منهنجي ڳوٺائي، نوجوان شاعر وفا حاڪم علي وساڻ جو غزل پيش آهي جيڪو سندس ڪتاب اجرا ڳوڙها ميرا ڳل تان ورتل آهي۔
اجـرا ڳـوڙها، مـيرا ڳل
تو بن مون وٽ ڪهڙا پل
هڪ هڪ پل ڪيئن ٿو ڪٽجي
پرديسڻ کـي ڪهڙي ڪل
تنهنجي دوري باهه مثل
جلي جگر جي ٿي ڪونپل
گـذري اک ڇنڀ ۾ ويندو
ناهي جوڀـن کي ڪـا جهل
تنهنجي يادن ۾ وکريا
خواب ۽ نيڻن جا ڪاجل
پــيــار مســافــر آ حــاڪم
پـيرن ۾ ٿـس خــار لڳل
تو بن مون وٽ ڪهڙا پل
هڪ هڪ پل ڪيئن ٿو ڪٽجي
پرديسڻ کـي ڪهڙي ڪل
تنهنجي دوري باهه مثل
جلي جگر جي ٿي ڪونپل
گـذري اک ڇنڀ ۾ ويندو
ناهي جوڀـن کي ڪـا جهل
تنهنجي يادن ۾ وکريا
خواب ۽ نيڻن جا ڪاجل
پــيــار مســافــر آ حــاڪم
پـيرن ۾ ٿـس خــار لڳل
