جئين آئون ڪمپيوٽر پيو هلايان ۽ ڪير ٻيو به منهنجو ڪمپيوٽر پيو هلائي پر مونکي خبر نه آهي ڇا اهئين ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن ها ته ضرور ٻڌائيندا ڪئين طريقو ٻڌائيندا؟
جواب: ادا هن جون ٽپس ڏيندا، ادا توهان جو ڪمپيوٽر ڪو ٻيو پيو هلائي ؟ ادا اهو ان صورت ۾ ممڪن آهي ته توهان جي ڪمپيوٽر هيڪ ٿئي ويو هجي يا وري ٽيم ويور سافٽ ويئر جي ذريعي ممڪن آهي پر ٽيم ويور سافٽ ويئر جي صورت ۾ توهان کي خبر پوندي ته توهان جو ڪمپيوٽر ٻيو ڪو هلائي رهيو آهي باقي هيڪ ٿيڻ جي صورت ۾ توهان کي ئي خبر نه پوندي ته ڪو ٻيو توهان جو ڪمپيوٽر استعمال ڪري پيو سدائين گڏ
جواب: ادا هن جون ٽپس ڏيندا، سائين هي هيڪ ڇا آهي ادا ڇا اسان کي کلي سمجهائيندا توهان جي هي اکرن واري سمجهاڻي اسان کان زور پئي لڳي ان ڪري جو اسان ڪڏهن ان جي باري ۾ نه ٻڌو آهي مهرباني ڪري تصويري صورت ۾ سمجهائيندا توهان جا لکھ ٿورا ٿيندا؟
جواب: ادا هن جون ٽپس ڏيندا، هيڪنگ هي هڪ جديد ٽيڪنالاجي آهي ان جي ذريعي توهان ڪنهن جي به ڪمپيوٽر ۾ گهري ڪري ان جي مطلوبه ڊيٽا چورائي سگهو ٿا جو مالڪ کي خبر ئي نه پوندي ته مون سان ڇا ڪجهه ٿئي ويو هيڪنگ ڪرڻ هڪ ڏوه آهي جيڪو قانون جي ذمري ۾ اچي ٿو مان اوهان کي ان کان وڌيڪ معلومات نه ٿو ڏئي سگهان يا هتي شيئر نه ٿو ڪري سگهان اميد ته توهان سمجهي ويا هوندا سدائين گڏ
جواب: ادا هن جون ٽپس ڏيندا، بلڪل سائين اسان سمجهي وياسين ان جي باري ۾ ٻڌو هو پر هاڻ توهان جي ڳالھ مان بلڪل متفق آهيان مهرباني،