• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چوري۔۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
هڪ چور، چوري جي نيت سان هڪ گهر ۾ داخل ٿيو۔۔۔۔ اندروني ڪمري ۾ جڏهن ٽجوڙي تي پهتو ته هن ٽجوڙي تي لکيل ڏٺو۔۔۔۔ ” ٽجوڙي کي ٽوڙڻ جي ضرورت نه آهي صرف #440 ملايو ۽ سامهون وارو ڳاڙهو بٽڻ دٻايو۔۔۔ ٽجوڙي کُلي ويندي۔۔۔۔ “
چور جيئن ئي ڳاڙهو بٽڻ دٻايو ۔۔۔۔ الارم وڳو ۽ پوليس اچي وئي۔۔۔۔
وڃڻ وقت چور گهر جي مالڪ کي چيو۔۔۔۔

”خدا جو قسم اڄ انسانيت تان اعتبار کڄي ويو آهي۔۔۔۔۔ !!!“​
 
سائين زبردست هڪ اهڙي لطيفي سان ملندڙ چور جي ڳالهه آهي ته هڪ چور چوري ڪندي گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيو چور ٽپ ڏئي ڀت تي چڙهي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن گهر ڌڻي جو هٿ چور جي ڄنگهه ۾ پئجي ويو چور تڪڙ ۾۔۔۔۔۔۔ ادا هٿ ڪڍ هٿ ڪڍ ان ڄنگهه ۾ سور آهي گهر ڌڻي تڪڙ ۾ هٿ ڪڍيو ته چور غائب ٿي ويو ڪٿي چور به سياڻا ٿيندا آهن۔
 
Back
Top