شاعري

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
ٿيو مسئلو ڪو نه حل زنــــدگي جو
اجھامي ويو نيــــٺ گل زنـــــدگي جو

وڪوڙِي ويا مرض واچوڙي وانگي
ڪٿان آيو اهو اجـــــــل زندگي جو

ڏکن زندگي کي نهـــــوڙي ڇــڏيو آ
ويو چين ســــــارو ستل زندگي جـو
ڪُنن ۾ ڪري پيو ڪناري نه پهتو
تريو ڪين ٻيڙو ٻڏل زندگي جو


ڏکي شاعري بڻجي وئي زندگي ڄڻ
نٿو لکجي مونکان غزل زنــدگي جو
گڏڪندڙ محمد مراد کوسو
 
جواب: شاعري

ڏکي شاعري بڻجي وئي زندگي ڄڻ
نٿو لکجي مونکان غزل زنــدگي جو

بهترين شاعري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top