اڄ شام کان وٺي دوستن جا ميسيج پئي آيا ته ڏاکڻي سنڌ ۾ وري برساتن جي اڳڪٿي پئي ٿيئي۔ پر شڪر آهي ته بي بي سي تي صرف اڄ جي پيشنگوئي هئي جيڪا به نه وسي۔ اميد آهي ته اڳتي به الله رحم ڪندو۔ مس مس هينئر پاڻي لهڻ شروع ٿيو آهي۔ دعا آهي ته هر پاسي خير هُجي۔،
جواب: ڏاکڻي سنڌ ۾ وري برسات جا ڊپ! پوء به گهڻي پريشاني رهي ته پاڻي اڃان سُڪو ناهي ۽ وري هڪ نئين مصيبت ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ رب جي در دعا آهي ته هنن بارشن کان بچائي۔ ٻي صورت ۾ سيء وڌڻ سبب گهڻي پريشاني ٿيندي ۽ اهي ماڻهو جيڪي گهرن کان ٻاهر ڪئمپن ۾ پيا رهن وڌيڪ پريشان ٿيندا۔
جواب: ڏاکڻي سنڌ ۾ وري برسات جا ڊپ! ادا الله سائين اسان جي قوم تي رحم فرمائي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي حڪمرانن جا حال ڏسو ته ويچارن متاثرين جي سار لهڻ جي بجاء پاڻ ۾ نورا ڪشتي شروع ڪري ڏني اٿن