دوستو۔۔!! مان جو سسٽم پھريان ھر شي سٺي نموني شيئر ڪندو ھو ھيئر الائي ڪھڙو تپ چڙھيو اٿس جو ڪابه شي مان شيئر ڪريان ٿو ته شيئر ٿئي ٿي۔ پر ڪجھ ئي ٽائيم کان بعد سسٽم پنھنجو رنگ ئي مٽائي ٿو ونڃي، مطلب ته ھي حالت اٿس۔ اسٽاٽ بٽن واري پٽي ھن رنگ جي ٿي ونڃي ٿي۔۔۔۔۽ شيئرنگ بلڪل بند ٿي ونڃي ٿي۔۔۔۔۔سستم ري اسٽاٽ ڪرڻ کان بعد ساڳو ئي شيئر ٻئي پي سي ۾ ھلي ٿي۔۔۔۔ڪجھ به سسٽم ۾ اسٽاٽ ڪريان ٿو ته وري اسٽاٽ بٽن واري پٽي رنگ مٽائي ٿي ونڃي۔ نوٽ مان ھن مسئلي کان تنگ اچي سڄي سسٽم کي فارميٽ ڪري ٻيھر نئون ونڊو ڪيو آ ته بھ جان نه ٿي ڇُٽي۔۔۔۔۔وس وارن ۽ ڏاھن دوستن کي اپيل آھي ته جلدي مسئلي جو حل ٻڌائين۔۔۔۔مھرباني
جواب: سسٽم ۾ شيئرنگ جو مسئلو۔۔۔حل ٻڌايو؟ ادا عاشق شئيرنگ جي مسئلي ۾ ادا عامر ضيا اسان کان چڙهيل آهي اهو هن وقت فورم تي موجود به آهي اميد ته توهان کي ان بابت ڪا بهتر ڏس پنڌ ڏيندو سدائين گڏ
جواب: سسٽم ۾ شيئرنگ جو مسئلو۔۔۔حل ٻڌايو؟ همممم يار عامر ھجي يا رياض۔۔۔۔۔بس مونکي مسئلي جو ھل کپي۔ هههههه جيڪڏھن ڪنھن دوست کي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي آھي ته مان وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ لا به تيار آھيان۔ محترم عامر ضيا جن کي اپيل آھي ته جلدي ڪو نه ڪو کڻ تيل ڪڍن۔
جواب: سسٽم ۾ شيئرنگ جو مسئلو۔۔۔حل ٻڌايو؟ ادا توهان ڪهڙي قسم جا فارميٽس شيئرنگ تي رکيا آهن ؟ ؟ ؟ ۽ توهان انٽيوائرس ڪهڙو استعمال ڪري رهيا آهيو ؟
جواب: سسٽم ۾ شيئرنگ جو مسئلو۔۔۔حل ٻڌايو؟ avast اينٽي وائرس آھي ۽ مان فارميٽس نه پر ڪجھ فائيل شيئر تي رکيا آھن....مطلب موري ۽ ڪجھ سافٽوير......
جواب: سسٽم ۾ شيئرنگ جو مسئلو۔۔۔حل ٻڌايو؟ ادا ان ارر جا ڪافي سبب ٿي سگهن ٿا، هارڊ ڊرائيو جو مسئلو، اينٽيوائرس جو مسئلو، يا ته وري بورڊ جو مسئلو، توهان لاءِ هڪ بهترين حل اهو آهي ته توهان شيئرنگ لاءِ FTP Server استعمال ڪريو، ان لاءِ مان توهان لاءِ هڪ سافٽويئر جي لنڪ شيئر ڪيان ٿو، توهان ان کي ڊائونلوڊ ڪري اُن ڪمپيوٽر تي انسٽال ڪريو جنهن جا فائلس توهان شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا۔ http://www.4shared.com/file/z05h_5Vs/Wing_FTP_Server_Corporate_Edit.html جيڪڏهن توهان کي سافٽويئر انسٽال ٿيڻ ۾ مشڪلات پيش اچي ته توهان مونکان مدد وٺي سگهو ٿا۔ اميد ڪريان ٿو ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔
جواب: سسٽم ۾ شيئرنگ جو مسئلو۔۔۔حل ٻڌايو؟ ادا مهنهجي خيال ۾ اهو مسعلو ونڊو جي فائروال (Firewall) جي ڪري به ٿي سگهي ٿو۔ جيڪو ڪنٽرول پينل ۾ موجود هوندو آهي۔ ادا عاشق کي منهنجي صلاح آهي ته توهان ونڊو فائروال کي آف OFF ڪري ڏسو۔ شايد مسئلو حل ٿي وڃي۔