راڻي پروڊيڪشن پاران فنڪاره پارس علي پارس جي گيتن جي ڪيسٽ جي مهورت

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏29 آڪٽوبر 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي ڪيسٽ ”پيار زندگي“ جي مهورت

    رپورٽ: نثاراحمدناز : تصويرون عبدالغفور سمون ​

    [justify]ڪالهه مورخه 27 آڪٽوبر 2011 راڻي ميوزڪ پروڊيڪشن گروپ پاران معروف سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي گيتن جي ڪيسٽ ”پيار زندگي“ جي مهورت حيدرآباد سنڌ جي مشهور ممتاز مرزا آدِيٽوريم سنڌ ميوزم ۾ ٿي گُذري جنهن ۾ پارس علي پارس پنهنجا خوبصورت گيت ٻُڌائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، سمورو آڊيٽوريم عورتن ۽ مردن سان کچا کچ ڀريل هو، هن مهورت واري تقريب ۾ ادب ۽ شو بز سان تعلق رکندڙ ڪافي سينئر ۽ جونيئر فنڪارن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ قابل ذڪر نالا ، سنڌ مشهور شاعره زيب نظاماڻي ،سينئر فنڪار شهباز دُراني، رفيق عيساڻي، اسرار لغاري، نوشين شيخ، سمرين فلسطيني ، غزالا سولنگي، مهوش سولنگي، تهذيب هيسباڻي، راجه ميمڻ چيف ايگزيڪٽو مهراڻ ٽي وي، رياض ٻاٽي، وڪيل مڱريو ، آزاد گوپانگ، شيراز ميمڻ، تحسين ميمڻ، آپا نذيران، آپا نور شاهين ، فقير معظم،اي جي سمون، امين سمون ۽ مهراڻ ٽي وي جو مشهور ڪمپيئر حُسين بخش خاصخيلي هُئا، سنڌ سلامت پاران پُڇيل سوالن جي جواب ۾ پارس علي پارس چيو ته شهرت دولت ۽ محبت مان هو صرف محبت جي چونڊ ڪندي، ڇو جو شهرت ۽ دولت اچڻي وڃڻي شيءَ آهي مگر محبتن جو ڪڏهن به انت ناهي ٿيڻو، بي وفائي جو انت وفائن سان ڪري سگهجي ٿو، سنڌ سلامت پاران هڪڙي ٻي سوال جي جواب ۾ پارس علي پارس چيو ته جيڪڏهن هو سنگر نه هُجي ها ته ايئر هوسٽس هُجي، هڪڙي ٽي سوال جي جواب ۾ پارس چيو ته مجبوريءَ ۾ ڪوڙ ڳالهائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهائبو ته سچ ڪڏهن به نکري نروار ڪونه ٿيندو، پارس علي پارس سنڌ جي سڀني فنڪارن ، شاعرن اديبن سان پيار ڪري ٿي، شاعر ۽ فنڪار کي لازم ملزوم قرار ڏي ٿي، سنڌ جي هر ٻار کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ تي زور ڏيندي هُن چيو ته جيستائين اسان جو سنڌي ٻار تعليم حاصل نه ڪندو تيستائين اسان جي سنڌي قوم جي اوسر ناممڪن آهي، صرف تعليم سان ئي سنڌي قوم جي بقا ممڪن آهي نياڻين جي تعليم کي لازمي لازمي مڃيندي پارس علي پارس چيو ته جنهن به قوم جي نياڻي علم جي نور سان مالا مال آهي آهي ان قوم جو مستقبل روشن آهي ، اهڙي طرح پارس علي پارس جي گيتن ” پيار زندگي“ جي مهورت واري هي رنگا رنگ تقريب تقريبن رات جو هڪ وڳي تائين جاري رهي، پارس علي پارس کا انٽرويو وٺندڙ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعره محترما زيب نظاماڻي، سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمد ناز هُئا جڏهن ته فوٽو گرافي ۽ وڊيو ڪئميرا ميني سنڌ سلامت جي مشهور ڪئميرا مين عبدالغفور سمون آف هوسڙي شهر ڪئي ، ان کان علاوه سنڌ سلامت سٿ پاران ڪافي فنڪارن کان به انٽر ويو ڪيا ويا اهي انٽرويو ايڊيٽنگ جي آخري مرحلن ۾ آهن عنقريب يوٽيوب تان سڀني فيس بُڪ ۽ سنڌ سلامت جي ساٿين سان ونڊ ڪيا ويندا. [/justify]

    هاڻي پيش آهن هن رنگارنگي تقريب جون تصويري جهلڪيون...​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ مشهور فنڪاره پارس علي پارس جا چند خوبصورت انداز

    [​IMG]
    سنڌ جي سر موڙ اديبه ۽ شاعره سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه سنڌ سلامت پاران پارس علي پارس کان هڪڙي پُڇيل سوال تي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪري رهي آهي

    [​IMG]
    سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه ۽ سنڌ سلامت جو جهونو سنڌ سلامت پاران پارس علي پارس کان انٽرويو وٺڻ جي تيارين ۾ [/center]
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: راڻي پروڊيڪشن پاران فنڪاره پارس علي پارس جي گيتن جي ڪيسٽ جي مهورت

    ڪُجهه وڌيڪ تصويرون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: راڻي پروڊيڪشن پاران فنڪاره پارس علي پارس جي گيتن جي ڪيسٽ جي مهورت

    سائين نثار ناز ۽ عبدالغفور شينهن سمون جا لک ٿورا جنهن هن تقريب جي تمام محنت سان ريڪارڊنگ ۽ سربستو حال اسان جي سنڌ سلامت جي لاءِ ڪوريج سان گڏ هتي پيش ڪيو۔۔۔ پارس علي پارس صاحبه تمام خوبصورت ۽ سُريلي گلوڪاره آهي۔ هن تقريب جي تصويرن مان ئي لڳي ٿو ته کين عوام ۾ ڪيڏي پذيرائي حاصل آهي۔۔۔ سندس مداحن جو سلسلو اڻ کٽ آهي، اسان جو جهونو علي علي به سندن مداحن مان هڪ آهي ۽ ان جو هن تقريب ۾ موجود نه هجڻ هڪ وڏي ناانصافي آهي ۔۔۔۔۔ ​
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: راڻي پروڊيڪشن پاران فنڪاره پارس علي پارس جي گيتن جي ڪيسٽ جي مهورت

    []
    مهرباني مٺا اسد ، يار هاڻي پوڙهو ٿي چُڪو آهيان قسم سان هاڻي نٿي پهچي، تمام گهڻي پاٻوهه سان ميڊم پارس علي پارس هن مهورت واري تقريب جي دعوت ڏني هُئي ان کان علاوه نقلي جهوني علي علي به هن دعوت ۾ خصوصي طور بار بار تاڪيد ڪئي پئي ، ڪنهن کي جواب ڏيان ڪنهن کي انڪار ڪريان نتيجي طور ٻنهي پارس علي پارس ۽ علي علي جي دل رکي هن پروگرام ۾ شرڪت ڪيم سڀ کان سُٺي ڳالهه ته شينهن سمون هاڻي وري سنڌ سلامت لا فعال ٿي ويو آهي۔ ان کان علاوه سنڌ سلامت جي شو بز واري هن سيڪشن ۾ ڪاف ڏينهن کان ڪا پوسٽ ڪنهن به ڪونه موڪلي آهي۔مٺا مست اسد حُسيني تنهنجا ٿورا آهن جو همت افزايون ڪري اسان جو حوصلو سدائين وڌائيندو آهين۔ هي ڪجهه وڌيڪ تصويرون تو سميت سڀني سنڌي سلامت جي دوستن سان ونڊيان ٿو

    [​IMG]
    اسٽيج ۽ ٽي وي جي بهترين سنڌي آرٽسٽ غزالا قريشي پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ سان گڏ مهورت واري پروگرام ۾ شريڪ ٿي

    [​IMG]
    هن مهورت واري تقريب ۾ هڪ ناري ۽ سندس دلڪش انداز
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    سانئڻ زيب نظاماڻي ، مهوش سولنگي جي شرڪت هن مهورت واري تقريب کي چار چنڊ لڳائي رهي هُئي
    [​IMG]

    [​IMG]
    اسٽيج ٽي وي جي سنڌي آرٽسٽ ثمرين فلسطيني جا مختلف وڻندڙ انداز
    [​IMG]
    ريڊيو پاڪستان جي انائونسر تهذيب هيسباڻي به شريڪ ٿي هُئي ان تقريب ۾​
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: راڻي پروڊيڪشن پاران فنڪاره پارس علي پارس جي گيتن جي ڪيسٽ جي مهورت

    سنڌ سلامت جي جهونو نثاراحمد ناز فوٽو گرافي ۽ وڊيو ڪئميرا ميني سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين عبدالغفور سمون جي محترمه پارس علي پارس جي گيتن جي ڪسٽ جي مهورت واري تقريب جي هي رپورٽنگ يقين قابل داد آهي سائين جن جي رپورٽ جنهن ۾ ڪک کان وٺي ڪري لک جي ڳاله ڳجهي نه هوندي آهي بلڪل اکين ڏٺو احول جي پاڻ ائين ڪوريج ڪندا آهين جو غير حاضر ماڻهن ۽ پڙهندڙن کي ائين لڳندو آهي ته هو به ان محفل ۾ ويٺا آهين يا ويٺا هئا ۔۔۔۔خير اسان جو دعائون سڀني سنڌي دوستن لاڀ ته هو نيڪ ڪم ۾ اڳڀرا هجن سائين نثار ناز کي ان ڪاميا رپورٽنگ تي هڪ دفعو ٻيهر مبارڪباد ۽ کوڙ ساريون واڌايون قبول هجن
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: راڻي پروڊيڪشن پاران فنڪاره پارس علي پارس جي گيتن جي ڪيسٽ جي مهورت

    نه ادا مست اسان سڀني سنڌي دوستن جا مداح آهيون بابا اوهان جا انهن کان وڌيڪ مداح آهيون باقي پارس جهوني آهي جهونن سان پهنجي لڳندي آهي باقي دل ۾ محبت هجي ته مڪان ۽ زمان جا فاصلا ڪجه به ناهين هوندا اسان جي هجون به ها ته ان محفل ۾ شريڪ نه ٿيون ها اوهان مجبوري سمجهو ٿا بابا
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: راڻي پروڊيڪشن پاران فنڪاره پارس علي پارس جي گيتن جي ڪيسٽ جي مهورت

    سنڌ سلامت جي جهونو نثاراحمد ناز فوٽو گرافي ۽ وڊيو ڪئميرا ميني سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين عبدالغفور سمون جي محترمه پارس علي پارس جي گيتن جي ڪسٽ جي مهورت واري تقريب جي هي رپورٽنگ يقين قابل داد آهي سائين جن جي رپورٽ جنهن ۾ ڪک کان وٺي ڪري لک جي ڳاله ڳجهي نه هوندي آهي بلڪل اکين ڏٺو احول جي پاڻ ائين ڪوريج ڪندا آهين جو غير حاضر ماڻهن ۽ پڙهندڙن کي ائين لڳندو آهي ته هو به ان محفل ۾ ويٺا آهين يا ويٺا هئا ۔۔۔۔خير اسان جو دعائون سڀني سنڌي دوستن لاڀ ته هو نيڪ ڪم ۾ اڳڀرا هجن سائين نثار ناز کي ان ڪاميا رپورٽنگ تي هڪ دفعو ٻيهر مبارڪباد ۽ کوڙ ساريون واڌايون قبول هجن
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: راڻي پروڊيڪشن پاران فنڪاره پارس علي پارس جي گيتن جي ڪيسٽ جي مهورت

    واهه واهه علي ظفر ته اڄ چهڪي پيو لڳي ٿو ته علي علي کي منهنجي ۽ ادا عبدالغفور سمون جي هي تصويرن سميت رپورٽ دل سان وڻي آهي، آخر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جو نقلي جهونو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دل سان پسند نه به ڪري ها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ميڊم پارس علي پارس کي چئي اهڙو حشر ڪريانس ها جو ۔۔۔۔۔۔۔۔ خبر پئجي وڃينس ها۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڇا ڪيون علي علي سميت هر سنڌ سلامت جي دوست جي به ته دل رکڻي آهي۔ مهربانيون مٺي ماڻهو علي علي جون جو هو اسان مٿان تمام گهڻا پيار نڇاور ڪندو آهي لک لائق سندس۔ ڪُجهه وڌيڪ تصويرون پيش خدمت آهن اهي تصويرون محترم علي علي کي ارپيان ٿو۔
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    معروف سنڌي سنگر پارس علي پارس جو ڪجهه وڌيڪ تصويرون
    [​IMG]
    سنڌي ٻولي جي معروف اديبه ۽ شاعره زيب نظاماڻي هن مهورت واري تقريب ۾ انتهائي خوش هُئي۔ساڻس گڏ شو بز جي معروف آرٽسٽ مهوش سولنگي به خوش نظر اچي رهي آهي۔

    [​IMG]
    پٿر دنيا واري وڏيري سڪينه (نوشين شيخ ) به هن تقريب ۾ شريڪ هُئي۔

    [​IMG]
    شو بز جو ناميارو ۽ سينئر اداڪار شهباز دُراني جي شموليت به هن تقريب کي عروج تي پهچايو

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو مين ڪئميرا مين عبدالغفور عرف شينهن سمون به ڪم کي کڻيو بيٺو آهي سنڌ سلامت پاران شوبز جي معروف فنڪاره مهوش سولنگي سان ڳالهه ٻول ڪري پيو

    [​IMG]
    ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سينئر انائونسر ميڊم تهذيب هيسباڻي سان جڏهن سنڌ سلامت پاران ڳالهه ٻول ڪيم ته هُن چيو ته سنڌ سلامت وارن سان ڳالهائڻ کي هو ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪونه ٿي سمجهي ۔
    [​IMG]
    سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ لا اهو اعزاز آهي ته سنڌي ٻولي جي سرموڙ اديبه بهترين شاعره محترما زيب نظاماڻي پاران سنڌ سلامت واسطي اسٽيج ٽي وي فلم جي معروف ادڪاره ثمرين فلسطيني سان ڳالهه ٻول ڪئي

    [​IMG]
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت سنڌ سلامت جو جهونا نثار ناز توهان لا سدائين دعاڳو آهي ته منهنجي سنڌ سلامت جا سڀئي ميمبر دوست ۽ ساري دنيا جا سنڌي جتي به هُجن شال سدائين آباد هُجن ، ڪڏهن به کين ڪو ڪوسو وا نه لڳي سدائين خوشين جا جهول ڀريندا رهن آمين ثم آمين​
     
  9. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: راڻي پروڊيڪشن پاران فنڪاره پارس علي پارس جي گيتن جي ڪيسٽ جي مهورت

    سائين نثار صاحب توهان زبردست سليڪشن شيئر ڪئي آهي۔ اسان سنڌ سلامت فورم جي ميمبرن سان۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: راڻي پروڊيڪشن پاران فنڪاره پارس علي پارس جي گيتن جي ڪيسٽ جي مهورت

    پيارا معظم زبردست ماڻهن لا اسان جون سليڪشنون ۽ ونڊون سدائين زبردست هونديون آهن ۔ مان چاهيان ٿو ساري دنيا ۾ جتي به سنڌين جا ميلا ميڙاڪا، ڪي خوشين سندا گيت گونجن اتان جو هر سنڌي اهي سليڪشنون گڏ ڪري سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري۔ تنهنجون مهربانيون جو توهان پنهنجي همت افزائين سان اسان کي حوصلن جا نوان دڳ ڏنا ادا لک لائق توهان جا۔
     
  11. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: راڻي پروڊيڪشن پاران فنڪاره پارس علي پارس جي گيتن جي ڪيسٽ جي مهورت

    ابا مست اسان سائين نثآر ناز کي ان ڪري سفارش ڪئي هئي ان پروگرام ۾ شرڪت جي ڇو ته اسان کي خبر هئي ته جي سائين نثار ناز پرگرام ۾ هوندا ته پوري سنڌ سلامت ان پروگرام ۾ شامل رهندي سو ٿيو به ائين ئي سائين جن ماڻهن کان انٽريو ورتا سائين جن اکين ڏٺو احوال ائين شيئر ڪيو جو اسان کي ائين ئي لڳي رهيو آهي جو اسان ان پروگرام ۾ شامل هئا سي نثار ناز زنده باد سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  12. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: راڻي پروڊيڪشن پاران فنڪاره پارس علي پارس جي گيتن جي ڪيسٽ جي مهورت

    سائين نثار صاحب توهان زبردست سليڪشن شيئر ڪئي آهي۔ لک لائق
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو