• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ٽن ضلعي تنظيمن جو اجلاس ٽنڊو محمد خان ۾ ٿي گُذريو

نثارناز

سينيئر رڪن
ٽنڊو محمد خان ۾ ترقي پسند هائوس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ٽن ضلعن ، ٽنڊو محمد خان ، ٺٽو ۽ بدين جي ضلعي پارٽي جي عهديدارن جو اجلاس​


رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمد ناز​

آچر مورخه 30آڪٽوبر 2011 ع تي صُبح 11 وڳي ترقي پسند هائوس ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي 3 ضلعن ضلعو ٽنڊو محمد خان ، ضلعو ٺٽو ۽ ضلعو بدين جي ضلعي ڪاميٽين جو اجلاس سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪاميٽي جي رڪن محترم ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ٽنهي ضلعن جي تنظيمي معاملن کي ويچار هيٺ آندو ويو، پارٽيءَ جي ٽنهي ضلعن جي صدرن پنهنجي ضلعن ۾ بارشن جي تباهه ڪارين ۾ انسان ذات جي خدمت واري پارٽي جي فعال ڪردار جي باري ۾ رپورٽون ڏنيون ، ان کان علاوه سنڌ ترقي پسند پارٽي کي اڃان به عوام ۾ مقبول بنائڻ جي سلسلي ۾ مفيد ۽ موثر رايا ڏنا، هن اجلاس ۾ ٽنهي ضلعن جا ڪافي سارا عهديدار به شريڪ ٿيا جن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلع ٺٽي جو صدر غياث احمد ميمڻ . ضلع بدين جو صدر علي حيدر پنهور ناري تحريڪ جون ڪافي ناريون ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ترقي پسند ناري تحريڪ جي صدر محترما ثمينا خاصخيلي نائب صدر محترما فرزانه شاهه جي اڳواڻي ۾ پڻ شريڪ ٿيون جڏهن ته سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جا سارا عهديدار جنهن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جو صدررضا محمد خاصخيلي ، سيد سارنگ شاهه جنرل سيڪريٽري، محترم اقبال حاجاڻو، محترم منظور عادل سومرو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي هاري ڪاميٽي جو ضلعي صدر محترم محمد جمن سمون، خدمت سنڌ فائونڊيشن جو ڪوآرڊينينٽر محترم انيس صُبح پوٽو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شهر سان تعلق رکندڙ مرڪزي رهنما ڊاڪٽر احمد نوناري به شريڪ ٿيو، جنهن پنهنجي خيالن جواظهار ڪندي چيو ته سياست به هڪڙي عشق جو نالو آهي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي منشور ۾ سنڌ جي عوام جي بي لوث خدمت ڪرڻ جي ڳالهه آهي، سڀني سنڌ ترقي پسند جي اڳواڻن کان وٺي ڪارڪنن کي کپي ته انسانيت جي خدمت کي پنهنجو نصب العين بنائين۔ وچ ۾ مانجهاندي جي ماني جو وقفو ڪيو ۽ ڊاڪٽر احمد نوناري پاران سڀني آيل معزز مهمانن جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو ويو، مانجهاندي کانپو هڪڙي سوالن جوابن واري نشست پڻ ٿي جنهن ۾ هن اجلاس جي صدارت ڪندڙ سنڌ جي ڏاهي (پي ايڇ ڊي)ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ پارٽي جي ڪارڪنن پاران تنظيمي سوالن جا جواب ڏنا۔
پيش آهن هن تظيمي اجلاس جون ڪجهه تصويري جهلڪيون

377993_10150385482648216_794048215_8405691_740529234_n.jpg

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪاميٽي جو ميمبر محترم ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ ضلعي ڪاميٽي جي ميمبرن کي خطاب ڪري رهيو آهي

300981_10150385233048216_794048215_8404132_1226186493_n.jpg

سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري تقرير ڪري رهيو آهي

297089_10150385236598216_794048215_8404163_1590271660_n.jpg

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينا خاصخيلي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهي آهي۔

301506_10150385482443216_794048215_8405689_649492902_n.jpg

سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جو صدر رضا محمد خاصخيلي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي۔
314453_10150385222583216_794048215_8404082_526690702_n.jpg

سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٺٽو جو صدر غياث احمد ميمڻ خيالات جو اظهار ڪري رهيو آهي
379044_10150385256918216_794048215_8404392_300796278_n.jpg

سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي بدين جو صدر علي حيدر پنهور پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي
302317_10150385250228216_794048215_8404274_1413360683_n.jpg

هن اجلاس جي ڪاروائي هلائيندڙ سنڌ ترقي پسند ضلع ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري سيد سارنگ شاه ڪاروائي هلائي رهيو آهي۔
387908_10150385235208216_794048215_8404154_797254019_n.jpg

هن اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ناري تحريڪ جي نائب صدر محترما فرزانه شاهه پنهنجي ٻن ساٿي ڪارڪن نارين سان گڏ۔

293352_10150385235408216_794048215_8404155_611717332_n.jpg

ناري تحريڪ جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جو سينئر ميمبر محترم معظم ٽالپر، سيري شوگر ملز يونين (ترقي پسند پارٽي) جو صدر اقبال حاجاڻو۔
312904_10150385251203216_794048215_8404293_1952777861_n.jpg

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر کاهوڙي ڏاهو ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ سوالن ۽ جوابن واري نشست ۾ سوالن جا جواب ڏيئي رهيو آهي سندس پاسي ڊاڪٽر احمد نوناري به ويٺو آهي​
 
Back
Top