• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏاڍن جي ڏيهه ۾ پيار ڪيوسون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

Moazam Ali

سينيئر رڪن
“غزل“

ڏاڍن جي ڏيهه ۾ پيار ڪيوسون
قول ڪيوسون اقرار ڪيوسون

دل چاهيو هجي قرب ئي قرب
زندگي جو پئمانو تار ڪيوسون

رکيو من ۾ جنهن به بغض مٺڙا
تنهن کي پاڻ کان ڌار ڪيوسون

جنين سهڻي سنڌ تي آڳر کنئي
تنين کي ڀوري ڇار ڪيوسون

تو ڇڏي ڏنو پر تنهنجو انتظار
الئه ڇو؟ بار بار ڪيوسون

سڀن چيو تون بي وفا بي وفا
پر ڪنهن تي نه اعتبار ڪيوسون

جيون راهه ۾ جو به مليو
”فياض” سو خوشي مان سُيڪار ڪيوسون


فقير رشيد ”فياض”
ٽنڊوسومرو
 
جواب: ڏاڍن جي ڏيهه ۾ پيار ڪيوسون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

جنين سهڻي سنڌ تي آڳر کنئي
تنين کي ڀوري ڇار ڪيوسون

واه واه ادا بهترين
 
Back
Top