شاعري

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
زماني جي سزا جي واٽ آهي
اها جيڪا وفا جي واٽ آهي

اسان جا لفظ ۽ ڳوڙها مسافر
وئي اڀ ڏي دعا جي واٽ آهي

اسان جي آهي فطرت انڪساري
اوهان چونڊي انا جي واٽ آهي

پچن ٿا پياس جا ڀٽڪيل مسافر
ڀلا ڪهڙي گهٽا جي واٽ آهي

کڻي ملهار هل تون سر تري تي
اها سچ جي صدا جي واٽ آهي

ملھار چانڊيو
 
جواب: شاعري

اسان جي آهي فطرت انڪساري
اوهان چونڊي انا جي واٽ آهي

لاجواب شاعري، ملهار غزل جو بهترين اڀرندڙ شاعر آهي
 
Back
Top