نصرپور جا ننڍي قد وارا مغل ڀائر ياسر عرفات ،محمد عامر ۽ شهزاد علي خادم گھراڻو نصرپور شهر جي مغل محلي ۾ گرلس هاءِ اسڪول نصرپور جي ويجھو ٽي ڄڻا ننڍي قدجانوجوان آهن جن جو قد ٻه فوٽ مس هوندو انهن سان برسات هڪ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ هنن ٻڌايو ته هن وقت ياسر عرفات جي عمر 29 سال شهزاد علي جي عمر 21 سال ۽ محمد عامر جي عمر 25 سال آهي .هنن اهو ٻڌايو ته اسان کي ننڍي قد ننڍن هٿن جي ڪري ڪڏهن به تڪليف نه ٿي آهي اسان ڪنهن جا محتاج نه آهيون . اسان خوش زندگي گذاري رهيا آهيون هنن چيو ته نصرپور جي مسرور الحسن پرهياڙ اسانکي لطيف آباد جي خصوصي ٻارن جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو هو جتي اسان ٻه سال رهيا سين جن مان محمد عامر ۽ شهزاد علي نيٽ وارين ڪرسين مڻڻ جو هنر سکيا هن وقت اهي هتي به ڪم ڪن ٿا هنن ٻڌايو ته ڪم گھٽ آهي هڪ ڪرسي ٻن ڏينهن ۾ تيار ٿئي ٿي جنهن جواجورو ٻه سؤ روپياملي ٿو لطيف آباد جي اسڪول جي باري ۾ هنن چيو اسان اتي پهريون مهينو سٺي نموني گذاريو پر پوءِ سخت تڪليف ٿي اسان جا مائٽ ايندا هئا اهي پئسا ڏيندا هئا انهن مان سامان وٺندا هئاسين ناشتو اهڙُوملندو جنهن جي ڳالهه نه پڇو . هنن چيو ته اسان جا انٽرويو ڪيترائي وٺڻ آيا پراڄ ڏينهن تائين اسان جي ڪابه پرگھورنه لڌي ويئي آهي ياسر عرفات ٻڌايو هو ته مون کي اوقاف کاتي ۾ نوڪري ملي پر پگھار نه مليو پهرين مونکي پيتين تي پوءِ آفيس ۾ رکيو ويو مون ڇهه مهينا نوڪري ڪئي پرمون کي پگھارنه ملي هنن اهو ٻڌايو ته جڏهن سنڌ جواڳوڻو وزير اعلى سيد عبدالله شاهه نصرپور آيو هوجنهن اسان کي اجرڪ به پارايون هنيون اسان جي مطالبي تي اسان جي پيءُکي نوڪري ڏني جيڪو هن وقت نوڪري ڪري اسان جو پيٽ پالي رهيو آهي هتي اها ڳالهه واضع ڪجي ته ياسر عرفات ۽ محمد عامر ڀائر آهن شهزاد علي هنن جو سوٽ آهي هنن چيو ته اسان کي هن وقت سهاري جي ضرورت آهي اسان بيروزگار آهيون اسان جا مائٽ ڪيترو اسان کي سنڀاليندا هنن چيو ته اسان کي نوڪري ڏني وڃي جيئن اسان پنهنجي والدين جي مددڪري سگھون هنن چيو جيڪو قرب اسان کي شهروارن ڏنو آهي اسان ان کي وساري نٿا سگھون اسان کي ڪڏهن به اهو محسوس ٿيڻ نه ڏنو ته اسان هنن کان خاص آهيون ياسر عرفات چيو ته آئون بلڪل بيروزگار آهيان جڏهن ته منهنجو ڀاءُ ۽ سوٽ ڪرسين جو ڪم ڪندا آهن اسان کي رڳو آسرا ملن ٿا نه نوڪري نه ٿي ملي نه ئي وظيفو ٿو ملي هنن اهو به چيو ته هنر سکڻ مهل اسان کي خوشي ٿي ڇاڪاڻ ته هنروارو ڪڏهن به ڏکيو ڏينهن نه ڏسنمدوآهي اسان وٽ هن وقت ڪرسين مڻڻ جوڪم قسمت سان اچي ٿو ڄڻ اسان بيروزگار آهيون اسان کي ڪڏهن به ڪنهن قسم جي تڪليف نٿي ٿئي اسان ڪرڪيٽ راند جا شوقين آهيون اها اسان رهندا ۽ ڏسندا آهيون ۽ لغڙ اڏائڻ جي مقابلن ۾ به حصو وٺندا آهيون اسان جي خواهش آهي اسان شادي ڪريون اسان جي مائٽن جي به خواهش آهي اسان پنهنجي اولادجي شادي ڪرايون هنن چيو ته والدين اسان سان پيار ڪن ٿا اسان کي جيڪڏهن روزگار ملي وڃي ته اسان مائٽن جو سهارو بنجي سگھون ٿا هنن چيو ته اسان تبليغي جماعت سان به ملڪ جا چارئي صوبا گھميا آهن اتي جي ماڻهن جيڪواسان کي پيار ڏنو اسان ان کي وساري نٿا سگھون هنن چيو ته اسان جي وڏي خواهش آهي ته اسان پاڻ به حج يا عمرو ڪريون ۽ پنهنجي والدين کي به حج يا عمروڪرايون هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسان کي روزگار ڏنو وڃي هنن سرمائيدارن کي به گذارش ڪئي ته اهي اسان کي روزگار ڏين جيئن اسان روزگار سان لڳي سگھون پنهنجي والدين جي آسن اميدن کي پورو ڪري سگھون آخر ۾ هنن چيو ته اسان کي نماز پابندي سان پڙهڻ گھرجي ماءُ ۽ پيءُ جي عزت خدمت ڪريون جيئن انهن جي دعائن سان اسان کي جنت ملي سگھي