پاڪستان کي پاليندڙ سنڌ جا ماڻهو بدحال ڇو؟ رڪ سنڌي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ اصغر منگي طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2011۔

  1. اصغر منگي

    اصغر منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 آڪٽوبر 2011
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    پاڪستان کي پاليندڙ سنڌ جا ماڻهو بدحال ڇو؟

    رڪ سنڌي

    سنڌ ۾ غربت ان سطح تي وڃي پهتي آهي، جو هتان جا ماڻهو پنهنجو پيٽ پالڻ کان به لاچار بڻجي ويا آهن. سنڌ جي شهرن جي بازارن ۽ چوواٽن تي بک ۽ بدحالي سٽيل ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ لاءِ هوڪا ڏيڻ تي مجبور آهن. اوهان کي روز اهڙيون خبرون ۽ تصويرون اخبارن ۾ شايع ٿيل ملنديون جن ۾ مسڪين ماڻهو پنهنجا معصوم پٽ ۽ ڌيئرون وڪرو ڪرڻ لاءِ نظر ايندا. هيءَ اها ئي سنڌ آهي جنهن جا ماڻهو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ايترا ته خوشحال هوندا هئا جو هو پنهنجي مال متاع جو کير مکڻ به وڪرو ڪرڻ کي عيب سمجهندا هئا. ڳوٺ ۾ ڪو مهمان مڙو ايندو هو ته ان لاءِ هر گهر مان کير مکڻ موڪلڻ جي روايت موجود هوندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ مال متاع نه هوندو هو ته ڳوٺ جون عورتون ان گهر کي نه فقط لسي پر لسيءَ واريءَ چونئري ۾ مکڻ جو چاڻون وجهي موڪلي ڏينديون هيون. پر گذريل 63 سالن ۾ سنڌ کي ايترو ته غريب ۽ لاچار ڪيو ويو آهي، جو هتان جا ماڻهو کير مکڻ ته ڇا پر هاڻي پاڻي وڪڻڻ تي مجبور آهن. ان کان وڌيڪ غربت جي ٻي ڪهڙي شڪل هوندي جو هتان جا ماڻهو مجبور ۽ بي وس بڻجي پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن.
    سنڌ واسين سان مجبوري ۽ بي وسيءَ جي اها حالت ڪا قدرت طرفان پيدا ڪيل نه آهي، پر اهو سڀ هن ملڪ اندر سنڌ سان ناانصافين جو نتيجو آهي. قدرت ته سنڌ کي مڙني وسيلن سان مالامال ڪيو آهي. اهو سڀ ڪجهه سنڌ اندر موجود آهي، جنهن سان هڪ ملڪ سکيو ستابو ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي ماڻهن کي بهتر زندگي گذارڻ لاءِ مڙئي سهوليتون ۽ آسائشون نصيب ٿي سگهن ٿيون. پر سنڌ سڀ ڪجهه هوندي لاچار ۽ محروم بڻائي وئي آهي.
    سنڌ پاڪستان جو اهو اڪيلو صوبو آهي. جنهن وٽ هر قسم جا وسيلا موجود آهن. مٺو پاڻي، ذرخيز زمين، ٻيلا، تيل، گئس، ڪوئلو، بندرگاهه ۽ ٻي معدني دولت جنهن نموني سنڌ کي نصيب ٿي آهي، اهڙو نصيب پاڪستان ۾ موجود ڪنهن ٻئي صوبي جي حصي ۾ نه آيو آهي. ان جي باوجود سنڌي ماڻهن کي انهن وسيلن مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي زندگي بهتر ڪرڻ کان محروم ڪيو ويو آهي.
    سرڪاري انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ تيل جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 56.36 سيڪڙي کان مٿي آهي. اهڙي طرح ملڪي گئس جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 70.77 آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ ڪوئلي جي ذخيرن مان وڏي ۾ وڏا ذخيرا سنڌ ۾ موجود آهن. ڪوئلي جي ملڪي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. سنڌ ۾ رزرو ڪوئلو 88.7 سيڪڙو، رزرو گئس جو ذخيرو 58 سيڪڙو ۽ رزرو تيل جو ذخيرو 40 سيڪڙو آهي. اهڙي طرح ملڪ جي روينيو پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 70 سيڪڙو آهي. نه فقط معدني وسيلا پر سنڌ پنهنجي بندرگاهن جي اُپت کان محروم ڪئي وئي آهي.
    سنڌ سان وک وک تي ناانصافيون ٿيون آهن، ڪهڙو شعبو آهي، جنهن ۾ هتان جي ماڻهن جي نڙيءَ تي نهن نه ڏنو ويو هجي. پر هتي اسان فقط سنڌ جي معدني دولت ۽ وسيلن جي سلسلي ۾ سنڌ سان ٿيل ويڌن جو ذڪر ڪنداسين.
    سنڌ ۾ توانائي جو هٿرادو گهوٽالو
    وفاقي حڪومت جي مهيا ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 6 هزار 500 ميگاواٽ بجلي پئدا ٿئي ٿي. جيڪا سنڌ جي ضرورتن کان وڌيڪ آهي. ڇاڪاڻ ته حيسڪو کي پنهنجن مڙني صارفين لاءِ 1300 ميگاوٽ بجلي جي ضرورت آهي. جڏهن ته ڪي اي ايس سي کي ڪراچيءَ جي صارفين کي مهيا ڪرڻ لاءِ 2 هزار ميگاوٽ بجلي جي ضرورت پوي ٿي. سنڌ جي عوام کي توانائي مهيا ڪندڙ ادارن جي مجموعي ضرورت 3300 ميگاوٽ آهي. سنڌ پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ بعد 3200 ميگاواٽ بجلي وڌيڪ پئدا ڪري ٿي. جيڪا ٻين صوبن ۽ خاص ڪري پنجاب کي مهيا ڪئي وڃي ٿي. حڪومت جي مٿي ڏنل انگن اکرن موجب سنڌ بجلي واري شعبي ۾ خودڪفيل آهي پر ان جي باوجود پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي گهٽ بجلي مهيا ڪري سنڌ جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو پيو وڃي. سنڌ جي شهرن ۾ ڏهاڙي 9 کان 10 ڪلاڪ ۽ ڳوٺن ۾ 15 کان 16 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. سنڌ کي پنهنجي بجلي واري پيداوار کي پنهنجي عوام لاءِ استعمال ڪرڻ جي به اجازت نه ٿي ڏني وڃي. اهو سڀ ان ڪري پيو ٿئي ڇاڪاڻ ته بجلي وارو شعبو مرڪز جي ڪنٽرول هيٺ آهي. جتي ويٺل پنجابي ڪامورا شاهي سنڌ کي پنهنجي ئي پيداوار کي محروم رکي معاشي طور مفلوج ڪري رهي آهي. پاڪستان اندر ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ توانائي جو بحران وڌيڪ آهي. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته سنڌ جي پيداوار مان پهريان سنڌ جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن ها، ان بعد باقي بچيل بجلي ٻين صوبن کي مهيا ڪري ان جو معاوضو سنڌ کي ادا ڪيو وڃي ها، جيئن سنڌ جا ماڻهو معاشي بدحالي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن ها. پر پاڪستان جي موجوده ڍانچي ۾ جڏهن سڀ اختيار مرڪز جي نالي هڪ صوبي پنجاب وٽ آهن، ان صورتحال ۾ انصاف جي اميد نظر نه ٿي اچي. سنڌ ۾ توانائي جو هٿرادو بحران سبب صنعتون بند ٿي ويون آهن. جنهن سبب لکين پورهيت بي روزگار ٿي ويا آهن. بجلي تي هلندڙ ننڍا ننڍا ڪاروبار ٺپ ٿي ويا آهن. بجلي جي کوٽ سبب ٽيوب ويل نه هلڻ سبب زرعي معيشت تباهه ٿي وئي آهي. سنڌ حڪومت جي هن معاملي تي لڳاتار ڪن لاٽار سنڌ جي عوام منجهه ڪاوڙ کي جنم ڏئي رهي آهي. سنڌ جي چونڊيل نمائندن سميت ٻين سنڌ دوست پارٽين کي هن معاملي تي سگهارو آواز بلند ڪرڻ گهرجي ۽ واپڊا کي ٽوڙي صوبن حوالي ڪرڻ جي گهر ڪرڻ گهرجي. جيئن سنڌ جي عوام کي هن ناانصافيءَ کان نجات ملي سگهي.
    تيل جي پيداوار جي مالڪيءَ کان محرومي
    پاڪستان ۾ تيل جا سڀ کان وڏا ذخيرا سنڌ ۾ موجود آهن. سال 2007ع جي سرڪاري انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ تيل جي مجموعي پيداوار 24.61 ملين بيرل سالياني آهي. سنڌ مان تيل جي پيداوار 13.87 ملين بيرل آهي، جيڪا ملڪ جي مجموعي تيل جي پيداوار جو 56.36 سيڪڙو آهي. جڏهن ته پنجاب ۾ تيل جي پيداوار 7. 85 ملين بيرل يعني ملڪي پيداوار جو فقط 31.91 سيڪڙو آهي. اهڙي طر خيبر پختون خواه صوبي مان 2.8 ملين بيرل يعني 11.61 سيڪڙو تيل ملي ٿو. جڏهن ته بلوچستان مان 0.02 ملين بيرل تيل يعني فقط 0.1 سيڪڙو ملي ٿو. ٽنهي صوبن جي مجموعي پيداوار کان سنڌ ۾ تيل جي پيداوار 6.36 سيڪڙو وڌيڪ آهي. سنڌ مان نڪرندڙ تيل جي اپت تي سنڌ جي مالڪي تسليم نه ٿي ڪئي وڃي. جنهن ڪري سنڌ جا ماڻهو وسيلن جي باوجود غربت، بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار آهن. هتان جو عوام سالن کان اها گهر ڪري رهيو آهي ته سنڌ جي وسيلن تي هتان جي عوام جي مالڪي تسليم ڪئي وڃي. ان لاءِ اسيمبلين سميت مڙني عوامي فورمن تان آواز بلند ڪيو ويو آهي. پر وفاق ۽ خاص ڪري پنجاب سنڌ جي وسلين کي سنڌي ماڻهن جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. تيل ۽ ٻين معدني
    آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪارپوريشن لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) تي اصل مالڪي ۽ اختيار ان صوبي جو هجڻ گهرجي جتان وڌيڪ تيل ۽ گئس ملي ٿي، پر هي ڪارپوريشن مرڪز جي ضابطي هيٺ هجڻ ڪري سنڌي ماڻهن لاءِ ممنوع بڻيل آهي. او جي ڊي سي ايل جا دروازا سنڌ جي ماڻهن لاءِ بند ڪيا ويا آهن. ڪارپوريشن ۾ 99 سيڪڙو وڏا ڪامورا پنجاب ۽ خيبر پختون خواهه سان تعلق رکن ٿا. هيٺين ملازمتن ۾ به سنڌي ماڻهو اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ ۾ تيل جي کوهن تي مقرر ٿيندڙ هيٺيون اسٽاف به پنجاب مان گهرائي مقرر ڪيو وڃي ٿو. مقامي ماڻهو پنهنجن گهرن ڀرسان پئدا ٿيندڙ ملازمتن جي موقعن کان محروم ڪيا ويا آهن. ملڪ کي 56.36 سيڪڙو تيل مهيا ڪندڙ صوبي ۾ تيل صاف ڪرڻ جا ڪارخانا به نه ٿا لڳايا وڃن، متان ان ذريعي سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وسلين تي انڌي منڊي مالڪي ماڻي سگهن. سنڌ جي جن علائقن ۽ ضلعن مان لکين بيرل تيل حاصل ٿئي ٿو، اتي جو عوام غربت جي لڪير کان به هيٺ واري زندگي گذاري رهيو آهي. تيل جي پيداوار ڏيندڙ ضلعن ۾ عوام تعليم، صحت، صاف پاڻيءَ ۽ روزگار جي سهوليتن کان محروم آهي. جڏهن سنڌ جي وسيلن تي ٻين صوبن ۾ ترقي ۽ تعمير جو عمل جاري آهي. ان سلسلي ۾ مڙني بين الاقومي قانونن ۽ قاعدن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي.
    گئس جي پيداوار تي ڌارين جو قبضو
    سنڌ ملڪ جي مجموعي گئس پيداوار جو 70.77 سيڪڙو پئدا ڪري ٿي. سنڌ مان 10 لک ڪيوبڪ فوٽ گئس ملي ٿي. جيڪا ڪل ملڪي پيداوار جو 70.77 سيڪڙو ٿئي ٿي. جڏهن ته پنجاب مان 68 هزار 608 ڪيوبڪ فوٽ (4.58 سيڪڙو)، سرحد مان 26 هزار 370 ڪيوبڪ فوٽ (1.86 سيڪڙو) ۽ بلوچستان مان 3 لک 18 هزار ڪيوبڪ فوٽ (22.50 سيڪڙو) گئس ملي ٿي. سرڪاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ مان ملندڙ گئس ۾ سنڌ جو حصو تقريبن 80 سيڪڙو بيهي ٿو. جڏهن ته سنڌ ۾ رزرو گئس جا ذخيرا باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ 58 سيڪڙو آهن. سنڌ مان 77 سيڪڙو گئس ملي ٿي، سنڌ کي رڳو 33 سيڪڙو گئس فراهم ڪئي وڃي ٿي. باقي سنڌ جي 38 سيڪڙو گئس ٻيا صوبا ۽ خاص ڪري پنجاب استعمال ڪن ٿا.
    ڪوئلي جي صورت ۾ ڪاري سون تي مالڪي کان محرومي
    سڄي ملڪ ۾ وڌ کان وڌ ڪوئلي جا ذخيرا سنڌ ۾ موجود آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ استعمال هيٺ ڪوئلي جي ذخيرن جي ڪل ملڪي پيداوار 4.87 ملين ٽن آهي. جنهن ۾ سنڌ ۾ ڪوئلي جي پيداوار 2.01 ملين ٽن آهي. ڪوئلي جي ملڪي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 41 سيڪڙو آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ ڪوئلي جا رزرو ذخيرا سڄي ملڪ جي ڀيٽ ۾ 88.7 سيڪڙو آهن. سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ ڪوئلي جا وڏي ۾ وڏا ذخيرا مليا آهن. جنهن مان پيدا ٿيندڙ بجلي ملڪ جون ڪيئي سو سالن تائين ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿي. ڪوئلي جي ذخيرن تي به سنڌ جي مالڪي تسليم نه ٿي ڪئي وڃي. جيڪڏهن سنڌ جي ڪوئلي جي پيداوار سنڌ تي خرچ ڪئي وڃي ته سنڌ ۾ ايتري خوشهالي اچي سگهي ٿي، جيتري هن وقت عرب ملڪن ۾ تيل جي پيداوار سبب آهي. پر افسوس جو سنڌ کي پنهنجي پيداواري وسيلن کان محروم ڪيو آهي. وفاق جي نالي تي سنڌ جي وسيلا ٻين صوبن ۽ خاص ڪري پنجاب تي خرچ ڪيا پيا وڃن.
    مٿي ڏنل انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته پاڪستان جي سموري معيشت جو دارومدار سنڌ جي وسيلن تي آهي. پاڪستان سنڌ کي نه پر سنڌ سموري پاڪستان کي پالي رهي آهي. پنجاب، خيبر پختون خواهه ۽ بلوچستان پاڪستان کي ڪجهه ڏئي نه پر وٺي رهيا آهن. سنڌ ئي اڪيلو صوبو آهي جيڪو پاڪستان کان ڪجهه به نه پيو وٺي پر پنهنجي ٻچن جو پيٽ ڪاٽي ٻين صوبن کي پالي رهيو آهي. سنڌ ڪنهن به صوبي جو ڪوبه پيداواري وسيلو استعمال نه ٿي ڪري پر ٻيا صوبا سنڌ جي وسيلن تي پلجي رهيا آهن. ان هوندي به سنڌ سان روز بروز وڌندڙ ناانصافين ۽ ارهه زوراين سان هتان جي عوام منجهه اهو احساس تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ته هنن کي اڪيلو ۽ ڪنڊائتو ڪري فنا ڪرڻ جون شعوري ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان صورتحال ۾ هو هاڻ پاڻ کي زنده رکڻ جون تدبيرن اختيار ڪرڻ ۾ رڌل آهن. هو ان سڄي صورتحال کي منهن ڏيڻ جا گس ۽ واٽون تلاش ڪري رهيا آهن. هي روز سنڌ جي شهرن جي چوواٽن ۽ رستن روڊن تي مڇريل ماڻهن جا پرامن مظاهرا ڪنهن تبديليءَ جو ڏس ڏئي رهيا آهن، جنهن کي هن ملڪ جا حڪمران ڏسڻ ۽ سمجهڻ کان قاصر آهن. ڇاڪاڻ ته هنن ڪڏهن به تاريخ جي ٿڦڙ مان سبق نه سکيو آهي. هنن ته بنگلاديش جي قيام وارن سببن کي به وساري ڇڏيو آهي. هو فقط اڄ کي ڏسي رهيا آهن، سڀاڻي جي هنن کي ڪابه پرواهه نه آهي. ڇاڪاڻ ته هنن دنيا جي انقلابن مان سبق نه سکيو آهي. هو غلطين مان سکڻ واري ڏينهن ڄاوا ئي نه آهن.
    سنڌ جي وطني حيثيت کان مڪمل انڪار، ان جي ٻولي ۽ ثقافت کي ملياميٽ ڪرڻ، ان جي ڌرتيءَ تي والار، وسيلن تي قبضو ۽ جيئڻ جا سڀ دڳ پنهنجي قبضي ۾ رکي؛ کين چيو پيو وڃي ته هو ملڪي وحدت ۽ استحڪام جي نالي تي محرومين تي ماتم ڪرڻ بدران جشن ملهائين. پر بکيو پيٽ امن جي ضمانت نه نٿو بڻجي سگهي. سڄي دنيا ان ڳالهه جي شاهد آهي ته بکين پيٽن بغاوتن ۽ انقلابن کي جنم ڏنو آهي.
    ***
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پاڪستان کي پاليندڙ سنڌ جا ماڻهو بدحال ڇو؟ رڪ سنڌي

    تمام سٺو مضمون آهي جنهن ۾ انگ اکر به مهيا ڪيا ويا آهن ۔۔۔۔۔۔۔

    واقعي سنڌ سان زيادتن جي انتها آهي، قدرتي وسيلن سان مالامال سنڌ جا ماڻهو فاقه ڪشي ۽ خودڪشي ڪري رهيا آهن پر مالامال صوبي جا ماڻهو يتيم ۽ بي واها آهن۔

    ڪاش قوم پاڻ ۾ اتحاد پيدا ڪري ۽ انهن سڀني ڳالهين کي سمجهي پنهنجي حقن جي حاصلات لاء جدوجهد شروع ڪري ۔
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: پاڪستان کي پاليندڙ سنڌ جا ماڻهو بدحال ڇو؟ رڪ سنڌي

    ادا ڪهڙا سور پٽجن سوچيو هيو سين سنڌ جو صدر ٿيو آهي هاڻ ڪجهه سنڌ جو ڀلو ٿيندو پر پاڻ وارو يار ته صدارتي محل مان ٻاهر ئي ڪون نڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جي نڪري ته صرف ٻاهرين دوري جي لاء

    سنڌ سان اهي ويساه گهاتيون هر دوئر ۾ ٿينديون رهيون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ يتيم لڳي پئي آهي ڪو والي وارث ڪون آهي ۔۔۔۔۔۔
    سنڌي قوم کي متحد ٿي پنهنجي حقن لاء جدوجهد ڪرڻي پوندي
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: پاڪستان کي پاليندڙ سنڌ جا ماڻهو بدحال ڇو؟ رڪ سنڌي

    ادا اصغر منگي صاحب اسلام عليڪم۔توهان جو ليک تمام گهڻي محنت تي مبني آهي۔بيشڪ سڄو پاڪستان ۽ سنڌ خصوصي تمام گهڻن معدنيات سان مالامال آهي۔سنڌ جي معدنيات ۽ تيل مان سنڌ جي سٻاجهڙن ماڻهون کي ايترو فائدو حاصل نه ٿو ٿئي جيترو هنن کي ٿيڻ گهرجي۔مايوسي گناه آهي انشاالله الله پاڪ تمام جلدي ارباب اختيار کي نيڪ هدايت ڏيندو ۽ سنڌ جي ڏتڙيل عوام جي داد رسائي ٿيندي ۔آمين۔توهان جو ليک سنڌي ماڻهن سان محبت ڪرڻ وارن لاء تمام گهڻي معلومات رکي ٿو۔توهان جي مهرباني۔پنهنجي لکڻ جي صفت کي زنگ نه لڳڻ ڏجو ۽ جلدي ٻيا ليک به هن اڳڻ تي چٽي جو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو