ادا هڪ دوست ويب ڪيم گفٽ ڪري موڪلي آهي پر پاڻ کي ته انسٽاليشن جي خبر ئي ڪونه ٿي پوي ۔سو مهرباني ڪري انسٽاليشن جو طريقو ٻڌائيندا۔ مهرباني
جواب: و يب ڪيم ادا پرنس توهان کي جيڪا ويب ڪيم گفٽ ملي آهي ان سان گڏ هڪ سي ڊي به هوندي توهان ان سي ڊي کي سي ڊي ڊرائيو ۾ لڳائي ڪري پو۽ ويب ڪيم کي ڪمپيوٽر سان ڪنيڪٽ ڪريو پو۽ وري توهان کي ڪمپيوٽر اها هدايت ڏيندو ته توهان جي ڪمپيوٽر ۾ نئي ڊيوائيس ملي آهي توهان کي ريڪمڊيڊ واري آپشن تي ڪلڪ ڪري ان کي نيڪسٽ ڪندا وڃو توهان جي ويب ڪيم انسٽال ٿئي ويندي سدائين گڏ
جواب: و يب ڪيم ادا مون انسٽاليشن ته ڪئي آھي پر ڪيم ڪم نه پئي ڪري ۔ ان لاء توهان اسڪرين شاٽ سان سمجهايو ته توهان جي مهرباني ۔اهو به ٻڌائيندا ته ڪيم کي ٽيسٽ ڪيئن ڪجي ته اها ڪم ڪري پئي۔مون واري ڪيم ۾ ته هڪ يو ايس بي پلگ اٿس ۽ٻيو وري سنهو جيڪ اٿس جيڪو اسپيڪرس لاء لڳندو آهي ۔صرف يو ايس بي پلگ لڳندس يا ٻيو ڪجه به۔
جواب: و يب ڪيم ادا سائين انسٽاليشن ٿي وئي آهي پر هاڻي اهو ٻڌايو ته ان کي ٽيسٽ ڪيئن ڪجي ته اها ڪم ڪري پئي يا نه۔وڊيو ڪيپچوئر ڪيئن ڪجي۔اسان جي اها وڊيو کي ڪيئن نظر ايندي۔ ساٿ سلامت۔
جواب: و يب ڪيم ادا عمران توهان کان پڇيو آهي ته توهان ڪمپني ٻڌايو ته توهان جي ويب ڪيم ڪهڙي ڪمپني جي ٺيهل آهي ته اوهان جي لاء رهنمائي وٺڻ ۾ آساني ٿيندي جيڪڏهن توهان وٽ اسڪائيپ سافٽوئير آهي ته ان ۾ ويب ڪيم آن ڪري چيڪ ڪري سگهو ٿا۔
جواب: و يب ڪيم ادا Prince ونڊو ّ XP ۾ مووي ميڪر (Windows Movie Maker) جي نالي سان سافٽوئر آهي جيڪو توهان کي اسٽارٽ مينيو ۾ آل پروگرام جي مينيو ۾ ملندو۔ ان پروگرام کي هلائي ۽ ان ۾ ويڊيو ريڪارڊن ڪري ڏسو جيڪڏهن ان ريڪارڊن دوران توهان کي تصوير نظر اچي ته مطلب توهان جي ويب ڪيم ڪم ڪري رهي آهي۔ جيڪڏهن تصوير نظر نه اچي ته مطلب اڄان به ڪو مسعلو آهي۔ وڌيڪ سولو سمجهڻ لا هيٺيان اسڪرين شاٽ ڏسو سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: و يب ڪيم ماشآء الله ادا عبدالرحيم جن تمام بهترين نموني اسڪرين شاٽس ذريعي سمجهايو آهي اميد ته پرنس کي هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هوندي۔
جواب: و يب ڪيم ادا عبدالرحيم توهان جي ڪوشش سان ويب ڪيم هلي پئي۔پر هاڻي رڳو آواز جو مسئلو آهي ۔وڊيو هلي پئي پر آواز ڪونه اٿس۔ادي عبدالواحد کي جي تڪليف نه اچي ته اهو مسئلو به حل ڪندا۔ ساٿ سلامت۔
جواب: و يب ڪيم ادا سائين اسلام عليڪم۔دوست اوهانجي خدمت ۾ حاضر آهن حڪم ڪيو۔عيد جي ڪري دوست ٿورا مصروف ٿي ويا آهن ۔اًجھو سڀ پهتا۔توهان جي مسئلن جو حل کڻي،ٿورو انتظار ڪريو۔
جواب: و يب ڪيم ادا Prince مونکي خوشي ٿي جو توهان جو مسعلو حل ٿي ويو۔ آواز لا آڊيو ڪنيڪٽر ڪمپيوٽر ۾ MIC جي جگھ تي لڳايو اهو به مسعلو حل ٿي ويندو
جواب: و يب ڪيم ادا آڊيو وارو ڪنيڪٽر مائيڪ واري جڳه تي لڳايو اٿم پر وري به آواز ڪونه ٿو اچي۔sound recorder ۾ مائيڪ جو آواز ريڪارڊ نه پيو ٿئي۔