ توھان ھرو ڀرو ادا سليمان کي ڊپ ٿا ڏيو۔
جواب: زال مڙس ۽ موبائيل نمبر۔۔۔۔ ! ها ادا عبد الواحد اسان اڃا تائين پهنجي ڊارلنگ کي موبائل وٺي ئي ناهي ڏنو ڏسو ڪيترو پيار آهي اسان جو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اندازو لڳايو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڃا اسان موبايل وٺي ڏيندا سي پوء پهريان جان جي نالي سان پوء سويٽ جي نالي سان پوء بللو راڻي جي نالي سان پوء دل جي راڻي جي نالي سان انهن مرحلن مان اڃا اسان کي گذرڻو آهي تيسيتائين زندگي ئي گزري ويندي ههههههههههههههههههههههههه
جواب: زال مڙس ۽ موبائيل نمبر۔۔۔۔ ! ها ادا سليمان سائين توهان کي ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي اسان توهان سان گڏ هلنداسين ڀاڄائي وٽ ۽ سمجائينداسينس ته هن کي پيار سان سڏجان جئين ادا اڄ ڪل جو رواج ٿي ويو آهي هي لفّظ چوڻ جو ڊيئر ڪٿي آهين، باقي جي ادا فلپوٽو فقير سائين پنهنجا فيڻا پڙهي فوڪيندس ته لائين تي اچي ويندي، ڪئين ادا فقير سائين سهي پيو چوان نه،
جواب: زال مڙس ۽ موبائيل نمبر۔۔۔۔ ! وڃ ڀيسان ٻه ڏينهن فورم تان گم ٿيا آهيون ته اسن جي پويان ايترو گهڻو لکيو ويو آهي ۔۔۔۔۔۔ ابا اسان پڪو سندرو ٻڌي ميدان ۾ لٿا آهيون، هي جملا هي ڳالهيون اوهان جي کل ۽ خوشيء جو باعث بڻجن اهو به مون لاءخوشين ڀريو لمحو آهي۔
جواب: زال مڙس ۽ موبائيل نمبر۔۔۔۔ ! ها ادا ثابت ٿيو ته توهان جهاز ساڙي مقابلي تي آيل آهيو۔۔ پر ياد آيو ته ڪنهن ناول ۾ پڙهيو هيم ته همراهه چنڊ چنڊ چوندي ڪنهن اهڙي وقت مان به گذريو هيو جو چنڊ کي به چنڊِي چوڻ لڳو هو۔۔۔